Monday, September 4, 2017

ڪباب - عبدالواحد سومرو

ڪباب
ڪهاڻي
عبدالواحد سومرو
هڪ ڪالوني جنهن ۾ ڪنڊ تي بنگلو آ ٻاهران ڪافي کليل ميدان در جي ڀرسان گارڊ گهرن جي نظرداريءَ لاءِ موجود گهر ۾ هڪ جوڙي پنهنجي ننڍرن ٻارڙن سان گڏ رهائش پذير  آهي. گهر جو مرد ذميوار، سيلف ميڊ شخصيت جنهن هي سڀ ڪجهه پنهنجي ٻل تي ٺاهيو آ، هينئر ڪار ۾ اچي در تي رڪجي ٿو ته سيڪيورٽي گارڊ اٿي اچي سلام ڪندو وڏو لوهو گيٽ کولي ٿو. هي صاحب بنگلي جي اندر ڪار روڪي اندر هليو ٿو وڃي.


”ڇو ڀلا، لامارا پيو ڏين؟“
”ائين ئي آيم، ڪتاب رهجي ويو هيو. اهو کڻڻ آيو آهيان.“
”ڪهڙو ڪتاب!“
پنهنجي سبجيڪٽ جو هيو جيڪو رهجي ويو هو.
”ڪتاب ته صبح ڪار ۾ رکيو هيئي؟ هاڻ وري ڪهڙو ڪتاب ياد آيو اٿئي.؟ جوڻس چيو
ڪار ۾ رکيو هوندو؟“ صاحب پنهنجو پاڻ ئي چيو
”ها، ها اهو صبح به ڳوليئي پئي؟ ويسر ٿي ويئي اٿئي ڇا؟“ جوڻس چيس
اٿي پاڻي پيئڻ جي بهاني سان فرج جا سمورا خانا چڪاسڻ لڳو ته جيئن زال جي چوري پڪڙي سگهجي!
”ڇو ڀلا فرج جي جاچ ٿو وٺين؟“ جوڻس چيس
”نه، نه، بس پاڻي پيتو ۽ فروٽ ٿي ڏٺو.“ صاحب چيو
”رات به پٽ چيئي ته سردو انگور وٺي ڏي، پوءِ هنيئر وري ڪير وٺي آيو؟“ جوڻس چيو
نه. نه مان ڏسان پيو ته ڇا ڇا پيو  آهي ۽ صفائي ڪونه ٿيل اٿس. صاحب چيس
”ٻه ٽي ڏينهن به نه ٿيا هوندا جو فرج جي صفائي ڪئي هيم، ٻيو وقت ڪٿي ٿو ملي جو روز صفائي ڪيانس.“ جوڻس چيو
”ڇو وقت نٿو ملئي؟“ صاحب چيو
”گهر ۾ جيڪا بجيٽ آهي اها ته راشن ۾ پوري ٿي وڃي ٿي.“ جوڻس چيو
”هي هيترا سارا پئسا جو اٿئي اهي ڪيئن ٿي خرچ ڪرين؟“ صاحب چيو
”اهي پئسا ڪٿان ٿا ٽڪن جو وري ڪم لاءِ مائي رکان،“ جوڻس چيو
”هي سڀ پئسا چٽ ٿي ڪري ڇڏين ڇا؟“ صاحب چيو
”چٽ ڪٿي ٿي ڪيان راشن، ڪار لاءِ به خرچ ٿو کپي مٿان مهانگائي ڌار مهن ڪڍيون بيٺي آهي نڀاڳا ٽماٽا به ۸۰ رپيا، کير مهانگو کنڊ پتي گهر آيو ويو مهمان ڌار آهي.“ جوڻس چيو
”تنهنجي هٿ ۾ برڪت ڪٿي آهي. فضول شيون وڌيڪ ٿي وٺي اچين.“ صاحب چيس
هرو ڀرو تنگ نه ڪر، هاڻ سڀ شيون مهانگيون ٿي ويون آهن. جوڻس چيو
