Tuesday, May 8, 2012

لاڙڪاڻي جا صاحبِ ڪتاب ڪهاڻيڪار - جيئل اوڏ


لاڙڪاڻي جا صاحبِ ڪتاب ڪهاڻيڪار

جيئل اوڏ
لاڙڪاڻي جي ڪھاڻيڪارن جا تمام وڏا نالا آهن، انھن ۾ اهي ڪھاڻيڪار به آهن جن جي ڪھاڻين جا مجموعا شايع ٿي نه سگهيا آهن. انھن ۾ ڪيترا ئي صاحب حيثيت به آهن پر خبر نه آهي ته انھن ڪتاب شايع ڇونه ڪرايا آهن. ۽ انھن جون ڪھاڻيون ماهوار ايندڙ رسالن جي زينت بڻجن ٿيون. خاص ڪري ماهوار ”سوجهرو“ جنھن ۾ محترم اختر جانوري جون ڪھاڻيون لاڳيتو ڇپجنديون رهن ٿيون. پاڻ پراڻا ليکڪ آهن پر سائين جن جو مڪمل ڇپيل ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيل ڪونهي. ڪھاڻيڪار مرحوم انور پيرزادي جو به ڪھاڻين جو ڇپيل ڪتاب موجود ڪونهي. ٻين ڪھاڻيڪارن، جھڙوڪ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ذوالفقار راشدي (پير جو ڳوٺ)، مختيار سمون،  امان راهي، قدير شيخ، انور جوکيو، مختيار جانوري، ممتاز عباسي، اشفاق منگي، اصغر سنڌي، عادل عباسي، رضوان گل، جھانگير عباسي، محمد علي پٺاڻ، غلام مصطفى مشتاق، ممتاز ابڙو، يامين بلوچ، عنايت ميمڻ، عامر ميمڻ، اشتياق انصاري، بدر ڌامراهو، اياز گاد، منظور جوکيو، شبنم موتي ڌيءَ عبدالمنان قاضي وڪيل. ٻن مجموعن جيتريون ڪھاڻيون سرجيندڙ مرحوم غلام سرور منگي ڳوٺ نئين گُڏ ڏوڪري جو رهواسي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي ڪھاڻيڪار هوندا جن جا نالا مون کي ملي نه سگهيا ۽ جيڪي ڪھاڻين جا ڪتاب ڇپجي نه سگهيا آهن يا اهي ڪتاب منھنجي نظر مان گذري نه سگهيا آهن، ان لاءِ آءٌ معذرت خواهه آهيان. باقي جيڪي صاحبِ ڪتاب ڪھاڻيڪار آهن تن جو ذڪر هيٺ پيش ڪجي ٿو.



سوڀو گيانچنداڻي

لاڙڪاڻي جي معزز شخصيت سوڀو گيانچنداڻي جي جنم جي تاريخ آهي 3- مئي 1920 عيسوي سن، ڏينھن سومر، هجري سن 1338 شعبان مھيني جي 13 تاريخ ۽ بڪرمي 1977 ويساک مھيني جي 21 تاريخ. سندن نالو لاڙڪاڻو ڇا پر پوري ايشيا کنڊ جي معزز ۽ بزرگ شخصيتن جي فھرست ۾ ڳڻيو ويندو آهي. پاڻ گر ديو ٽئگور جا شاگرد آهن. تصنيفن ۾ 1. آکيري جو ٽٽڻ (ڪھاڻيون)، 2. پرديسي پريتم (ڪھاڻيون)، 3.نيٺ بھار ايندو (ڪھاڻيون) آهن.


