Thursday, March 28, 2013

وکريل سوچون - نسيم ٿيٻو


وکريل سوچون
نسيم ٿيٻو
اسان جي شادي ٿيل هئي ۽ اها به پيار وچان، اسان کي هڪڙو ٻار به هيو.ٻار ڏاڍو سندر هو. اهو ٻار، پيءُ کي به ڏاڍو پيارو هو ۽ مون کي به.
پر هيئن ٿيو جو ڪجهه سالن کان پوءِ منهنجي گهر واري کي هڪ  ٻي عورت وڻي ويئي ۽ هن  گهر ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني ۽ ڏاڍو چڙچڙو ۽ ڪروڌي ٿي پيو ۽ مان ڌيرج کان ڪم وٺي هن جو سڀ ڪجهه سهڻ لڳس. آخر هن جي جيون ۾ زلزلو آيو هو. جذبن جي اُٿل پٿل ٿي هئي. قيامت اچي ويئي هئي. هن جي دل ۾.

آيل اُن نه وسهان - نسيم ٿيٻو


آيل اُن نه وسهان
نسيم ٿيٻو
جگديش باغ مان گلاب جا گل پٽيا، زيتون جي وڻن منجهان لنگهي پريان موتئي جي ٻوٽي مان ڪجهه موتئي جون مکڙيون پٽيون ۽ پوءِ هو واپس وينا وٽ ويو. وينا پنهنجي گهر جي لان ۾ ويٺي گورڪيءَ جو ناول ”ماءُ“ پڙهيو. ٽيبل تي ريڊيو رکيو هو، جنهن مان پنڪڇ مَلَڪَ جي آواز ۾ غزل هلي رهيو هو.
هي راتيون هي موسم کلڻ تنهنجو کلائڻ
مون کي ڀل وسارج نه سوچ سي وسارڻ
جگديش گل ۽ مکڙيون وينا جي اڳيان ٽيبل تي اچي رکيا.
”وينا هي گل مون تو لاءِ آندا آهن. منهنجي دل گهريو چيم پنهنجي وينا لاءِ ڪجهه وٺندو وڃان.“
”پر. هي ته ڪنهن باغ منجهان پٽيل ٿا ڏسجن.“
”تو ڪيئن سمجهيو. ؟“ جگديش وينا کي پيار منجهان گهوريندي چيو.

اُجرو من - نسيم ٿيٻو

اُجرو من
نسيم ٿيٻو
اڄ دل چاهيو هيو ته تو وٽ اچان، دل جا سڀ وهم وساري، سڀ جڳ جا ٻنڌڻ ٽوڙي تو وٽ هلي اچان! ۽ تو ۾ سمائجي وڃان: تو وٽ اچي نه سگهان، ته اتي بيهي رهان، جتان تون لنگهندو آهين. ائين به ڪري نه سگهان ته توکي ڪوئي سنيهو موڪليان پر ڊپ لڳم ته تون ڪاوڙجي نه پوين ۽ مون کان نفرت نه ڪرڻ لڳين، ان ڪري دل جا سور دل ۾ سانڍي ماٺ ٿي ويس. ان سانت منهنجي اندر کي ڳاريو هو. مان ڏاڍي اداس ٿي وئي هيس. ڪوئي ته رستو به نه هو تو تائين پهچڻ جو!

وڍي جن وڌياس - نسيم ٿيٻو


وڍي جن وڌياس
نسيم ٿيٻو
رات اڌ کان وڌيڪ گذري چڪي هئي. چنڊ به ڪڏهوڪو اڀريو هو. ۽ هاڻي سيتل چانڊوڪيءَ ۾ ڳوٺ جي ڪنهن ڪنواريءَ جي ڪومل جسم جيان وهنتل ٿي لڳو. چپ چاپ ۽ خاموشي به اهڙي جو ڪنهن جي ساهه کڻڻ جو آواز به نه ٿي آيو. بنسري جي هڪ ڏکوئيندڙ ۽ وڇوڙي واري سر تي ڄڻ ڪجهه ياد آيس. هوءَ اُٿي کڙي ٿي ۽ ڪنهن ڄاتل سڃاتل ۽ اڳ سونهين جاءِ ڏانهن، پير پير ۾ پائيندي، تڪڙي تڪڙي هلي وئي. جيئن جيئن ان سونهين هنڌ کي ويجهو ٿيندي وئي، تيئن کيس جهونگار چٽي ٻڌڻ ۾ آئي:
اچ ٻاروچل اچ الا....
گهوريو وڇوڙو ٿو ماري.....

