Tuesday, July 28, 2020

غلط فهمي

غلط فهمي

(ڪهاڻي)

حسن علي ھڪڙو


“باجي! او باجي!”

“هُون، ڇاهي؟”

“تنهنجو عاشق.”

“منهنجو عاشق! ڏِس روشي! مان تو کي ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته منهنجو ڪو به عاشق واشق ڪو نه آهي.”

“هُو ڏِس، سامهون گئلريءَ ۾ بيٺو آهي.”

“مُئو ماريو، سڄو ڏينهن گئلريءَ ۾ بيٺو آهي، شهتير جي وڻ وانگر اُڀو! نه ڄنگون ٿيون ٿڪجنس، نه چيلهه ۾ سور ٿو پويس.”

“باجي، عشق ڪرڻ سولي ڳالهه ته ناهي ۽ نه ئي وري ٻارن جي راند. آخر ته منهنجي سهڻي باجيءَ جو عاشق آهي، جيڪا لکن ۾ هڪ آهي.”

ڪارِي

ڪارِي

(ڪهاڻي)

حسن علي ھڪڙو


شوڪت منهنجو ننڍپڻ کان وٺي دوست آهي. اسان پرائمري تعليم کان مئٽرڪ تائين هڪ ڪلاس ۽ هڪ بينچ تي گڏ ويهي پڙهيا آهيون. اسان جي پاڻ ۾ تمام گھڻي گَهِرائپ آهي. اڄ ڪلهه هُو اسپتال ۾ ڪمپائونڊر جي حيثيت سان ڪم ڪري پيو. تمام قابل ۽ هوشيار هئڻ ڪري ڊاڪٽر صاحبَ سندس گھڻو خيال رکندا آهن. شوڪت به پنهنجن بالا آفيسرن جي عزت ڪندو آهي، انهيءَ ڪري هن کي اسپتال ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي.

چنڊ گرهڻ

چنڊ گرهڻ

(ڪهاڻي)

حسن علي ھڪڙو


اوڻويهن تاريخ جو چنڊ اڀري چڪو هو. آسمان تي آواره بادل ساڻس ڇيڙڇاڙ ڪري رهيا هئا، پر چنڊ ڪنواري ڪنيا وانگر شرمائي هنن جي پويان لڪي پئي ويو. ڪمري جي ديوار تي لڳل وال ڪلاڪ هڪ جو الارم وڄايو. پري کان شهر جي رولو ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز اچي رهيا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن بازار جي چوڪيدار جون هڪلون ٻڌڻ ۾ پئي آيون.

اڄ وري مون کي ننڊ ڪانه پئي آئي. مان ماضيءَ جي جهروڪن جي صحرائن ۾ ڀٽڪندو پئي ويس. اهو ماضي جنهن ۾ هر پيار ڪندڙ جون حسين يادون هونديون آهن. گھڻو ڪري ويچارا عاشق انهيءَ ماضيءَ جي سهاري زندگي   گھاريندا آهن يا خود ڪشي ڪري ڇڏيندا آهن.

امدادَ

امدادَ

(ڪهاڻي)

حسن علي ھڪڙو


“لکيئي؟”

“ڇا؟”

“ڪا ڪهاڻي.”

“نه.”

“ڇو؟”

“ذهن ۾ ڪو موضوع ئي ڪو نهي.”

“ڪوشش ڪر.”

“ڏاڍي ڪئي اٿم، پر ذهن ڪم نه ٿو ڪري.” 

“ته پوءِ هن هفتي به گذريل هفتي وانگر ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ هٿئين خالي ويندين؟”

“ڀلا چوري ڪري ڪهاڻي لکي وڃان؟ پر، ائين نه ٿيندو، تخليق هوندي ته پنهنجي، نه ته هٿئين خالي ئي بهتر آ.”

“يار! معاشرو ڪردارن سان ڀريو پيو آهي ۽ تون ٿو چوين، ته ڇا لکان، موضوع ڪو نهي! ذهن تي زور ڏيندين، ته ڪهاڻي تيار.”

