Friday, May 11, 2012

ڪارونجھر جو قيدي - علي بابا


ڪارونجھر جو قيدي
علي بابا
ڪارونجھر مٿان لڳاتار مانسون ھوائن جا گھيرا ھئا. مينهن ڪاريون واريون ڪيو پئي وٺو. رکي رکي اتر کان ٻڪرال چھبڪ جيان وٽ کائي چمڪاٽ ٿي ڪيا ۽ ڪارونجھر جي اتاھين چوٽين مٿان اوچتو مڇريل ڪوراڙ بلا جيان ڇاڙپ ڪري جھٽ ھڻي، ھانءُ ڏاريندڙ ڪڙڪي سان، ڪارونجھر جي ڦاڙن ۾ لھي ٿي وئي. ڪارونجھر ۾ زلزلي جھڙو پڙاڏو پئدا ٿيو ٿي ويو. ڄڻ انگريزن جون توفون ڇڙي ٿي ويون. ننگر پارڪر، سورا چند، اڌيگام، ڀوڏيسر، راڻپور ۽ اينچلاشور جي وسندين ۾ پري پري تائين خوف جي لھر ڊوڙي ٿي وئي. سمين، سوڍين، سومرين، ٺڪراڻين، رٻاڻين ۽ ڪولھياڻين جا ھانو ڄڻ ڦسي ٻه اڌ ٿي پيا ھئا. توفن جي ڏھڪايل ٻارڙن کان خوف جا ڊيھا ۽ سياٽا ڇڏائي ٿي ويا. نينگرين جا نيڻ ڏس ته نيسارا ڪريو پيا وھن، رت نه ٺھي ڪنهن مک ۾. ساري ڪارونجھر جي جھروڪي جھروڪي جھانءِ ھئي، چؤنري چؤنري روڄ ھو. مڙساڻي پھر ڪا نه بچي ھئي، جو کڻي ڏڍ ڏئين. ڪارونجھر جو ذات راڻو، ٺڪر، کوسو، راٺوڙ، سمون، سومرو، پرمار ۽ ڪولھي انگريزن جي توفن سان سينو سھائيندي، ڪارونجھر مٿان ڪسجي ويو ھو. ڪارونجھر جا ڦاڙ، ڀٽياڻي ۾ گوڏڌرو وارا گھارا، سندن لاشن سان سٿجي ويا ھئا. وڏي ويڙھاند کان پوءِ، انگريزن جي گوچي اڳواڻن ڪولھياڻين تي رڳو ايترو رحم کاڌو جو کين ڪارونجھر جي ڦاڙن مان، پنهنجن وارثن جا لاشا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني ھئائون. ڪيترن کي پوري ڪيترن کي پورجي؟ ڪنهن لاءِ شمشان ٻاري ڪنهن لاءِ ٻارجي؟ ساڙڌرو جي پاڪ پوتر جھرڻي ۾ ڪنهن جي رک لوڙھي، ڪنهن ڪنهن جي لوڙھجي؟ ھانو تي ھٿ ھڻي ڪنهن لاءِ پٽڪارو ڪري ڪنهن لاءِ پٽجي؟ سارو ڪارونجھر لاش ئي لاش ھو، رت ئي رت ھو. پر الله سائين کي ڄڻ ٻاجه پئجي وئي. ڪارونجھر مٿان ڪارا ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪندا آيا ۽ مينهن ڪاريون ڪري ڇڏيون. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻيءَ جا آواز، ڪارونجھر جي چوٽين کان مٿي، آسمان تائين ٿي ويا. ڪولھياڻين وڏي مڙسي ڪئي. ھڪ ھڪ ساٿيءَ جو لاش چمي چمي، گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻيءَ ڦاڙ ۾ لوڙهي ڇڏيائون ۽ مينهن رت جا دڙڳ ڌوئي ڇڏيا.


