Monday, December 26, 2022

ڪراچيءَ جو صبح - وحيدمحسن

ڪراچيءَ جو صبح

ڪھاڻي

وحيدمحسن



صبح سوير جڏهن جاڳ ٿي ته بستري کي الوداع ڪندي پنھنجا نيڻ مھٽي اٿيس ۽ تازي ھوا جھٽڻ لاءِ گهر جي آڳنڌ تي ھليو آيس؛ پکي پنهنجن گهروندن مان اڏامي فضا ۾ سھڻيون پر ڪشش لاتيون ڪري رھيا ھئا! جھرڪين جي چون چون ۽ ڪانون جي ڪان ڪان ۽ ٻير جي وڻ تي ويٺل بلبلن جي ٻولي تي منهنجي گهر واري سحر به سجاڳ ٿي پئي ھئي ۽ ھٿ منهن ڌوئي رڌڻي ڏانهن ھلي ويئي مون کان پڇندي چيائين: “سرمد جا پيء اوھان لاءِ به چانه تيار ڪيان؟”


مون سحر کي ھاڪار ڪندي چيومانس: “تنهنجي ھٿن جي چانه کان ڪيئن انڪار ڪندس! ۽ مون کي ان جي ٻاڙ به ھئي-”

ڪجهه منٽن کانپوءِ ھوءَ مون ڏانهن مسڪرائيندي پنهنجي ساھن سان گلابن جھڙي سڳنڌ پکڙيندي چانه جا ٻه ڪوپ ۽ ڪجهه بسڪيٽ گهر جي آڳنڌ ۾ رکيل ٽيبل تي منهنجي سامهون رکيائين؛ اسان گڏجي چانه سان گڏ چاھت ڀري ڪچھري جو لطف به ماڻي رھيا ھئاسين! اھڙن سھڻن شفق وارن ڇانورن جي لمحن ۾ گرم گرم چانه جون سرڪيون ڀريندي پنهنجي جوڀن وارن ڏينهن کي ياد ڪري سمنڊ جي گهرائي وانگي؛ سوچن جي صليب تي ھليا وياسين!

ڪجهه لمحن جي خاموشي کانپوءَ وري ڳالھائڻ شروع ڪيون سين ته اھا گفتگو موتيي جي مھڪ جھڙي بڻجي ويئي!---

اسان جي سامهون ڌرتيء جي ھنج ۾ املتاس جو وڻ بيٺل ھو جنهن مان تازي ھوا جا جھوٽا گذري اسان جي وجود کي ڇھندي تازگي بخشي رھيا ھئا ۽ املتاس جا پن ھوا تي گنگنائي رقص ڪري رھيا ھئا! گهر ۾ اسان جا ٻار اڃان ننڊ جي آغوش ۾ ھئا -

 ڪراچيء جو صبح به تمام گهڻو حسين ٿئي ٿو ۽ فطرت پنھنجي طلسمات جا رنگ پکيڙي وجودن کي مھڪائي وجهي ٿي؛ آسمان تي ڪجهه سفيد ۽ ڪارا بادل ڪمال جو ڏيک ڏين پيا اھڙي حسين لمحي ۾ سر ۽ تال سان گھلندڙ ھوا باغن مان جوان گلن جو واس کڻي منهنجي وجود ۾ پيار جون چھنڊڙيون پائي رھي ھئي! ---

تنھن پل مون کي ايراني خوبصورت ڳائڻي خانم گگوش جي سامهون ورانڊي ۾ لڳل تصوير مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رھي ھئي ۽ مون تي عجيب ڪيفيت برپا ٿي رهي ھئي!

نيلم مون کي گھوريندي چيو پئي: “سرمد جا پيءُ آخر ان خانم گگوش جي تصوير ۾ ڪھڙي ڇڪ آهي جو توهان ھميشھ ان ڏانهن ڇڪجي ويندا آهيو ---؟”

مون نيلم کي چيو: “ان جي بادامي اکين ۾ ڪنهن حسين واديءَ جا خوبصورت منظر مون کي نظر ايندا آهن ۽ ھوءَ جڏهن ڳائيندي ھئي نه --- ته ھزارن جي ڳاڻيٽي ۾ ماڻهو انهيءَ خانم گگوش کي ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيندا ھئا- مون کي محسوس ٿيندو آهي ته؛ مان سرن جي آلاپ جي گونج تي ان ڏانهن ڇڪجي پنڊ پھڻ ٿي ويندو آهيان اھو ان جي خوبصورتيء جو ڪمال آهي گھٽ ۾ گھٽ آئون ته ان جو انڪاري نٿو ٿي سگھان!---

نيلم تون جڏهن منهنجي جسم کي ڇھي انھيءَ پر لطف ڪيفيت مان مون کي ٻاهر ڪڍي ايندي آهين؛ تڏهن مان تو کي پنهنجن ٻانهن ۾ جڪڙي ڪجهه لمحن جي لاءِ جوانيءَ جي احساس کي جاڳائي ويھندو آهيان ۽ تون ڀي موناليزا واري مرڪ وکيري منهنجي نيڻن جي سمنڊ ۾ بي ساختا تڙڳي پوندي آهين ۽ پوءِ پيار جون بوندون وسائي منهنجي چپن تي پنھنجا ٻرندڙ چپ رکي جون جي گرميءَ جھڙو احساس ڏياري ڪيئن نه منهنجي بدن تي ريشمي ٿان جيان وڇائجي ويندي آهين!!

ان جو احساس ته جوان جسم محسوس ڪندا آهن؛ اھڙي ڪيفيت برپا ٿيڻ کانپوءِ مان به خود بخود وڻ ويڙھيءَ جيان تنهنجي جسم تي ويڙھجي ويندو آهيان ان وقت منھنجو وجود جوان ٿي پوندو آهي؛ منهنجي من ۾ اھا خواھش جنم وٺندي آهي ته ڪراچيءَ جو اھڙو صبح ھميشھ مون کي جواني عطا ڪندو رهي!!”

نيلم تنهن وقت مرڪي شرمائجي ويندي آهي ۽ منهنجي نرم ڀاڪر جي پڪڙ سخت ٿي ويندي آهي.

No comments:

Post a Comment