”نيون شيون يا تنهنجي ڪپڙن جو شوق ۽ ميڪ اپ جو سامان به ته ان ۾ شامل هوندو ئي هوندو؟“ صاحب چيو
اڄ ڪلهه سچي ڪپڙا نوان پائڻ گهٽائي ڇڏيا آهن. ۽ ميڪ اپ به گهٽايو آهي.“ جوڻس چيو
”جيترو اڳ ۾ ڪندي هئين اوترو ته ڪرين ٿي لپ اسٽڪ، باڊي اسپري کان ويندي جديد زنانو سامان به اڳ کان مهانگو ته اٿئي؟“ صاحب چيس
”مرد آهين آخر طعنو هڻي ورتئي، وڏو ڪو ظالم آهين.“ جوڻس چيس
”ها مادام خاتون اول، ماني جيڪا پچائين ٿي اها به وڌيڪ آهي پوءِ ضايع ٿئي ٿي،. سڪي ماني جي بالٽي ڀري پئي آهي.“ صاحب چيس
”ڪڏهن ڪڏهن ٻار ماني جي بجاءِ ميگي وغيره جو کائن ٿا“. جوڻس جواب ڏنو
”ان جي معنيٰ ته جيڪو پچايو سو ڇٽو تڏهن ته وڌيڪ خرچ ٿي ٿو وڃي.“ صاحب چويس ٿو
”تون اجايو ٿو سوال ڪرين. جڏهن کان تنهنجي ماءُ گهران ٿي ويئي آهي، اچي وقت بي وقت فرج، ڪچن ٿو چيڪ ڪرين. خبر ناهي ماءُ ڇا ٻڌايو اٿئي؟“ جوڻس چيس
”بس سس جي ڳالهه ڪڍي تئي نه، صبر نه آيئي.“صاحب چيس
”ان ۾ وڌاءُ ڪهڙو آهي اڄ ٽيون ڏينهن آهي، منجهند شام رات جو کاڌو چيڪ ٿو ڪرين ڄڻڪ مون کي سمجهه ۾نٿو اچي، جڏهن ته تنهنجي جرنل جي ڇپائي جو ڪم رهيل آهي. سيمينار جي تياري ڪرڻي اٿئي. ان ڪم جي بجاءِ اچي کاڌي جون شيون چيڪ ٿو ڪري وڃين نه ته پهرين ايترو گهر ۾ نه ايندو هئين؟.“ جوڻس چيو
”ڇا مقصد آ ئون گهر به نه اچان ڇا؟“ صاحب تيز ٿيندي چيو
”گهر اڳ ۾ گهٽ وقت ڏيندو هئين. جڏهن کان سس هتان ٿي ويئي آهي. ته تون ڪجهه نه ڪجهه ڳولهڻ جي ڪوشش پيو  ڪرين ڄڻڪ ڪو خزانو ڍڪيل هجي.“ جوڻس چيو
”ها، ها ڳولهيان پيو، جيڪي ڪباب امان وارن کي کارائڻ جي ڀو کان لڪائي رکيا اٿئي سي ڏسان پيو ته ڪٿي آهن؟.“
اڙي مٺيس خير ته اٿئي جو ڪباب به اهڙي قيمتي شئي آهن جو مان لڪائي رکندس. پاڻ تي ٿورو رحم ڪر. اجايو ماءُ جي ڳالهين تي لڳو آهين. پنهنجو قيمتي وقت ٿو وڃائين. بس هاڻ ڪبابن ڳولهڻ جو ڪم وڃي رهيو اٿئي؟.“ جوڻس نرڙ ۾گهنج وجهندي چيو.

مڙس ڪنڌ هيٺ ڪندو، ڪبابن جي ماءُ واري الزام ثابت نه ٿيڻ جي ڪري، گهر مان ٻاهر هليو ٿو وڃي.

No comments:

Post a Comment