ڪارونجھر ۾ ڪڪر ڄڻ ڦاسي پيا ھئا. سانده پنجن ڏينهن کان، آگم اوھيرا ڪندا رھيا. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي ڪڙڪاٽ ڪيو زوم سان وھنديون رھيون. راتين جو رکي رکي ھڪ طرف کان ڪارونجھر ۾ ڪڪرن گجگوڙون ٿي ڪيون ته ٻئي طرف کان انگريزن جي توفن جا منهن کلي ٿي ويا. ڇو ته راڻن اڃا ھار نه مڃي ھئي. ڪارونجھر جي ڳجھن ڦاڙن ۽ پورن ۾، اڃا ھزارين ڪولھي، ڀيل، راٺوڙ، سما ۽ کوسا تکيون تراريون ۽ اونچيون بندوقون کنيو پئي ڦريا. راتين جو رکي رکي، اوچتو ڪارونجھر جي ڳجھن ڦاڙن مان انگريزن جي چوڪين مٿان نهار واري رومڙ ٿي ڪيائون ۽ انگريزن جا سپاھي ماري، وري ڪارونجھر جي اونهن پورن ۾ گم ٿيو ٿي ويا. ڪارونجھر ۾ ٺڪاون مٿان ٺڪاو ھئا. ڀانءِ ته ڪڪرن گجگوڙ ڪئي آ، يا ڪي توفن جا منهن کليا آھن. ڪٿي وڄ ڪري آ ڪي ڪنهن ڪولھيءَ بند ڇوڙي آ. نه ڀانءِ ته ڪارونجھر جي ڪور مٿان مور رڙيو آ، ڪي چوٽين مٿان ڪو جھونجھار جوڌو ڪارونجھر جي چوٽين مٿان ريهه ڪري، ھيٺ گوڙڌرو جي ڦاڙ ۾ ڪريو آ. ائين ڪولھياڻين، رٻارڻين ۽ سوڍين جا من واساما کائيندا ڏرندا رھيا. راتاھا ھڻندڙ ڪولھين، انگريز فوج جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي ھئي. خبر ڪا نه ٿي پئي ته اڄ ڪارونجھر جي ڪھڙي ڦاڙ مان حملو ڪندا؟ اڃا رات پئي ناھي، ڪولھين جي ٻيگھي مچي ويندي ھئي. انگريزن جي چوڪين مٿان اوچتو اچي ڪڙڪندا ھئا ۽ وسندڙ برسات ۾ گولين جا مينهن وسائيندا، وري ڪارونجھر جي اونداھن پورن ۾ گم ٿي ويندا ھئا. رات ھجي ڪي ڏينهن، ڪارونجھر ۾ اندر ڪير گھڙي. انگريزن کي سڄي ھندستان ۾ اھڙي بغاوت ۾ ڪارونجھر پھاڙ جھڙي ڏکي جنگ ڪٿي به لڙڻي نه پئي ھئي. ڪيپٽن ٽروٽ تي جڏھن سر چارلس نيپئر جو دٻنامو آيو، تڏھن جواب ۾ رڳو ايترو لکي موڪليائين: “مون کي افسوس آھي، اسين ھتي ماڻھن سان نه بلڪ ھڪ خوفناڪ ٻرندڙ آتش فشان پھاڙ سان لڙي رھيا آھيون.” ويچاري ڪيپٽن ٽروٽ کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته راڻن ۽ ڪولھين کي ڪھڙيءَ طرح قابو ڪجي؟
ھڪ رات جھڙو ئي ڪولھين اوچتو حملو ڪيو ته جوابي حملي ۾ انگريز توفن جا منهن کلي ويا. ڪولھين جا اٺ ڏھ جوان ڦان ٿي ڪري پيا ۽ ھڪ ڪولھيءَ کي جيئرو جھلي وڌائون. ھو ھڪ زخمي ساٿيءَ کي ڪلھي تي کڻي، ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو ته مٿان ٽروٽ جا سپاھي رائفلن سان گھيري ويس. ان ڪولھيءَ پنهنجو نالو روپا ٻڌايو. ھن کي ھڪدم ننگر پارڪر جي فوجي ڪيمپ ۾ ڪيپٽن ٽروٽ اڳيان پيش ڪيو ويو. ڪيپٽن ٽروٽ نئون سگار دکائي، قيديءَ مٿان نهار وڌي. اھو ڪولھي، ھندن جي مقدس ڪتابن واري شري ڪرشن مھاراج وانگي قد جو ڊگھو ۽ ڳوڙھو سانورو ھو ۽ ارجن مھاراج وانگي اٽل ۽ اڏول ٿي نظر آيو.