ڪاري رات - نسيم ٿيٻو


ڪاري رات
نسيم ٿيٻو
وڏيرو پيرل کٽ تي ويٺو هو ۽ شيوَ پئي ڪيائين. سردين جا ڏينهن هئا پارو به پيو چوي ته ”اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان،“ مينا اڱڻ ۾ ويٺي بلور راند ڪئي. حاڪم رڌڻي ۾ رکيل هڪ گُندڙي تي اچي ويٺي هئي. هوءَ وڏيري جي وڏي ڌيءُ ۽ ازان کان ٻه چار سال ننڍي هئي. جڏهن به ازان صبح صبح جو ڪم تي ايندي هئي ته حاڪم به اچي رڌڻي ۾ ويهندي هئي ۽ پوءِ دريءَ منجهان کوهه تي بيٺل ماين کي ڏسندي رهندي هئي. کوهه تي ڪي مايون پاڻي پيون ڀرينديون هيون ۽ ڪي مايون دلا ڀري دريءَ وٽان اچي لنگهنديون هيون. تن کي پئي ڏسندي هئي.

اڌ رات - نسيم ٿيٻو


اڌ رات
نسيم ٿيٻو
اڌ رات جو وقت هو، اڱڻ ۾ نم نه هئي، ان کان ٿورو پرڀرو ٻه کٽون وڇايل هيون. هڪ تي نمو ستل هئي ۽ ٻئي تي سندس پُڦي، گهر تمام وڏو هو. ٻه ڪمرا ۽ هڪ وڏو هال. هڪ ڪمرو ڇت مٿان به هو، اهو ڪمرو ڏاڍو هوادار هو. چوطرف دريون هئس. جڏهن به هوا گهلندي هئي ته ان ڪمري ۾ گهوگهٽ ڪري ايندي هئي پر جي ٻٽ هوندي هئي تڏهن به ان ڪمري ۾ وائک هوندي هئي. ان جي سامهون ڪشادي ڇت ڦهليل هئي. جنهن جي هيٺان هال هو ۽ انهن ڪمرن اڳيان ورانڊو هو. هال ۾ بس هڪ ئي در هو منجهس ڪا به دري يا روشندان نه هئا. ان ڪري اِهو هال هميشہ اونداهون رهندو هو. منجهس هڪ هندورو پيل هو. ۽ ڪجهه شيشي جون الماريون جن ۾ چينيءَ جا ٿانوَ سجايل هوندا هئا. ڏينهن ڏٺي جو نمو ان هال ۾ ويندي ڊڄندي هئي. ائين ڄڻ ان ۾ ڀوت ۽ پريون رهنديون هجن. پڦهنس ڪڏهن اندر ويندي هئي ته نمو به ان جي چولي جي پلاند کان پڪڙي ڊڄندي ڊڄندي اندر ويندي هئي پر ويندي ضرور هئي. هڪ الماريءَ ۾ الاهي سارا موتي رکيل هوندا هئا ۽ موتين سان ڀريل وڃڻو ۽ دٻڪيون به رکيل هونديون هيون ۽ ڪجهه ننڍڙا  ٿانوڙا، جن تي جنڊيءَ تي ٿيل ڪم هو. ان هال ۾ گهڙڻ سان گونج پيدا ٿيندي هئي. هلڪن قدمن جو به آواز چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ جڏهن نمو ۽ پڦهنس پاڻ ۾ ڳالهائينديون هيون، ته ان جو ايڪو پيدا ٿيندو هو. ڄڻ ٻه روح پاڻ ۾ ڳالهائيندا هجن. عجيب قسم جي سنسانيت ۽ ماٺائي هوندي هئي. روح منجهه گهڙي ويندڙ. نمو جي ڏاڏيءَ کي مُئي ٽي چار سال ٿيا هئا. پر نمو ائين سمجهندي هئي ته سندس ڏاڍي پنهنجي مخصوص لوڏ سان هلندي وتندي هئي. پڦهنس پيٽيءَ مان ڪپڙا لٽا ڪڍندي هئي نه نمو ان جي ڀر ۾ بيهي ڏسندي هئي لوهه جي وڏي ڳري پيٽيءَ ۾ الاهي سارا اوائلي قسم جا ڀرت ڀريل لٽا رکيل هوندا هئا، ۽ هڪ ڪاٺ جو گول دٻلو هوندو هو، ان ۾ قسمين قسمين جا سونا زيور رکيل هئا. ست لڙي دهريون، پازيب، ڪنگڻ، ڇٽ، نٿ ۽ الائي ڇا ڇا هوندو هو. نمو انهن کي حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندي هئي ته جيڪر پڦي اِهي سڀ زيور مون کي ڏي ته مان پايان.