کنوڻ ڪِرِي هڪ گھر مٿان

کنوڻ ڪِرِي هڪ گھر مٿان

(ڪهاڻي)

حسن علي ھڪڙو


راحب، جندو ۽ شاني، ڪل ٽن گھر ڀاتين تي ٻڌل هيءُ ڪٽنب ڳوٺ گھنور آباد ۾ رهندو هو. راحب وڏيري خير محمد جي زمين تي ڪڙمت ڪندو هو. انهيءَ سان گڏ لنب جي سنهين ڪاٺين مان کارا به ٺاهيندو هو. کارا ٺاهڻ ۾ سندس زال جندو ۽ ڌيءَ شاني به هن جي مدد ڪنديون هيون. ڳچ کارا ٺاهي، بيل گاڏيءَ ۾ وجھي، شهر ۾ وڪرو ڪري ايندو هو، جنهن مان کيس ڪافي آمدني پڻ ٿيندي هئي. هن جي گھر جو چرخو انهيءَ آمدني مان پورو ٿي ويندو هو، باقي فصل مان جيڪا اُپت ٿيندي هئي، اها بچائي رکندو هو. نِيت پَتِ وارو هو، اجايو سجايو خرچ ڪو نه ڪندو هو. هن کي صرف هڪ ڌيءَ شاني هئي، جنهن کي هن وڏي لاڏ ۽ پيار سان پاليو هو.

رسمن مارِي مارئي

رسمن مارِي مارئي

(ڪهاڻي)

حسن علي ھڪڙو


ڊسمبر جي هڪ سرد شام هئي. پوڙهو سج سڄي ڏينهن جو پنڌ ڪري، ٿڪجي ڪنهن جبل جي پاسي ۾ رات گذارڻ لاءِ ديرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

ڳوٺ علي آباد جي رڌڻي مان دونهون نڪري رهيو هو. چُلهين تي ڪُنيون چڙهيون پيون هيون. ڪنهن ۾ ساڳ پلِي هئي، ته ڪنهن ۾ دال. هوڏانهن واڙي ۾ مامي قلندر جي رڍن جو ڌڻ به پهچي ويو هو. گھٽڙا پنهنجن مائرن کي ڳولي رهيا هئا.

حُوران

حُوران

(ڪهاڻي)

حسن علي ھڪڙو


جيئن مان گھران نڪتس، ته گھٽيءَ ۾ مامِي ساران ملي وئي.

“مامي، ڇا حال آهي؟ خوش باش آهيو؟”

“ها، ابا! دعائون آهن. ابا، اللھ سائين توهان جوانن ۽ مردن کي حياتي ڏيندو. اسان پوڙهيون توهان تان گھور وڃون.” مامِي ساران دعائون ڏيڻ لڳي.

“مامِي، مامي نظرَ جو ڇا حال آهي؟” مون کانئس پڇيو.

“ابا، هُو به خوش آهي، پوڙهو مڙس آهي، هاڻي ٻاهر مڙوئي گھٽ ٿو نڪري.”

تحفو

تحفو

(ڪهاڻي)

حسن علي ھڪڙو


“منهنجا شهزادا! هيءُ تحفو تمام قيمتي آهي، پر مان ان تحفي کي پسند ڪندَس، جيڪو تنهنجي هٿن جي ڪمائيءَ مان ورتل هجي. هيءُ ته ٻين جي ڪمائيءَ يعني تنهنجي پيءُ جي ڪمائيءَ مان ورتل آهي، جيڪو اسان جي پيار جي وچ ۾ چانديءَ جي ديوار بڻيل آهي، جنهن کي ڊاهڻ لاءِ تو کي لوهي هٿ ڌارڻا پوندا. ڪو به سرمائيدار، ڪو به وڏو ماڻهو ايئن ڪو نه چاهيندو ته هڪ غريب گھراڻي جي ڇوڪري هن جي محلن جي راڻي بڻجي، ڪو به ايئن نه چاهيندو ته هن جي مخمل کي ٽاٽ جو پيوند لڳايو وڃي.

بغاوت

بغاوت

(ڪهاڻي)

حسن علي ھڪڙو


خيران ڀڄي وئي. خيران ڀڄي وئي، ظلم ٿي ويو، بغداد ٿي ويو، خيران ڀڄي وئي، پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي ڏاڙهي ڪوڙي وئي! هو ويچارا ڪهڙو منهن کڻي شهر ۾ گھمندا! ڪهڙو پٽڪو ٻڌي هلندا! پيءُ جي پڳ لاهي ڇڏيائين، سندس عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏيائين. شل مار پوي خيران کي. هن هيءُ ڪهڙو ڪم ڪيو! ٻڏي نه مرِي، ڦاهي نه کاڌائين.

