Sunday, September 29, 2019

ٽارگيٽ ۽ ذائقو


ٽارگيٽ ۽ ذائقو
مختصر ڪھاڻي
نامعلوم
”ٽارگيٽ پورو نه ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻھوءَ جي زندگي ۾ دنياوي رنگ ۽ ذائقي جي ڪا به خبر نه پوندي آ“. ھڪ بئنڪر ان مد ۾ دليل ڏيندي چوڻ لڳو؛ ”رات مون فرج مان گدرو ڪڍي، وڍي کائي ڇڏيو. صبح جو سوير مون واري زال پئي پڇي؛ مئو ڪدو فرج ۾ رکيو ھيم. نڀاڳو الائي ڪاڏي گم ٿي ويو.“

ڏھاڙي ۽ ننڊ - مٺل جسڪاڻي


ڏھاڙي ۽ ننڊ
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
موڪل جو ڏينھن ھو. پنھنجي مرضيءَ سان اٿڻ جي اختيار باوجود، معمول واري وقت تي اک کليس... ٻيھر سمھي ننڊ ڪرڻ لاءِ، اکيون بند ڪري ڇڏيائين. رکي رکي پاسا پئي ورايائين، پر نه ننڊ پئي آيس ۽ نه وڌيڪ ليٽيل رھي پئي سگهيو...
معمول وانگر، صبح جو جاڳ ٿيس. عام معمول جي ڪرت ڪري، ليپ ٽاپ کولي ويھي رھيو...

Sunday, September 22, 2019

پنهنجو پاڻ سان به ملجي ڪڏهن


پنهنجو پاڻ سان به ملجي ڪڏهن
هڪ ڪالم هڪ ڪھاڻي
ضراب حيدر
Image result for beads meaning in urdu
ڪي مهينا ڪي سال گذري ويا. اُها فرصت ئي نه ملي جو پنهنجو پاڻ سان ملجي.
وقت ۽ حالتون، ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن ڪيڏو بيگانو، ڪيڏو اجنبي بڻائي ڇڏينديون آهن، جو پنهنجي اندر جو آواز به ڪنهن قبرستان جي صدا لڳندو آهي. هر ماڻهوءَ جو ننڍپڻ ڪيڏو نه شاندار هوندو آهي، ڪيڏو نه سندس اختيار ۾ هوندو آهي، هو جيئن چاهيندو آهي ڪري سگهندو آهي.

سچار ڪردار سچيون ڪھاڻيون


سچار ڪردار سچيون ڪھاڻيون
سلطانہ وقاصي جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جانور“
محمد سليمان وساڻ
نامياري ليکڪا ۽ شاعر سلطانا وقاصيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جانور“ منھنجي هٿن ۾ آهي. جنھن ۾ ڪل ٽيھ (۳۰) ڪھاڻيون ڏنل آهن. ھي ڪھاڻيون ڇا آھن؟ سنڌ جي معاشرتي، سياسي، علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جو ڄڻ تہ ڪيڏارو آھن. سندس ھن ڪتاب ۾ ڪجه تہ سندس ڄاڻ سڃاڻ وارن ڪردارن جا سچا واقعا پڻ ڏنل آھن ۽ ڪجه ڪردار اھي بہ آھن، جيڪي اسان جي چوڌاري موجود آھن. سندس شروعاتي لکڻيون جيڪي، ۱۹۷۰ع واري ڏھاڪي ۾ ڇپيون ھيون سي پڻ ھن ڪتاب ۾ شامل آھن.