اياز قادري

پورو نالو اياز حسين ولد غلام سرور قادري، ادبي نالو اياز قادري، سندس جنم 19-جنوري 1927ع، 14 رجب 1345 هجري، 1983 بڪرمي مانگهه مھيني جي 7 تاريخ، اربع ڏينھن ٿيو. سندن واسطو تعليم ۽ تدريس سان رهيو. سندس تصنيفن ۾ ”بلو دادا“ ڪھاڻين جو مجموعو 1957ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو ڪتاب ”ڪھاڻي هر دؤر جي“ قادري قلم قبيلو پبليڪيشن تحت فيبروري 2008ع ۾ ڇپيو، جنھن ۾ شاهڪار ڪھاڻي ڪتاب ”بلو دادا“ ۽ يارهن نوان سدا بھار افسانا آهن. سندس افسانن مان بلو دادا شاهڪار افسانو آهي. هي شھري معاشري جي بدنام طبقي جي ڪردار تي ڪرداري افسانو آهي، جنھن ۾ هِن ان ڪردار جي زندگيءَ جا واقعاجيئن جو تيئن بيان ڪندي ان جي برائين سان گڏ سندس شخصي زندگيءَ جون خوبيون ۽ خصوصيتون به نروار ڪيون آهن. ”بلو دادا“ هڪ مڪراني غنڊي جي ڪھاڻي آهي، جيڪو سيٺين کان پئسا ڦري غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪري ٿو. ڏس پتو: محلو ميان جي ڳڙهي لاڙڪاڻو. سندس وفات 15 ڊسمبر 1997ع ۾ ٿي ۽ 16 ڊسمبر 1997ع تي ان جو مڙهه سندس خانداني قبرستان درگاهه ميان محمد صالح قادري لاڙڪاڻي ۾ لاٿو ويو.


جمال ابڙو

پورو نالو جمال الدين ولد علامه علي خان ابڙو. ڄمڻ جي تاريخ عيسوي 2 مئي 1924ع جمعي جو ڏينھن. هجري 27 رمضان 1342، بکرمي 20 ويساک 1981. ڄمڻ جو هنڌ ڳوٺ سانگي تپو منگواڻي تعلقو ميھڙ (اُن وقت ميھڙ، ڪڪڙ ۽ سيوهڻ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل هئا.) هم ڪلاسي دوست: الله بخش انيس انصاري، دوست محمد ابڙو، عباس شيخ، انند لال تـولاڻي. لکڻ جي شروعات: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائيءَ وقت ۾ ”ڪھاڻي“ لکڻ سان ۽ نور محمد هاءِ اسڪول واري زماني ۾ مضمون لکڻ سان ٿي. سندس پھرين ڪھاڻي ”هو حـُر هو“ هفتيوار طوفان حيدرآباد  1949ع ۾ ڇپي. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”پشو پاشا“ سڀ کان پھريائين ”پبليڪيشن“ حيدرآباد پاران 1959ع ۾ حميد سنڌي شايع ڪيو ۽ اهڙي طرح هن ڪتاب جا چار ڇاپا نڪري چڪا آهن. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”پشو پاشا“ سنڌي سماج جي عڪاسيءَ جي لحاظ کان بھترين سنڌي ادبي جو شاهڪار آهي. جمال پنھنجي ڪھاڻي ۾ سندس چوڌاري واري ماحول ۾ رهندڙ ڏتڙيل سادن سودن ۽ سٻاجهن ڪردارن ذريعي حقيقت نگاري ۽ سچن واقعن جا نقش چٽيا آهن ۽ گھرائي سان مشاهدو ڪيو. تنھن کي سليس ۽ عام فھم ٻولي ۾ پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو. جمال ابڙو حقيقت نگاري يعني Realism واري نظريي جو ليکڪ رهيو آهي. ”بدمعاش“، ”شاهه جو ڦر“ ۽ ”خميسي جو ڪوٽ“ سندس بھترين ۽ سنڌي ادب جو نمائنده ڪھاڻيون آهن.  


انيس انصاري

پورو نالو الله بخش انصاري. ڄمڻ جي تاريخ 26 جولاءِ 1923، 11 ذوالقعد 1341 هجري، 11 ساوڻ 1980 بڪرمي، خميس ڏينھن. مرڻ جي تاريخ 6 مارچ 2000 سومر ڏينھن. ڌنڌو روينيو کاتي ۾ ملازمت ڪري وڏي عھدي تان رٽائرمينٽ ورتي. پاڻ وڏا دانشور، محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار هئا. سندن ڪھاڻين جو ڪتاب ”انيس جا افسانا“، 91-1990ع ۾ ڇپيو. سندس لکيل پھرين ڪھاڻي ”رنڊي“ آهي. لکيل ڪھاڻين جو تعداد 60 کان وڌيڪ اٿس جھڙوڪ: ”ٽپڪو“، ”اچان نه اچان“، ”پينشنر“، ”مٽي“، ”ويراني“ سندس شاهڪار ڪھاڻيون آهن. کيس بھترين ڪھاڻي لکڻ تي ڪافي ايوارڊ مليا.


روشن علي تونيو

نالو: روشن علي تونيه. ڄمڻ جي تاريخ 1-اپريل 1936ع، 8- محرم 1355 هجري، 20-چيٽ 1992 بڪرمي، اربع جو ڏينھن. سندس جنم ڳوٺ يارو ديرو تعلقه وارهه پراڻو ضلعو لاڙڪاڻو. لکڻ جي شروعات 1952ع کان ڪيائين. پھرين ڪھاڻي فردوس رسالي ۾ ڇپي. سندن وفات 9-جنوري 1997ع تي خميس ڏينھن ٿي. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”منڇر ٻُڏي ويو“ کان علاوه ناول، ناوليٽ، ٽي وي ڊراما ۽ ادبي ڊائري پڻ لکي. مشھور ڊرامن ۾ آئينو، ورهاست، نازان ۽ ميڙ شامل آهن.


ملڪ آگاڻي

پورو نالو: محمد صفر عرف ملڪ آگاڻي. ادبي نالو: ملڪ آگاڻي. ڄمڻ جي تاريخ: 1 جنوري 1951ع، ڇنڇر ڏينھن 30 صفر 1368 هجري، 18 پوهه 2005 بڪرمي.  لکڻ جي شروعات 1972ع ۾ ڪئي. 3 ناول: 1. سج جا پاڇا،  2. سوريءَ سڏ ٿيو،  3. نيروليءَ جو ڪُن، 3 ناوليٽ، 50 ڪھاڻيون ۽ ڪيترا ٽي وي ناٽڪ لکيا. ڪھاڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. 1985ع ۾ ڪُونج پبليڪيشن طرفان ڪريم بلوچ ۽ جيئل اوڏ جي ساٿ سان ”برف جو تاج محل“ نالي ڪتاب ڇپيو، ان ۾ مرحوم ملڪ آگاڻي جي ڪھاڻي ”روئي پئي رات“ جي عنوان سان ڇپي جيڪا 20 صفحن تي مشتمل آهي. 12 نومبر 2002 اڱاري ڏينھن مقامي وڏيرن کيس قتل ڪرائي ڇڏيو.


رزاق مهر

پورو نالو رزاق مھر ولد رانجهو خان مھر، ادبي نالو رزاق مھر. تاريخ پيدائش 20 جولاءِ 1954ع ڏينھن اڱارو، 18 شوال 1373 هجري، 5 ساوڻ 2011 بڪرمي تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ ڊي سي اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. بي.اي ڪامرس ۽ آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين. ايم.اي سنڌي ادب ۾ 1979ع سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. ملازمت جي شروعات ڊرافٽس مين جي حيثيت سان بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي ۾ ڪئي. 1989ع ۾ ليڪچررشپ لاءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين، مختلف شھرن جي ڪاليجن جھڙوڪ جوهي، قمبر ۾ ليڪچرار ٿي رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تعليم ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. لکڻ جي شروعات 1974ع ۾ ڪيائين. پھرين ڪھاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ لکيائين. سندس ڪھاڻين جا مجموعا ”سڪون ڪٿي آهي“، ”ڊهندڙ ليڪا“ 1982ع ۾ ڇپيا. رزاق مھر فقط ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ئي نه هيو پر شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ هو. هن جي ڪھاڻي ”آڙاهه“ کي 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران بھترين ڪھاڻيءَ جو ايوارڊ مليو. سندس وفت 15-آگسٽ 2002ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري ٿي.


منظور ڪوهيار

پورو نالو: منظور حسين ولد ولايت خان. ادبي نالو: منظور ڪوهيار. ڄمڻ جي تاريخ: 2- جون 1955ع، 10 شوال 1374 هجري، 20 ڄيٺ 2012 بڪرمي. ڄمڻ جو هنڌ: لاهوري محلو لاڙڪاڻو. پتو: گهر نمبر: C-597 لاهوري محلو لاڙڪاڻو. لکڻ جي شروعات 75-1974ع. پھرين ڪھاڻي ”سرڳواسي طوطا رام“. تعليم: ايم اي سوشيالاجي گولڊ ميڊلسٽ، ايل ايل. بي.  ملازمت: ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي لاڙڪاڻو. ڪھاڻين جا ڪتاب (ڇپيل) 1. “سج لھڻ کان پوءِ به“ 1995ع،  2. ”فراق جي منزل“ 2007ع، 3.”سچا ڪوڙا رشتا“ 2009ع ۾ شايع ٿيا.  منظور ڪوهيار  ڪھاڻين جي ڪتابن کان علاوه ڪيترا ئي اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ادبي ڪالم ۽ ڊاڪيومينٽريز ۽ سفرناما لکيا آهن. ۽ هن کي مڃتا طور ڪيترا ئي ايوارڊ ملي چڪا آهن. اسٽيج ڊرامن ۾ ”جنرل شاهه بھارو“، ”جهڪر“، ”آواز“، ”رسمن جي انگاس تي“ وغيره ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ”ڪارا ڪڪر“، ”وفائون منتظر آهن“ ”سياست“، ”رَو ِش“، ”رواج“ ۽ ”تپش“ مشھور آهن.