خيران ڇا ڀڳي، ڄڻ هڪ زلزلو اچي ويو، آسمان ڦاٽي پيو، قيامت اچي وئي. سڄي خاندان، محلي ۽ شهر ۾ هر ڪنهن جي وات تي اها ئي ڳالهه، ته خيران چڱو ڪم نه ڪيو. ماڻهن کي ڄڻ تماشو اچي لڳو. هوڏانهن خيران جي ڀائرن کي بندوقون هٿن ۾ هيون، جيڪي خيران ۽ غلام علي کي تلاش ڪرڻ ۽ مارڻ لاءِ نڪتا. غلام علي، جنهن سان خيران ڀڄي وئي هئي، خود هنن جو ويجھو عزيز هو. خيران ۽ غلام علي ڪاڏي ويا، اها خبر ڪنهن کي نه رهي. نانگ وڃي نڪري لڪير پئي ڪُٽجي، ڪري عيسو، لوڙي موسو. سو اچي ڦاٿا غلام علي جو پيءُ ۽ چاچو. هنن کي جڏهن خبر پئي ته غلام علي خيران کي ڀڄائي ويو آهي، ته هنن پنهنجا ٻار ٻچا گھران ڪڍي، ڪنهن محفوظ جڳهه تي پهچايا مس، ته پويان هنن جي گھر تي حملو ٿي ويو. خيران جي ڀائرن کي اها خبر ڪا نه هئي ته گھر خالي آهي، ۽ ڪو به ماڻهو ڪو نه آهي. هنن ته پنهنجي طرفان گھٽ نه ڪئي، فائرنگ ڪئي وئي. آخر هو گھر ۾ گھڙي پيا، پر گھر خالي هو. هنن گھر کي لُٽيو ۽ پيل سامان کي نقصان پهچايو. ڀلا پرائي باهه ۾ ڪير گھڙندو! ان وقت سندن اکين ۾ خون هو. هنن جي غيرت جو سوال هو. جيڪڏهن ڪو به مزاحمت ڪري ها، ته هن جي به سِرَ جو خير نه رهي ها.

مسٽر ٽيگ

مسٽر ٽيگ

ننڍڙي ڪهاڻي

انور ابڙو


”مسٽر ٽيگ، مان تو کي ٽنگي ڇڏيندس.“

”ڇو؟..... ڇا ڪيو آ مون؟“

”تون اهو ڪجهه ٿو ڪرين، جيڪو ڪورونا به نٿو ڪري.“

”ڪاوڙ نه ڪر، ٻڌاءِ ڇا ڪيو آ مون؟“

”مان جنهن وقت فيس بُڪ کوليان ٿو ته تون هڪ کان وڌيڪ صورتن ۾ اڳيان اچي بيهي ٿو رهين.... اڃا چوين ٿو ته ڇا ڪيو آ تو؟“

”پر ان ۾ منهنجو ته ڪو ڏوهه ناهي. مون کي ته مالڪن هر ميمبر جي ڊيوٽيءَ تي لڳايو آهي، سو جيڪو به ميمبر مون کي جيڏانهن موڪليندو، مان ته تيڏانهن ويندس.“

”سمجهان ٿو ته تون پاڻ نٿو اچين، تو کي ٻيا ٿا موڪلين، پر يار، انهن کي ته مان ڪجهه نٿو چئي سگهان، پر تو کي ته چئي سگهان ٿو نه.....“

بيدل مسرور جون ڪھاڻيون

بيدل مسرور جون ڪھاڻيون



بيدل مسرور جون اٽڪل ۶۶ کن ننڍيون وڏيون ڪهاڻيون، سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:

 

شناس

شناس

فليش فڪشن

بيدل مسرور


ڪنهن سياڻي صلاح ڏنس ته؛ “مانيءَ گرھ کڻي وڃ ۽ جڏهن ڪتو رومڙ ڪرئي ته گرهه اڳيان اڇلائجانس... نيمڪ پيٽ ۾ پوندس ته تو تي ڀونڪڻ ڇڏي ڏيندو.”

پر گهران مانيءَ گرهه کڻي جڏهن گهٽيءَ ۾ گهڙيو ته کيس ڪتو ڪٿي به نظر نه آيو، گهٽيءَ ۾ راند کيڏندڙ ٻارن کان پڇيائين ته انهن ٻڌايس ته؛ “ڪتو رات مري ويو.”

وڏي ڪرسي ننڍڙو ماڻهو

وڏي ڪرسي ننڍڙو ماڻهو

ننڍڙي ڪهاڻي

انور ابڙو


هُو مضبوط ڄنگهن واري ڪُرسيءَ تي پنهنجي ڪمزور ذهن سان ويٺو هو. هڪ ڏينهن هُن، پنهنجي پراڻي عادت موجب، منهنجي هڪ دوست اڳيان، منھنجي گھٽتائي ڪرڻ چاهي.