“ٽنهنجو نالو؟” اھو ڪيپٽن ٽروٽ جو پھريون سوال ھو.
“روپا.
“ٽون ڪنهن جي زور تي وڙھي رھيو ھئين؟”
“ھر ماڻھو پنهنجي طاقتور ٻانهن جي زور تي وڙھندو آھي.
“مونجو مٽلب آ، تنهنجو پشت پناھ ۽ اگوان ڪير آ؟”
“ڪارونجھر جبل.
“ٽون ڇا لا وڙھي رھيو ھئين؟”
“آئون پنهنجي پھاڙ، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙھي رھيو آھيان.
“ٽو کي خبر آ، ان جي سزا ڇاھي؟” ڪيپٽن ڪڙڪ ٿيندي چيو.
“ھا – وڌ ۾ وڌ موت.
کن لاءِ ڪيپٽن ٽروٽ ماٺ ۾ اچي ويو ۽ ٽيڏين نظرن سان روپي ڏانهن نهاريندو رھيو ۽ پوءِ ڪجھ سوچي ھلڪو ڪنڌ ڌوڻيندي چيائين:
“روپا، اسين ٽو کي مارن نٿا چايون. تون اسان کي رڳو راني لاڌو سنگه ۽ ساٿين جو پٽو ٻڌائي ڇڊ. ٽون جيٽري چونڊين، اسين ٽو کي اوٽري جاگير ڊينداسين.
ڪيپٽن ٽروٽ جي ڳالهه تي ڪولھي ڪروڌ ۾ اچي ويو. نڪ جون ناسون ڦنڊائيندي چيائين: “ھيءَ سڄي ڌرتي منهنجي آھي. تون ڪير ٿيندو آھين مون کي جاگير ڏيڻ وارو؟”
ڪيپٽن ٽروٽ، چئن سوالن ۾ قيديءَ کي سمجھي ويو. وڌيڪ سوال ڪرڻ بيڪار سمجھندي، سگار جو وڏو ڪش ھڻندي، سڄو سگار اتي ئي کڻي ايش ٽري ۾ اجھائي مروڙي ڇڏيائين ۽ سپاھين کي حڪم ڏنائين ته ھن کي بنديخاني ۾ قابو رکو. سپاھي ھٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون پھريل قيديءَ کي کنڀي کڻي ويا.
ان ڏينهن سپاھي، قيديءَ کي سچي ڪرائڻ لاءِ سڄو ڏينهن طرحين طرحين جون سزائون ڏيندا رھيا، پر ھن اف به ڪا نه ڪئي. ھو ھر تڪليف ڏند ڀيڙي سھي ٿي ويو. ان رات سپاھين ڪيپٽن جي حڪم سان، ڀوڏيسر جي ڳوٺ مان، قيديءَ جي زال کي به وٺي آيا. ھوءَ ننڍي نيٽي عورت ھئي، ڇھن ستن مھينن جي گرڀِ سان. ھن کي ميري ڪاون جڙيل پولڪ ۽ وڏو گھيردار پڙو پھريل ھو. شايد مڙس جو ٻڌندي ئي ھوءَ مٿي ۽ پيرين اگھاڙي ھلي آئي ھئي، يا ته سپاھين کيس جُتي پھرڻ ۽ گندي اوڍڻ جي مھلت ئي ڪا نه ڏني ھئي. ھن جو رنگ، قد بت ۽ مھانڊا مڙس سان ايترو ته مليا ٿي، ڄڻ جنم ئي ھڪ ٻئي لاءِ ورتو ھئائون. ھوءَ ذرو به ڊنل ڪا نه ھئي، البته پريشان ضرور ھئي. ڪيپٽن کي سندس ڀريل پيٽ، غريباڻي عاج جي ٻانهين ۽ سروپا ڏاڍا وڻيا. ھن ڏاڍي نماڻائيءَ سان عورت سان ڳالھايو:
“ڊس، اسين ٽنهنجي مڙس کي مارن نٿا گھرون. ٽون کيس پيار سان سمجھاءِ ته انگريز سرڪار سان وفاداري ڪري. اسين ٽو کي ۽ ٽنهنجي مڙس کي ويراوا جي زمين، انعام ڊينداسين. اڄ جي رات ڀلي تون ساڻس گڊ رھ. اوانجي ڪوٽريءَ ۾ ڪو ڪو نه اينڊو. ٽون ڀل انڊران ڪنڊو ھرين ڇڊجان.