اخلاق انصاري

پورو نالو اخلاق انصاري ولد الله بخش انصاري (انيس انصاري). ڄمڻ جي تاريخ 24 اپريل 1957ع اربع جو ڏينھن. 1376هجري شعبان جي 23 تاريخ 2013ع بڪرمي ويساک جي 12 تاريخ تي جنم ٿيو. سندن واسطو تعليم ۽ تدريس سان آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فزڪس جا پروفيسر آهن. سندس ڪھاڻين جا ڪتاب ”رُڃ ۾ رابيل“ 1987ع ۾ ۽ ”مان ڪائنات آهيان“، 2003ع ۾ شايع ٿيا. سندس پوئين ڪتاب  ”مان ڪائنات آهيان“ تي سنڌي ادبي سنگت پاران مڃتا طور ايوارڊ مليل آهي. سندس پھرين ڪھاڻي ”نڀاڳو“ 1975ع ۾ شايع ٿي.


ڪيهر شوڪت

پورو نالو شوڪت ڪيهر ولد غلام عباس ڪيهر، ادبي نالو ڪيهر شوڪت. جنم جي تاريخ 2 فيبروري 1951ع  5 جمادي الاول 1373 هجري 20 مانگهه 2008 بڪرمي، ڇنڇر ڏينھن آهي. سندس جنم ڳوٺ آگاڻي ۾ ٿيو. 1970ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو. ايم.اي سنڌي، ايم.اي انٽرنيشنل ريليشنز ۽ ايل.ايل. بي ڪيائين. شروعات ۾ سنڌي استاد طور ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين. 1990ع م کيس قانون کاتي ۾ سرڪاري وڪيل جي نوڪري ملي ۽ 1998ع ۾ ڊپٽي اٽارني جي عھدي تي ترقي ملي. پاڻ ڪھاڻيڪارن سان گڏ ڊراما نويس به هيو، يادگار ڊرامن ۾ انتھا، سج گرهڻ ۽ اڪيلو ماڻهو وغيره شامل آهن. سندس ڇپيل ڪھاڻين جو مجموعو ”پُل تي ويٺل هڪ نوجوان“ هڪ يادگار آهي. سندس وفات 24-اپريل 1999ع  ڇنڇر ڏينھن 7- محرم 1419 هجري تي ٿي.


طارق عالم ابڙو

طارق عالم بنيادي طور آرٽ جي دنيا جو هڪ خوبصورت تخليقڪار، پر ان کان علاوه ناول نگار  ڪھاڻيڪار پڻ آهي، سندس جنم 10-اپريل 1958ع خميس جي ڏينھن 1377 هجري 20 رمضان ۽ 2012 بڪرمي، چيٽ جي 28 تاريخ تي تعلقي قمبر پراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. 1960ع ڌاري سندس خاندان حيدرآباد ڏانھن مستقل طور هجرت ڪري ويو. ايم.اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين. 1989ع کان سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۾ ملازمت ڪيائين. ٽماهي مھراڻ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪھاڻين جا ڪتاب هي آهن: 1. ”رات ۽ سوچون“ ڪتاب 1979ع ۾ ڇپيو. 2. ”سُڃاڻپ جي ڳولا ۾“ نالي ڪتاب 1998ع ۾ شايع ٿيو.


 غلام نبي ”گل“ ٻرڙو

سندس جنم عيسوي سن مطابق 1932، سيپٽمبر مھيني جي 10 تاريخ ڇنڇر ڏينھن ٿيو. جڏهن ته هجري سن 1351 جو مھينو ربيع الثاني جي 8 تاريخ ۽ بڪرمي 1989جي ڀادون مھيني جي 26 تاريخ. غلام نبي گل استادي پيشي (تعليم ۽ تدريس) سان وابسته رهيو ۽ اهڙي طرح سائين عمر جا 60 سال پورا ڪري 1992ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. لاڙڪاڻي ۾ شاعر جي حيثيت ۾ مقبوليت رکي ٿو ۽ هن جا تقريبا ارڙهن (18) ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. شاعريءَ سان گڏ هِنن ڪھاڻيون به لکيون آهن ۽ ڪھاڻين جا ٻه ڪتاب ”دعاجا پير“ 2002ع ۾ ڪتاب شايع ٿيو. هي ڪتاب 16 ڪھاڻين جو مجموعو آهي. ٻيو ڪتاب ”مان ڪير آهيان“ 2004ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ به 18 ڪھاڻيون ڏنل آهن. ٻئي ڪتاب وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيا آهن. سائين هن وقت 79 ورهين جا پيرسن آهن ۽ سندن گهر محلو لطيف ڪالوني رحمت پور لاڙڪاڻي ۾ آهي.


سليم ڪورائي

پورو نالو: سليم ڪورائي ولد غلام اڪبر ڪورائي. ڄمڻ جي تاريخ: 1954-04-28 مطابق 24 شعبان 1373 هجري، 16 ويساک 2010بڪرمي، ڏينھن اربع.  ڄمڻ جي جاءِ: پراڻو پاور هائوس، ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي سامھون گهر. هاڻوڪو پتو: لطيف ڪالوني رحمت پور محلو لاڙڪاڻو. B.Sc: (Hons),  M.Sc:(Math) B.Ed:.،  نوڪري: پرنسپل گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو. لکڻ جي شروعات 73-1972ع. پھرين ڪھاڻي ”شرنايون بند ڪريو“ ملير ڊائجسٽ ۾ 1973ع ۾ شايع ٿي. ڪھاڻين سان گڏ اردو، سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڪالم لکن ٿا. 1974ع کان 1976ع تائين ڪلاڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻه جا ڪتاب ايڊٽ ڪيا. سندس ڪھاڻين جا شايع ٿيل ڪتاب: ”دوهانٽيل زندگي“ ڪھاڻين جو مجموعو 1974ع ۾ ڇپيو ۽ ان کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي پاران 1974ع جو بھترين افسانوي ادب قرار ڏنو ويو. ”ڪشمڪش“ ڪتاب 1976ع ۾ ڪلاڪار پبليڪيشن پاران شايع ٿيو.


ادا فضل قاضي

پورو نالو: فضل ڪريم قاضي، ادبي نالو: ادا قاضي. ڄمڻ جي تاريخ: 8 فيبروري 1939ع، 17 ذوالحج 1357 هجري، 27 پوهه 1995 بڪرمي، اربع جي ڏينھن تي ٿيو. ڄمڻ جو هنڌ ميروخان شھر. لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان. پھرين ڪھاڻي ”بادل رسالي“ ۾ ڇپي فضل ڪريم جي نالي سان. نوڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ڊرائينگ ٽيچر جي حيثيت سان ٿي ۽ اتان ئي رٽائرمينٽ ورتي. پاڻ بھترين مصور ۽ اديب سان گڏ پيارو ماڻهو آهي. ڪھاڻين جا 7 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ۱. ”ڪاري“، ۲. ”سام“، ۳. ”آخري ڪاغذ“، ۴. ”چَھَرِ“ (مزاحيه ڪھاڻين جو مجموعو) هيرو پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان شايع ٿيا آهن  جڏهن ته سندس مجموعو ۵. ”ٽياس“ ڪھاڻين جو ڪتاب ناز سنائي، سنڌي ساهت گھر حيدرآباد سنڌ شايع ڪيو آهي.



احمد علي ”صابر“ چانڊيو

پورو نالو: احمد علي صابر ولد نواب خان چانڊيو. ادبي نالو: صابر چانڊيو. ڄمڻ جي تاريخ 14 جولاءِ 1952ع ، 20 شوال 1371 هجري، 31 هاڙه 2009 بڪرمي. ڏينھن سومر. ڄمڻ جو هنڌ: ڳوٺ ڇاڄڙي تعلقو ميروخان. ڌنڌو: پي ٽي سي ايل ۾ انجنيئرنگ سپروائيزر ٿي رهيو ۽ 2008ع م رٽائرمينٽ ورتائين. لکڻ جي شروعات 1968ع کان ڪيائين. پھرين ڪھاڻي: 1976ع م ”روزگار جي تلاش“ لکيائين جيڪا ”ڪاڪ رسالي“ ۾ شايع ٿي.  سندس ڪھاڻين جو پھريون ڪتاب ”پياسي سِپَ سمونڊَ ۾“ سال 2001ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان شايع ٿيو. هي 130-صفحن تي مشتمل ڪتاب جنھن  ۾ 24 بھترين ڪھاڻيون ڏنل ۽ بھترين ٽائيٽل تي عورت جي تصوير سندس چپ ٻـِلَ سان سبيل . ٻـِلَ کي ٻھراڙيءَ جا ماڻهو ٻارڙن جي قميص جي ڳلي کي پڻ بند ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.


