Saturday, December 17, 2022

جن - ڪليم ٻُٽ

جن

افسانو

ڪليم ٻُٽ



وڪرم اڄ پڪو پيهه ڪري ڇڏيو ته هو اڪرم جي ڪال اٽينڊ نه ڪندو، گذريل ڪجهه ڏينهن کان وڪرم کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته اڪرم اجايو هن جو وقت وڃائي رهيو هو. اهڙو احساس هن کي ٽيهه سالن جي دوستي ۾ اڳ ڪڏهن ڪونه ٿيو هو، پر جڏهن کان اڪرم پوڙهائپ ۾ گهوڙي چڙهي پاڻ کان ڏهه سال ننڍي زال گهر وٺي آيو، ان ڏينهن کان وڪرم کي اڪرم جون ڳالهيون عجيب لڳڻ لڳيون. شادي کانپو اڪرم هن سان رڳو ڳجهارتن ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ ٻٽي معني واريون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ايئن ته ٻئي يار فلسفي جا پروفيسر هئا ۽ جڏهن پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ ويهندا هئا ته لڳندو هو ڄڻ ارسطو ۽ افلاطون هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هجن. پر اڪرم جي اوچتي شادي کانپو وڪرم کي هوريان هوريان احساس ٿيڻ لڳو ته هاڻي هنن جي ڪچهري ۾ اهو مزو نه رهيو هو، جنهن جي ڪري هن فيصلو ڪري ورتو ته هاڻي هو اڪرم سان ملڻ گهٽائي ڇڏيندو ۽ اڄ ته پڪو پيهه ڪري ويٺو ته ڪجهه به ٿي پئي پر اڪرم جي ڪال اٽينڊ نه ڪندو. هوريان هوريان سج لهڻ لڳو ته هن جي بي قراري به وڌڻ لڳي ۽ نه چاهيندي به اڪرم جي ڪال جو انتظار ڪرڻ لڳو. هن هڪ ٻه ڀيرا تجسس مان موبائيل ڏانهن ڏسي اهو پڪ ڪئي ته ڪٿي اڪرم جي ڪال ته نه آئي. نيٺ 7:30 لڳي هن جو فون وڄڻ لڳو، هن موبائيل ۾ ڏٺو، کيس اڪرم جو نمبر نظر آيو، هن فون کڻي ”هيلو“ ڪيو.


”ڪٿي پهتو آهين؟“ اڪرم پڇيس.

”اڃا گهر آهيان.“ وڪرم جواب ڏنس.

”پو تڪڙ ڪر نڪري اچ.“ اڪرم چيس. وڪرم هن کي منع نه ڪري سگهيو ۽ فون ڪٽي هن ڏانهن نڪري پيو.

ٻئي يار ڊرائنگ روم ۾ ويٺا، ڪمرو سگريٽن جي دونهين ۽ ايش ٽري ٽوٽن سان ڀريل هو، ويٺي ويٺي اڪرم هن کان سوال ڪيو:

”جن جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟“ اڪرم جو اهو سوال ٻڌي وڪرم جون اکيون حيراني ۾ ٻاهر نڪري آيون ۽ سوچيائين هن حرامي تي وري مذهبي دورو پيو آهي، هاڻي جان ڪونه ڇڏيندو.

”ڇا ٿيو ٻڌا نه جن جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟“

”ان نالي ڪنهن به تخليق کان مان واقف نه آهيان.“ وڪرم سنجيدگي سان جواب ڏنس.

”پو تو جهڙو بدنصيب انسان هن دنيا ۾ ٻيو ڪوبه نه هوندو.“ اڪرم اکيون بند ڪري ڪش هڻندي چيس. اهو ٻڌي وڪرم ويتر وائڙو ٿي ويو ۽ ڳيت ڏئي چيائينس:

”چئبو توکي جن نالي تخليق تي ويساهه آهي!“

”نه رڳو ويساهه پر مون ان جي طاقت به ڏٺي آهي، مون ته ان جي ٽن قسمن کي هٿ ۾ به پڪتو آهي....“ اڪرم چيس.

اهو ٻڌي وڪرم ويتر وائڙو ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو اڪرم عورت بدران پڪ ڪنهن ڏائڻ سان شادي ڪئي هوندي، جيڪا هن اهڙيون ابتيون سبتيون پٽيون پڙهائيندي هوندي، ايئن به وڪرم جنهن سماج جو فرد هو اتي عورتن تي ان قسم جو شڪ ڪرڻ عام جام هو.

”۽ مونکي پوري پڪ آهي ته تنهنجو واسطو به جن سان پوندو رهندو آهي.“ اڪرم هن کي ڏسندي چيو.

”نڪو پيارا اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي....“

”اٿ حرامي ڊرائي جن ته هڪ ساهي ۾ پي ويندو آهين، سفائر تي سڄي رات نچندو آهين ۽ سلور ٽاپ شلوار ۾ لڪائي گهر به کڻي ويندو آهين ۽ چئين ٿو جن سان واسطو نه پيو آهي.“ اهو ٻڌي وڪرم وڏو ٽهڪ ڏيندي اڪرم کي بجو ڏنو. ايتري ۾ ٻاهرين در جي گهنٽي وڳي.

اڪرم اٿي ٻاهر ويندي چيس: ”اوهيو اچي ويو پنهنجو جن...“

ان تي وڪرم مرڪندي چيس: ”ارسطو جا ڀٽڪيل روح پنهنجو گرامر صحيح ڪر، پنهنجو ”جن“ آيو ڪونهي پر آئي آهي.“

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment