اڌ رات
نسيم ٿيٻو
اڌ رات جو وقت هو، اڱڻ ۾ نم نه هئي، ان کان ٿورو پرڀرو ٻه کٽون وڇايل
هيون. هڪ تي نمو ستل هئي ۽ ٻئي تي سندس پُڦي، گهر تمام وڏو هو. ٻه ڪمرا ۽ هڪ وڏو هال.
هڪ ڪمرو ڇت مٿان به هو، اهو ڪمرو ڏاڍو هوادار هو. چوطرف دريون هئس. جڏهن به هوا گهلندي
هئي ته ان ڪمري ۾ گهوگهٽ ڪري ايندي هئي پر جي ٻٽ هوندي هئي تڏهن به ان ڪمري ۾ وائک
هوندي هئي. ان جي سامهون ڪشادي ڇت ڦهليل هئي. جنهن جي هيٺان هال هو ۽ انهن ڪمرن اڳيان
ورانڊو هو. هال ۾ بس هڪ ئي در هو منجهس ڪا به دري يا روشندان نه هئا. ان ڪري اِهو هال
هميشہ اونداهون رهندو هو. منجهس هڪ هندورو پيل هو. ۽ ڪجهه شيشي جون الماريون جن ۾ چينيءَ
جا ٿانوَ سجايل هوندا هئا. ڏينهن ڏٺي جو نمو ان هال ۾ ويندي ڊڄندي هئي. ائين ڄڻ ان
۾ ڀوت ۽ پريون رهنديون هجن. پڦهنس ڪڏهن اندر ويندي هئي ته نمو به ان جي چولي جي پلاند
کان پڪڙي ڊڄندي ڊڄندي اندر ويندي هئي پر ويندي ضرور هئي. هڪ الماريءَ ۾ الاهي سارا
موتي رکيل هوندا هئا ۽ موتين سان ڀريل وڃڻو ۽ دٻڪيون به رکيل هونديون هيون ۽ ڪجهه ننڍڙا ٿانوڙا، جن تي جنڊيءَ تي ٿيل ڪم هو. ان هال ۾ گهڙڻ
سان گونج پيدا ٿيندي هئي. هلڪن قدمن جو به آواز چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ جڏهن نمو
۽ پڦهنس پاڻ ۾ ڳالهائينديون هيون، ته ان جو ايڪو پيدا ٿيندو هو. ڄڻ ٻه روح پاڻ ۾ ڳالهائيندا
هجن. عجيب قسم جي سنسانيت ۽ ماٺائي هوندي هئي. روح منجهه گهڙي ويندڙ. نمو جي ڏاڏيءَ
کي مُئي ٽي چار سال ٿيا هئا. پر نمو ائين سمجهندي هئي ته سندس ڏاڍي پنهنجي مخصوص لوڏ
سان هلندي وتندي هئي. پڦهنس پيٽيءَ مان ڪپڙا لٽا ڪڍندي هئي نه نمو ان جي ڀر ۾ بيهي
ڏسندي هئي لوهه جي وڏي ڳري پيٽيءَ ۾ الاهي سارا اوائلي قسم جا ڀرت ڀريل لٽا رکيل هوندا
هئا، ۽ هڪ ڪاٺ جو گول دٻلو هوندو هو، ان ۾ قسمين قسمين جا سونا زيور رکيل هئا. ست لڙي
دهريون، پازيب، ڪنگڻ، ڇٽ، نٿ ۽ الائي ڇا ڇا هوندو هو. نمو انهن کي حسرت ڀريل نظرن سان
ڏسندي هئي ته جيڪر پڦي اِهي سڀ زيور مون کي ڏي ته مان پايان.