زيب سنڌي

پورو نالو: محمد خان ولد عبدالستار شيخ، ادبي نالو زيب سنڌي. جنم جي تاريخ: 7 سيپٽمبر 1957ع، 11 صفر 1377 هجري، 23 ڀادون 2014 بڪرمي، ڏينھن ڇنڇر. ڄمڻ جو هنڌ: خيرپور ميرس (اصل واسطو لاڙڪاڻي سان پر سندس والد جي نوڪري ۽ پوسٽنگ ان وقت خيرپور ميرس ۾ هئي). تعليم ايم اي. 1988ع ۾  تعليم کاتي ۾ ليڪچرار طور مقرري ٿي ۽ هن وقت حيدرآباد م سنڌي ادب جو استاد آهي. شروعات ۾ جناح باغ لاڙڪاڻي جي گيٽ جي سامھون ”سڳنڌ ڪتاب گهر“ کوليائين ۽ سڳنڌ پبليڪيشن طرفان سنڌ جي ناميارن اديبن جا معياري ڪتاب شايع ڪيائين، جن جو تعداد 30 کان مٿي ٿيندو. مون کي ان دوڪان تان سٺن ڪتابن وٺڻ جو موقعو مليو ۽ ان دوڪان تي ڪافي وڏن وڏن اديبن سان ملڻ جو شرف حاصل ٿيو. زيب سنڌي ڪھاڻيڪار کان علاوه هڪ ڀلوڙ ڊرامه نويس، ريڊيو پاڪستان ۾ بحيثيت پروڊيوسر، ڪمپيئرر، صداڪار، ڪالم نويس ۽ شاعر جي حيثيت ۾ پاڻ مَڃايو آهي. سنس پھرين ڪھاڻي ”زخمي دل“ 19874ع ڌاري رهبر ڊائجسٽ ۾ شايع ٿي. سندس ڪھاڻين جا چار مجموعا 1. ”گهٽيل خواهشون“ 1977ع،  2. ”زندگي درد جي ٻانھن ۾“ 1981ع، 3. ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ 2010ع ۽ ”حيدرآباد 47 ڪلوميٽر“ 2010ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا.


جهان آرا سومرو

نالو: جھان آرا سومرو. ڄمڻ جي تاريخ 16 آگسٽ تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ٿيو. سندس پھرين ڪھاڻي ”مان جيڪر گل هجان ها.“، تعليم: ايم.اي، بي.ايڊ. تعليم کاتي ۾ وڏي عھدي تي فائز رهي چڪي آهي. پاڻ پنھنجي دور جي بھترين ائڊمنسٽريٽر  طور ڄاتي وڃي ٿي. ڇپيل ڪتاب: ”جيون پيڙا پيار“ نومبر 2000ع ۾ ڪھاڻين جو مجموعو ڇپيو ۽ سندس نئون ڪتاب جيڪو 12 طويل ڪھاڻين تي مشتمل آهي، ڇپائيءَ هيٺ آهي.



ڪليم لاشاري

پورو نالو: ڪليم الله ولد محمد علي ”جوهر“. ڄمڻ جو هنڌ: جوهر منزل ڀرسان رُڪيءَ ماءُ جو ٽڪاڻو، کٽاڻ بازار لاڙڪاڻو. ڄمڻ جي تاريخ 2- جون 1953ع، 19 رمضان 1372 هجري، 20 ڄيٺ 2010 بڪرمي،  ڏينھن اڱارو. ڪليم لاشاري هڪ محقق، مهم جو، آرڪيالاجسٽ آهي، هن وقت سنڌ جي اعلى عھدي تي فائز اعلى عملدار آهي. سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”اڻويهه سئو ٽياسي“، 197- صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب، جنھن م 15 ڪھاڻيون ڏنل آهن، هي ڪتاب مھرڻ پبلشرز ڪراچي 1999ع ۾ شايع ڪيو. سندن والد پنھنجي دور جو وڏو شاعر ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۾ سرگرم رهيو.