پوءِ ھو ڪولھڻ کي باندي خاني ۾ وٺي آيو، جتي سندس مڙس زنجيرن ۾ جڪڙيل ھو. بند اندر ايندي ئي ڪولھڻ رتو ڇاڻ مڙس اڳيان، کن لاءِ ٻاڪو ڦاڙي بيھجي وئي. سندس اٻاڻڪا نيڻ مڙس ۾ کپي ويا، سڄي اھمي ٿي وئي. ڀانءِ ته اجھا ريهه ڪري بيھوش ٿي ڪري پوندي. ڪيپٽن ٽروٽ سڀني سپاھين کي اک جي اشاري سان نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ به ڪولھڻ ۽ قيديءَ مٿان آخري نهار ڦيرائيندو ٻاھر نڪتو.
“روپا...... ھي روپا.......” ڪولھڻ جو ھانءِ ڦسي پيو. نڪو جيل ياد رھيس، نڪي کليل در، نه ڪنڊا نه ڳڙکيون. ڊوڙي دٻڪو ڪري وڃي مڙس کي ٻک وڌائين ۽ ٽاڙھون ڏئي روئڻ لڳي. “ھي روپا..... ھي روڻيا...... ھي مھنڌرا.....
“ڇو آئي آھين؟” زنجيرن ۾ جڪڙيل رتو ڇاڻ روپي، ڏانهس ڪنڌ جھڪائي نهارڻ کان سواءِ، چيو.
“روپا، تو کي آخري ڀيرو ڏسڻ آئي آھيان. متان موتان ڪارونجھر جون ڪولھياڻيون کلائين، متان سچي ڪرين، نه ته پوءِ مان به ڦري وينديسانءِ. پيٽ تي ھٿ ھڻي چونديس ته ھي ٻار روپلي جو نه، ٻئي ڪنهن جو آھي. روپا، متان سچي ڪرين!” ڪولھڻ مڙس جي ويڪري ڇاتيءَ ۾ منهن وجھيو، ڍڪون ڀريو روئيندي رھي.
روپي پھريون ڀيرو ڪنڌ کڻي زال ڏي نهاريو. سندس ڀنڀن وارن ڏانهن، عاج جي ٻانهينءَ ڏانهن، اڀريل ڇاتين ۽ پيٽ ڏانهن. سندس رت رتول مک مرڪي پيو. ڪولھڻ باندي مڙس کي ٻک وجھيو چمندي، چٽيندي، روئندي رھي. ڪيپٽن ٽروٽ کن لاءِ بيٺو ڏانهن نهاريندو رھيو. پوءِ ھن پنهنجي ھٿن سان بندي خاني جو در ٻيڪڙيو ۽ وڏا وڏا قدم کڻندو، پنهنجي آفيس ڏانهن ھليو ويو.
