Monday, September 4, 2017

ڪباب - عبدالواحد سومرو

ڪباب
ڪهاڻي
عبدالواحد سومرو
هڪ ڪالوني جنهن ۾ ڪنڊ تي بنگلو آ ٻاهران ڪافي کليل ميدان در جي ڀرسان گارڊ گهرن جي نظرداريءَ لاءِ موجود گهر ۾ هڪ جوڙي پنهنجي ننڍرن ٻارڙن سان گڏ رهائش پذير  آهي. گهر جو مرد ذميوار، سيلف ميڊ شخصيت جنهن هي سڀ ڪجهه پنهنجي ٻل تي ٺاهيو آ، هينئر ڪار ۾ اچي در تي رڪجي ٿو ته سيڪيورٽي گارڊ اٿي اچي سلام ڪندو وڏو لوهو گيٽ کولي ٿو. هي صاحب بنگلي جي اندر ڪار روڪي اندر هليو ٿو وڃي.

سچل سرمست ان سچل ڪانفرنس - زيب سنڌي

سچل سرمست ان سچل ڪانفرنس
زيب سنڌي
سچل سرمست جنهن وقت هال ۾داخل ٿيو، ان وقت ادبي ڪانفرنس ۾ مشاعرو پنهنجي پوري عروج تي هو. اسٽيج تي ڊائيس جي پويان بيٺل بندري قد وارو شاعر، جنهن جو هال ۾ ويٺلن کي چهرو نه، پر فقط سندس مٿي تي ٻڌل طُرو ڊائيس مٿان نظر اچي رهيو هو، اهو ڪيڪڙاٽ ڪري پنهنجو ڪلام پيش ڪري رهيو هو، ”سچل سارو سچ.... سچ سارو سچ..... سچل سارو سچ...!“

مرڪ تي منع

مرڪ تي منع
سندري اتمچنداڻي
لنبي عرصي کان پوءِ ٿي ھئي پڪنڪ، چترڀڄ ڪيترو وقت ٻيڙيءَ کان پرتي ويندڙ پاڻيءَ کي تڪي رھيو ھو. اوچتو راڻيءَ طرف منھن ڪري چيائين، “مون کي لڳي ٿو، تو کي منھنجي باري ۾ ڪائي غلط فھمي ٿي آھي...”
راڻيءَ جي پلڪن جا سورج مکي اڌ گول ڪجھه دير چترڀڄ کي تڪيندا رھيا. پڇيائين، “ڇو ٿو لڳي توکي ائين؟”