رئوف عباسي

پورو نالو: عبدالرؤف ولد عبدالغفار عباسي. ڄمڻ جي تاريخ: 4 مئي 1968ع، 5 صفر  1388 هجري ، 22 ويساک 2025 بکرمي. ڏينھن ڇنڇر. ڌنڌو: ٽيچر. پتو: ڪوثر مل محلو لاڙڪاڻو. لکڻ جي شروعات 1985ع کان ڪيائين. پھرين ڪھاڻي ”خالي هٿ“. 87-1986ع ۾ عبرت ميگزين ۾ ڇپي. ڪھاڻين جو مجموعو: ”بي ساهو خواب“ جنھن ۾ 10 ڪھاڻيون ڏنل آهن ۽ ڪتاب 72 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب 2004ع ۾ سنڌ وائيسرز پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان شايع ٿيو. رئوف عباسي ڪھاڻين سان گڏ اخباري ڪالم لکڻ، مضمون نگاري ۽ شاعري به ڪندو آهي.


انجنيئر عبدالوهاب سھتو

پورو نالو: انجنيئر عبدالوهاب ولد محمد بچل سھتو. ڄمڻ جو هنڌ: ڳوٺ ڄام نور الله تعلقو ڪنڊيارو، ضلع نوشھرو فيروز. ڄمڻ جي تاريخ: 5 مئي 1959ع ڏينھن اڱارو، 5 شوال 1378ع، 23 ويساک 2016 بڪرمي. ڌنڌو انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ. پتو: 89- پروفيسرز ڪالوني-2، قمبر روڊ لاڙڪاڻو. لکڻ جي شروعات 1978ع ۾. پھرين ڪھاڻي ”ناچو“. ڪھاڻين جا مجموعا 1. هراس، 2. جڏهن بت ئي چوي ڪافر. 3 ”هٿ جي وڍي“. هن لوڪ ادب تي به ڪم ڪيو آهي ۽ ڪافي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جھڙوڪ: ”ورجيسون“، ”ننڍڙي روپ وارا پھاڪا ۽ چوڻيون“، ”موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون“، ”اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون“. ”گل شڪر“، عبدالڪريم گدائي نمبر (ڪينجهر) ترتيب ڏنل. 




رياضت ٻرڙو

پورو نالو: رياضت ٻرڙو. ڄمڻ جي تاريخ: 27 فيبروري 1970ع، 20 ذوالحج 1379 هجري، 16 ڦڳڻ 2026 بڪرمي، جمعي جو ڏينھن. ڄمڻ جي جاءِ: قمبر شھر پراڻو ضلعو لاڙڪاڻو. تعليم: ايم.ايس سي (فزڪس)، ايم.اي (سنڌي) ۽ ايم.ايڊ. ڌنڌو ليڪچرار (فزڪس). 2001ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. 88-1987ع ۾ ڪھاڻين جا مجموعا: ”پيار جي ڪھاڻي“ (ڪھاڻيون) ڪتاب 1994ع ۾ ڇپيو ۽ ڏاهپ پبليڪيشن قمبر جي اداري طرفان شايع ٿيو. شاعريءَ جا ڪتاب ”شام جي هوا“ 2004ع ۾ ۽ ”ديوانِ رياضت“ 2005ع م ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر طرفان شايع ٿيا.


انور ابڙو

پورو نالو: انور ابڙو ولد علي گل ابڙو. ڄمڻ جي تاريخ 1-جنوري 1965ع، 27 شعبان 1384 هجري، 17 پوهه 2021 بڪرمي، ڏينھن جمعو. جنم جي جاءِ ڳوٺ لالي جا ڀاڻ (جنگياني) ڏوڪري. تعليم: B.E مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، ماسٽرس ماس ڪميونيڪيشن ۾ ۽ ڊپلوما ان اسڪول مئنيجمينٽ) وغيره. سرڪاري ملازمت: 1995ع کان سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ ملازم آهي. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”خودڪشيءَ جو رومانس“ رائيٽرس ورلڊ ڪراچي طرفان 2001ع ۾ ڇپيو.