صبح جا پھريان ڪرڻا ڪارونجھر جي سؤ رنگ چوٽين سان ٽڪرائيندا، ساري ڀونءِ کي روشن ڪندا ويا. ڪارونجھر جي چوٽين ۾ ڪڪر، آتش فشان جي دونهين وانگر ڦاٿل ھئا. جيئن شينهن سانَ کي سٽي، ٻنڌ ھڻي سڄو رت ست چوسڻ کان پوءِ وات ڪڍندو آھي، تيئن ڪارونجھر به ڪڪر جو پورو ست نچوڙي، کيس کوکلو ڪري پوءِ ڇڏيندو آھي. ان ويل به ڪارونجھر جي چوٽين ۾ ڪڪرن سان اھا ئي ڪار ھئي. ھر ڪڪر پنهنجو سمورو پاڻي ڀٽياڻيءَ ۽ گوڙڌرو جي ڀيٽا چاڙھيو ننگر پارڪر مٿان چئاڪا چئاڪا ٽمندو ڦٿڪندو ٿي ويو. مينهن کان پوءِ ڪارونجھر جو ڳاڙھو، ھيڊو، سائو، نيرو، ڪارو، ڀورو، ناسي، سنگ مرمر، مور پک کان به سھڻو ۽ پرڪشش لڳندو آھي. ھر من کي موھي ڇڏيندو آھي. ان ويل، ڪيپٽن ٽروٽ جو من به، پھاڙَ ڪجهه ائين ئي موھي ڇڏيو ھو. ايڏو خوبصورت پھاڙ ته ھن پوري يورپ ۾ ڪٿي نه ڏٺو ھو. ھن کي الائي ڇا ياد پيو. ھن پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مان چمڙي جي جلد وارو نوٽ بوڪ ڪڍي، ڪجھ لکيو: “جيڪڏھن ڌرتيءَ تي ڪا جنت آھي ته اھو فقط ڪارونجھر پھاڙ آھي ۽ جي ڪٿي ڪا دوزخ آھي ته اھو به فقط ڪارونجھر پھاڙ ئي آھي ۽ مون کي سندس ٻنهين روپن سان پيار آھي. مون کي جي انهيءَ پھاڙ کان جدا ڪيو ويو ته يقينن آئون خوش نه رھندس.
ڪيپٽن ٽروٽ اڃا ريزيڊنسي ھائوس جي خوبصورت آڳنڌ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو ڪارونجھر جو من موھيندڙ نظارو ڏسي رھيو ھو، جو سپاھي ڪولھڻ کي وٺي آيا. ٽروٽ گھريءَ گھور سان ڪولھڻ ۾ نهاريندي، ھلڪو ڪنڌ ڌوڻي ڪولھڻ کي سلام ڪيو.
“ڍاٽن ٽنهنجي ۽ ٽنهنجي مڙس جي وچ ۾ ڪيري گال بول ھلي؟ ٽو کيس سمجھايو؟”
ڪولھڻ ٽروٽ ڏانهن اک کڻي نهاريو به ڪين، ڪنڌ پاسيرو ڪيو ڪروڌ مان بيٺي چيائين: “تو واريون ڳالھيون مون کي زاد ئي ڪو نه پيون. مون کي وسري ويون، ڪي الائي مون ٻڌيون ئي ڪين ھيون!
ڪولھڻ ٽروٽ کي حيران پريشان ڪندي، لُوھ پائي، ھيٺ لاھيءَ ڏانهن تکي وڌي، پر اٺ ڏھ پير ڀري اوچتو بيھي وئي ۽ ڏاڍي ڪروڌ مان نڪ جون ناسون ڦنڊائي، ٽروٽ ڏي نهارڻ لڳي:
“گورا، تون ڀل اسان جا مڙس مارائي ڇڏ! آئون به ڏسنديس ته ڪارونجھر ۾ گھڻا ڏينهن ٿو جُڃَ ڪرين؟ ڪولھياڻين جا پيٽ اڃا سڪا ڪونهن. ڪٿي حلال ڪين حرامي ڦر ڄڻي اوانکي مارائي نه وجھون. اھي ڀاڙيا لاڌو سنگهه ۽ روپا ھئا، جن کان منگھواڻن جي ڇوڙن ۾ لڪي پاڻ کي بچائي ويو ھئين. اسان جا ٻار تو کي نرڳ ۾ به ڪو نه ڇڏيندا. شاھ بيگڙي وانگي ڀڄي وڃ گورا، ڀڄي وڃ، مري ويندين.
ٽروٽ دنگ رھجي ويو. ڪولھڻ ڇوھ ڇنڊيندي، ڀريل پيٽ سان پڙو لمڪائيندي، ھيٺ لھي، ڀوڏيسر ڏانهن سٽيندي ٿي وئي.
