Saturday, November 22, 2014

ڳاڙهي ڪنوار - سليم چنا

ڳاڙهي ڪنوار
سليم چنا


ماڪ جا شفاف ڦڙا هن جي ڳلن تي ڪِريل هئا، هن جو مُک مَهڪي رهيو هو. جبلن جي وچ ۾ اڏيل هڪ قديم ۽ تاريخي شهر جي نرڙ تي باک ڦٽي رهي هئي. هوءَ پڌر ۾ کٽ تي سُتل هئي. شهر جي ٿڌڙين هوائن هُن کي گهريءَ ننڊ ۾ سُمهاري ڇڏيو هو. هُن کي ڪهڙي خبر ته چنڊ آسمان ۾ جڏهن به جوڀن ۾ هوندو آهي، تڏهن هُن جو چهرو چمڻ ضرور ايندو آهي.

Monday, November 3, 2014

ڦوٽ جو نتيجو

ڦوٽ جو نتيجو
(ٻڌيءَ جي طاقت بابت، چيڪوسلواڪيا جي بادشاهه جي نصيحت واري آکاڻي)
اڄ کان تيرهن سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهي. يورپ جي اوڀر ۾ هڪ وڏي حڪومت هئي. انهيءَ ۾ موراويه، ٻوهيميه ۽ سلواڪيا جا ملڪ هئا. انهن ملڪن تي جيڪو بادشاهه حڪومت ڪندو هو، ان جو نالو ”سوائو پولڪ“ هو. اهو بادشاهه ڏاڍو سياڻو ۽ بهادر هوندو هو. کيس ٽِن پٽن جو اولاد به هو. اهو هن جي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو هو، جو هو انهن ملڪن تي حڪومت ڪندو هو. جڏهن ته بادشاهه پوڙهو ٿي ويو هو ۽ بيمار پڻ رهڻ لڳو هو. تڏهن کيس اچي ڳڻتي ٿي ته مون کان پوءِ هيڏي ساري ملڪ کي ڪير سنڀاليندو؟ هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي ٽنهي پٽن کي پاڻ وٽ سڏايو. ٽئي اچي هن جي بستري وٽ بيٺا. بادشاهه کين چيو؛ ”پُٽ! آءٌ هاڻي پوڙهو ۽ ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهيان ۽ ڪجھه ڏينهن جو مهمان آهيان. مون وڏين ڪوششن ۽ محنت سان، هيءَ حڪومت جوڙي آهي. هاڻي اهو وقت تمام ويجهو اچي ويو آهي، جو اوهان کي حڪومت جون واڳون ڏيان. هن حڪومت جا دشمن به گهڻا اَٿوَ، جن جون نظرون هر وقت ان ۾ کُتل آهن. توهان جو فرض آهي ته هن حڪومت کي دشمنن کان بچايو ۽ هن کي قائم رکندا اچو!“

Sunday, November 2, 2014

وڏي ماڻهوءَ جي ناني - پرويز

وڏي ماڻهوءَ جي ناني
پرويز
”بابا “
”جي پٽ“
”اوهان اڄ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“
”پٽ، پنهنجي تڪ جي ايم اين اي (ميمبر نيشنل اسيمبلي) جي ناني گذاري ويئي آهي، سو اوڏانهن ٿو وڃان ڪانڌي ٿيڻ.“
”بابا، ان جو ڳوٺ ته الاهي پري آهي. گاڏيءَ کان سواءِ ڪيئن وڃي سگهبو!“
”ها پٽ، گاڏي ته ڀاڙي تي ڪرڻي پوندي. هڪ ته پنڌ گهڻو پري آهي. ٻي ڳالهه ته وڏن ماڻهن وٽ ائين پنڌ ٿو وڃجي (لوڪل ٽرانسپورٽ ذريعي) ته ڪير پڇي به ڪو نه ٿو. تنهن ڪري به گاڏيءَ ۾ وڃڻو پوي ٿو ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ ڪير هٿ ڏيئي ڪٿي ويهاري ته سهي!“
”پر بابا، گاڏي به ٻه اڍائي هزار روپيه ته ضرور وٺندي!“
”ها پٽ، ائين ته آهي. مهانگائي چوٽ چڙهي ويئي آهي. ٻيو ته اڄ سي اين جي گئس به بند آهي. سو ڊرائيور ته پنهنجي من ماني ضرور ڪندا. پر ڇا ڪجي! وڃڻ به ته ضروري آهي نه.