احسان دانش

پورو نالو: احسان الحق ولد پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“. ڄمڻ جي تاريخ: 15 فيبروري 1974ع، 22-محرم 1394 هجري، 4 ڦڳڻ 2030 بڪرمي. تعليم: اي اي (سنڌي)، ايم.اي (اردو)، پي ايڇ ڊي (سنڌي جاري). ملازمت: ليڪچرار گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو. پھرين ڪھاڻي ”سرجيس تان سورَ“ 1989ع عبرت مئگزين ۾ ڇپي. ڪھاڻين جو ڪتاب: ”بي سڪون خواب جو سچ“ سچل ادبي مرڪز پبليڪيشن لاڙڪاڻو سال 2005ع جي مئي مھيني ۾ شايع ڪرايو. هي ڪتاب 128 صفحن تي مشتمل آهي، ان م 19 ڪھاڻيون ڏنل آهن. بھترين ڪھاڻين ۾ ”بي انت مسافت“ ۽ ”پيڙ اجو پڙلاءُ“ تي ايوارڊ ۽ تعريفي سندون مليل آهن. احسان دانش هڪ ئي وقت سٺو ڪھاڻيڪار، شاعر، مقالا نگار ۽ سٺو ڪمپيئرر پڻ آهي.



عزيز قاسماڻي

پورو نالو: عبدالعزيز ولد سرمد چانڊيو. ادبي نالو: عزيز قاسماڻي. تاريخ پيدائش: 16 مارچ 1971ع ڏينھن اڱارو. هجري 18 محرم 1391، بڪرمي 3 چيٽ 2027. جاءِ پيدائش: ڳوٺ جمع خان چانڊيو تعلقه قبو سعيد خان. پيشو: استاد. ائڊريس: علي مصطفى جو گهر ميراڻي محلو نزد ناڪو نمبر:7 لاڙڪاڻو. لکڻ جي شروعات 1990ع کان ٿي ۽ پھرين ڪھاڻي مھراڻ رسالي ۾ 1991ع ۾ ڇپي. سندس ڪھاڻين (Short Stories) جا 3 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جھڙوڪ: 1. ”ڪجهه به نه“ هن ۾ 58 شارٽ اسٽوريز آهن جيڪو 2007ع ۾ شايع ٿيو. 2. ”مان اوهان مان ناهيان“ جنھن ۾ 56 ننڍڙيون ڪھاڻيون آهن. هي ڪتاب جنوري 2010ع ۾ شايع ٿيو. 3. ”کيرٿر تان اُڏار“ هن ڪتاب ۾ 9 ڪھاڻيون آهن جيڪو 2007ع ۾ شايع ٿيو. ٽيئي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر شايع ڪرايا آهن.


سڪندر عباسي

پورو نالو سڪندر عباسي پٽ محمد رمضان عباسي. ڄمڻ جي تاريخ هجري 1393 ذوالحج جي 6 تاريخ ڏينھن اڱارو، عيسوي 1974ع جنوري جي تيرهين تاريخ بکرمي 2030 پوهه مھيني جي 18 تاريخ. ڄمڻ جو هنڌ: دودائي روڊ گجڻ پور محلو ۽ سندس رهائش گهر نمبر:1501/1 گجڻ پور محلو لاڙڪاڻو ۾ آهي. نوڪري انڪم ٽيڪس آفيس لاڙڪاڻو. تعليم ايم اي پوليٽيڪل سائنس. لکڻ جو شوق 1993ع کان ٿيو. پھرين ڪھاڻي ”واپسي“ جيڪا ماهوار رسالي ”بختاور“ حيدرآباد ۾ ڇپي. ڪھاڻين جا ٻه ڪتاب 1. ”پيار جو پھريون نظم“ جنھن ۾ 10 ڪھاڻيون آهن، 1998ع ۾ انڊلٺ پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيو. ٻيو ڪتاب ”ڪوجهي چنڊ جو غم“ مئي 2002ع ۾ سچل ادبي مرڪز پبليڪيشن لاڙڪاڻي شايع ڪيو.  هن ڪتاب ۾ 4 ڪھاڻيون ۽ هڪ ناوليٽ ”مون ۾ آهين تون“ جي عنوان سان ڏنل آهن. هي ڪتاب 80 صفحن تي مشتمل آهي. سڪندر عباسي ڪھاڻيڪار کان علاوه، ڪالم نويس، ٽي.وي ڊراما رائيٽر ۽ ريڊيو ڪمپيئرر آهي.



**


No comments:

Post a Comment