قيديءَ کي اونڌو ڪري چيلهه ۾ چَھا وھايا ويا. آڪيڙا چاڙھيا ويا، پر ھن ڪجھ ڪو نه ٻڌايو. رات جو کيس بند جي لوھي دروازي سان شِيخ ڪري ٻڌو ويو. سندس ڳچيءَ ۾ تکن سوئن وارو ڦندو شِيخن سان ڪشي ٻڌو ويو، جيئن ھو ھڪ سوت به چُري پُري نه سگھي ۽ سندس تارونءَ تان وارن جي چَتي لاھي، سندس تارونءَ تي ميڻ بتي کوڙي وئي ۽ جيئن جيئن ميڻ بتيءَ جي وٽ ميڻ ڳاريندي ھيٺ لھندي ٿي وئي، ڪولھيءَ جو ٽامي جھڙو بت پگھرجندو ٿي ويو، پر اھڙو ڪڇي جھڙي ڀت! پر ڪيپٽن ٽروٽ شايد کيس وڌيڪ ايذاءُ ڏيڻ نه پئي گھريو:
“منهنجي خيال ۾ ٽنهنجي زال جي پيٽ ۾، ٽنهنجو اھو پھريون ٻار آھي؟”
“ڇا تو کي پنهنجي ننڊي ٻار ڏسڻ جي تمنا ڪاني؟”
“غلام ٻار کي ڏسي ڇا ڪندس، ڪھڙي خوشي ٿيندي؟” قيديءَ ٻڏل آواز سان وراڻيو. “ھا – ”
“ڇا ٽون راني لادو سنگهه جو غلام نه ھئين؟”
“نه، جي مان محسوس ڪريان ھا ته لاڌو سنگهه جو غلام آھيان ته مان ان کي به گوليءَ مان ڪڍان ھا.
ڪيپٽن ٽروٽ ته ٺھيو، پر سپاھي به وائڙا بيٺا قيديءَ ۾ نهاريندا رھيا. پل پل ميڻ جي وٽ ڳرندي قيديءَ جي تارونءَ سان اچي لڳي ھئي. قيديءَ جي مک ۽ سڄي بت مان پگھر نيسارا ڪريو پئي نڪتو. اوچتو ڪيپٽن کان رڙ نڪري وئي:
“ٽون مانهون آھين يا جن! ڇا ٽون تڪليف نه پيو محسوس ڪرين؟”
“قيديءَ جو منهن ڳاڙھو ٿي ويو. ڏند ڏندن سان، چپ چپن سان ۽ اکين جا ڇپر اکين سان ڀچي ويا. شِيخ ٿي ويو. دل ڏاريندڙ رڙ ڪري چيائين:
“تڪليف...... تڪليف....... الائي ڇا ٿيندي آھي تڪليف.....؟” الائي قيدي جي سھڻ جي طاقت ڇڏائي وئي ھئي يا جيئڻ جي، ھن جي ٽامي جھڙي وگھرندر طاقتور ڌڙ، زور سان ڌڌڙي ڀري ڦٿڪو کاڌو، ڳاٽ چرڻ سان سوئا ڳچيءَ ۾ ويھي ويس. سندس ھٿن پيرن جون زنجيرون زور سان کڙڪيون ۽ قيديءَ جو پگھر ۽ رت ھڪ ٿي ويا. ڪيپٽن ٽروٽ وٺي ڊوڙ وڌي. ميڻ جي وٽِ، قيديءَ جو تارون وٺي ڇڏيو ھو. ھو شِيخ ٿي ٿڌو ٿي ويو ھو. ٽروٽ جي ھانو ۾ ڄڻ بڻڇي کپي وئي. وات مان رڳو ايترو اڪليس: “مون کي..... مون کي....... ڪھڙي خبر ته ھي ڪو ايترو جھٽ.......
جڏھن ٽروٽ بندي خاني مان ٻاھر نڪتو ته سڄو ڪارونجھر پڙاڏا پڙاڏا ھو. خبر نٿي پئي ته ڪڪرن گجگوڙ ڪئي آ يا توبن جا منهن کليا آھن؟ وڄ چمڪي آ يا ڪولھين جي بندوقن جا ڇيرا اڏاڻا آھن؟ سڄو ڪارونجھر دونهان دونهان، آڳ آڳ لڳو پيو ھو. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ٽروٽ کي احساس ٿيو ته ڪا به ڌاري قوم پرائي ڌرتيءَ تي وڌ ۾ وڌ پنجويهه سال قبضو ڪري سگھي ٿي، پر ڪارونجھر شايد کين ٻارھن سالن کان به اڳي خالي ڪرڻو پوي. —

No comments:

Post a Comment