آءُ ڪانگا ڪر ڳالھ - نسيم ٿيٻو


آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه....
نسيم ٿيٻو
اڄ ڳوٺ ۾ زندگي جا اهڃاڻ ڪجهه وڌيڪ ٿي نظر آيا خاص ڪري مردن ۽ ٻارن ۾، عورتن جي معمول ۾ ڪو خاص فرق نه آيو هو. ساڳيو ئي ميريون پگهريل ۽ ڪم ۾ رڌل، رڙين ۽ واڪن ۾ پوريون، باقي مردن کي نوان ويس وڳا پهريل هئا. اڇون پڳون ڪلف لڳل. ٻار به اڇا اجرا هئا. صبح کان ڪنهن ڄاتل خوشيءَ جو انتظار ٿي رهيو هو. اها ڪهڙي خوشي هئي، جنهن هارين نارين جي چهرن کي ٻهڪايو هو ۽ وڏيرن کي وڌيڪ ڦونڊ ۾ وڌو هو؟ عيد به ڪانه هئي، نه ڪا شادي هئي، پوءِ ڪهڙي خوشيءَ ۾ سڄو ڳوٺ جهوميو پئي. ضرورت کان زياده گهُٽ ۽ ٻُوسٽ هئي. بافتي جي نون ڪپڙن وڌيڪ گرمي ڏئي ڳوٺاڻن کي پگهر ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو. وَڻ ٽڻ خاموش هئا، اڳين کان وڌيڪ جهڪيل ۽ ماٺ ۾. آڪاش ۾ سرڻين جا لامارا وڌيڪ تيز، ڪتن به وڌيڪ پئي ڀؤنڪيو ۽ ڪانون جي ڪان ڪان به زور تي هئي، اهي اهڃاڻ ڇا جا آهن؟ تنهنجي سڌ پدما کي چڱيءَ طرح هئي. اڄ ”مروان موت ملوڪان شڪار“ جي هفتي جو پهريون ڏينهن هو.

ڀِڳل ڪبوتر - نسيم ٿيٻو


ڀِڳل ڪبوتر
نسيم ٿيٻو                                 
سياري جي سرد هوائن وري گهلڻ شروع ڪيو هو. اِهي سرد هوائون جن پاڻ سان گڏ پرينءَ جون يادون ته آنديون ٿي، پر کيس ڪڏهن به ساڻ نه آندائون. ڇو اينديون آهيو. سرد هوائون. جڏهن منهنجو پريمي ساڻ نه هوندو اٿوَ....؟ آه! اِهي سرد هوائون هينئين کي ڳاريندڙ هوائون. دل جي زخمن تان کرنڊون لاهي زخم تازا ڪنديون وينديون آهن.
سياري جون سرد هوائون،
هينئين کي ڳاريندڙ هوائون،
هردي ۾ گهڙي ويندڙ هوائون،
لونءَ لونءَ کي ڪانڊاريندڙ هوائون، 
هر پل گهلي يادن کي مون وٽ سٽي ڪاڏي گم ٿي وينديون آهيو....