هُن، مون کي ھيسائڻ خاطر، پنهنجي زبان مان بدِشد لفظ ڪڍيا.

مون پنهنجي ڳاڙهي ٿي ويل چهري ۽ رت لهي آيل اکين سان کيس ڏٺو....

آخري ڀاڪُر

آخري ڀاڪُر

ننڍڙي ڪهاڻي

انور ابڙو


وڇڙڻ وقت ڇوڪريءَ ڇوَڪري کي سڏڪندي چيو؛ “مون کي پنهنجي اکين جو ٿورو پاڻي اُڌارو ڏيئي سگهين ٿو، منهنجي اکين جو پاڻي سُڪي ويو آهي؟”

ڇوڪري پنهنجون ويران اکيون کڻي، سندس اڃايل اکين ۾ بيوسيءَ سان، گُهوري ڏسندي، ساڳئي سڏڪي جي وراڻيءَ سان کيس چيو؛ “پاڻي ته منهنجي اکين ۾ به ناهي رهيو....چَئين ته هنن مان رَتُ ڪڍي ڏيانءِ.”

ٻنهي زور سان، آخري ڀاڪر پائي، اوڇنگارون ڏيڻ شروع ڪيون...

 

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تي تاريخ ۲۱ جولاءِ ۲۰۲۰ع تي رکيل)

ڳَنڍِ

ڳَنڍِ

ننڍي ڪهاڻي

انور ابڙو


“هٿ ملائڻ کان اڳ ۾ سوچِ، هَٿُ ملائڻ کانپوءِ هي رشتو  ٽُٽندو ناهي.” مون ڏاهيءَ کي چيو.

 “جيڪڏهن ماڻهو پاڻ ٽُٽي پوي ته؟” هُن وراڻيو.

“ته پوءِ ’ٽُٽيءَ کي ٽاَڪو ئي نه لڳي.”

مون ڏٺو ته هوءَ اُن ئي لمحي ٽُٽي پئي، ڇاڪاڻ جو سندس رئي جي پلاند سان اڳ ئي، ڪنهن ٻئي جي اجرڪ جي ڳنڍ ٻَڌل هئي.

 

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تان کنيل)


ڀِٽڪيل ماڻهو ۽ هڪ پکي

ڀِٽڪيل ماڻهو ۽ هڪ پکي

ننڍڙي ڪهاڻي

انور ابڙو


هيمنگوي خودڪشي ڪئي، ماياڪووسڪي خودڪشي ڪئي، ماڻڪ خودڪشي ڪئي ۽ ٻيا به ڪيترا ئي اديب ائين مُئا. هِن کي اهڙو موت پسند نه هو. هن چيو پئي؛ زندگي پنهنجي چادر کي ٿورو ويڪرو ڪري ته جيئن هيءُ اُن ۾ سمائجي سگهي ۽ سندس ٻارڙا به اُن ۾ سڪون سان آرام ڪري سگهن. هِن ڪوشش ڪئي ته هو هر دور سان گڏ هلي، ڪي وڏيون خواهشون نه رکي، ڪو غلط ڪم نه ڪري، کَل لڪائي غمِ زندگيءَ جي تپش ۾ پنهنجي نيڻن جي آلاڻ کي عينڪ جي ٿلهن ڪارن شيشن ۾ لِڪائي، زبان جو لهجو ٺيڪ رکي هلي، ته جيئن ڪنهن ٻئي کي سندس حالُ، ڪو ڏک نه پهچائي. ڪو کيس ڪجهه به چوي ته، هي ڪنڌ هيٺ ڪري هليو وڃي. جي گهڻي ڪاوڙ اچيس ته، ان کي گهوري ڏسي، ڪاوڙ ان ڏانهن موڪلي پاڻ ماٺ ڪري هليو وڃي. هن وٽ ويڙهه لاءِ وقت نه هو. گهر ۾ ٻارن جا چهرا ۽ زال جي خاموشي، هن جي پيرَن کي باهه لڳائي، سندس دماغ کي تپائڻ لاءِ ڪافي هوندا هئا. هِن پنهنجي پوري زندگيءَ ۾اهڙا گهڻا ڏينهن ڏٺا هئا، پر ميار سندس زبان تي لوڻ جي ڳنڍي جيان اچي ڪرِندي هئي، جنهن کي هُو ٿُوڪاري ڇڏيندو هو.