احساس جا چهڪ - نسيم ٿيٻو

احساس جا چهڪ
نسيم ٿيٻو
سوچ ڪيڏي نه عذاب ڏيندڙ شيءِ آهي. هر روز سج اڀري ايندو آهي، وڻي نه وڻي ڏينهن پر سورج ديوتا پنهنجا ڪرڻا هر شيءِ مٿان ڦهلائيندو آهي. سندس ڪرڻن جي ڇهاوَ تي ڪيتريون مکڙيون ٽڙي گل به ٿينديون آهن. سورج جا ڪرڻا جڏهن ڀنل ڀنل پنن ۽ پنکڙين تي پوندا آهن ۽ ڌرتيءَ تي ڪرندا آهن ته انهن جي نمي پاڻ ۾ جذب ڪري وٺندا آهن. ائين جيئن نو ورني ڪنوار سندر سپنن کي جڏهن اهي ئي ڪرڻا سمنڊ جي مٿان ڪرندا آهن ته ڄڻ سوين ڪروڙين تارا آسمان ۾ ٽمڪندا آهن، جهل مل ڪندڙ ديپ لهرن جي مٿان وکري ويندا آهن ڄڻ سمنڊ، سمنڊ نه هجي. وشال گگن هجي، ڄڻ رڻ پٽ جي رڃ هجي. سمنڊ جي گهرائي ۾ ڇا هي سورج ديوتا جو ان سان ڇا؟

Sunday, March 24, 2013

ڳوڙهن جي ريکا - نسيم ٿيٻو


ڳوڙهن جي ريکا
نسيم ٿيٻو
ادا ويٺي کٽ تي ماني کاڌي. سندس نيرن ۾ چانورن جي پليٽ هئي، ٻه گرم گرم اُڦراٽا ۽ تريل ڀينڊيون، ٻه انب؛ جي وٽي ۾ ڀڳل هئا. زرد زرد انبن مٿان برف جا ٽڪر پيل هئا ۽ هڪ پليٽ ۾ تريل مڇي به پئي هئي. ادا ٿرماس مان پاڻي اوتڻ لڳو. ڏهن ٻارهن سالن جي ننڍڙي انور ويٺي ادا مٿان جهلي هلائي. جهلي هلائيندي انور سڄو ئي پئي لڏيو، ڇو ته جهلي سندس وت کان گهڻو ڳوري هئي. گهر ۾ چپ لڳي پئي هئي. رکي رکي نم منجهان ڪانوَ جي ڪان..... ڪان ٿي آئي ۽ گهڻو پري کان سونٽيءَ جي سٽڪي جو آواز ٿي آيو.

ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين - نسيم ٿيٻو


ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين
نسيم ٿيٻو
پنجون پيرڊ ختم ٿيو ته مان پنهنجي ڪلاس جي ڇوڪرين سان گڏ هيٺ لٿس، ڇو ته هينئر اسان جو زولاجيءَ جو پريڪٽيڪل هو. منهنجي هٿ ۾ ڊائسيڪشن باڪس ۽ زولاجيءَ جو جنرل هو. ورانڊي مان لنگهندي، منهنجي نظر وڃي هڪ قيديءَ تي پئي، جيڪو لان جي ٻئي پاسي ڪنڌ نوايو، پٿرن کي ڀوري، مٽي پئي ڪيائين. سندس ڀرسان ٻيا قيدي به بيٺل هئا، جن کي به ٻنهي پيرن ۾ زنجير پيل هئا. اسان سڀني جي لنگهڻ تي قيدين منهن مٿي ڪري ڏٺو. سندن چپن تي زخميل مرڪ هئي ۽ اکين ۾ اُداسيءَ سان  گڏ طنز به هئي. هي وري پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويا ۽ مان به اچي ليبارٽريءَ ۾ پڳس. منهنجي دل الائي ڇو اُداس ۽ ويران ٿي ويئي. سوچيم ٿي ته مزدور جيل ۾ به سخت ٿڪائيندڙ پورهيو ٿو ڪري. پر وڏا ماڻهو قتل ڪري به اچي جيل ۾ بي ڪلاس، ريڊيو، اخبار ۽ ٻيون آسائشون ٿا ماڻين. کين زندگيءَ جون ساڳيون سهولتون ٿيون ميسر ڪيون وڃن. معنيٰ طبقاتي ويڇا جيل اندر به قائم آهن.
ها ته مون ڳالهه ٿي ڪئي ان قيديءَ جي، جيڪو مون کي ڪجهه ڄاتل سڃاتل پئي لڳو. ٿورو ذهن تي زور ڏنم ته ياد آيم. هو ته اسان جي پنهنجي ڳوٺ جو هاري هو، جنهن کي ڳوٺ جا ماڻهو ڪامريڊ سوڍا ڪري سڏيندا هئا.