Saturday, August 24, 2013

سعادت حسن منٽو جون ڪجھ مختصر ڪھاڻيون - رياضت ٻرڙو

سعادت حسن منٽو جون ڪجھ مختصر ڪھاڻيون
ترجمو: رياضت ٻرڙو
1. حلال ۽ جھاٽڪو
”مون هن جي شهه رڳ تي ڇري رکي، هوري هوري گھمائي هن کي حلال ڪري ڇڏيو.“
”اهو تو ڇا ڪيو!؟“
”ڇو؟“
”هن کي حلال ڇو ڪيو؟“
”مزو ايندو آهي ان طرح.“
”مزو اچڻ جا پُٽ، توکي جھاٽڪو ڏيڻ گھرجي ها، هن نموني...“ ۽ حلال ڪندڙ جي ڪنڌ جو جھاٽڪو ٿي ويو.

2. عمل جي دعوت
باهه لڳِي ۽ سڄو پاڙو سڙي ويو سواءِ هڪ دڪان جي، جنهن جي مٿان لڳل بورڊ تي لکيل هو:
”هتي جاءِ سازيءَ جو مڪمل سامان ملندو آهي.“

3. رعايت
”منهنجي اکين اڳيان منهنجي جوان ڌيءَ کي نه ماريو!“
”چڱو، ان جِي ئي مڃو. ڪپڙا لاهي، ڪڍي ڇڏيوس ڪنهن پاسي.“

4. انڪساري
هلندڙ بَس روڪي وئي. جيڪي ٻئي مذهب جا هئا تن کي ڳولي ڳولي تلوارن ۽ گولين سان ماريو ويو. ان ڪم کان واندو ٿي، بس جي باقي مسافرن کي حلوو، کير ۽ ميوا کارايا ويا. بس هلڻ کان اڳ کارائيندڙن جي اڳواڻ مسافرن کي مخاطب ٿي چيو:
”ڀائرو ۽ ڀينرو! اسان کي بس جي اچڻ جو اطلاع ڏاڍو دير سان مليو. اهوئي سبب آهي جو اسان جنهن طرح سان چاهيون پيا، ان طرح اوهان جي خدمت ڪري نه سگھياسين.“

5. نقصان جو سودو
ٻن دوستن ملي ڏهن، ويهن ڇوڪرين مان هڪ ڇوڪري چُونڊي ۽ ٻائيتاليهه رپيا ڏئي هن کي خريد ڪيو. رات گذاري هڪ دوست ان ڇوڪريءَ کان پڇيو: ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
ڇوڪريءَ پنهنجو نالو ٻڌايو، ته هُو سڙي ويو: ”اسان کي ته چيو ويو هو ته تون ٻئي مذهب جي آهين.“
ڇوڪريءَ جواب ڏنو: ”هن ڪوڙ ڳالهايو هو.“
اهو ٻڌي هو ڀڄندو پنهنجي دوست وٽ ويو ۽ چوڻ لڳو: ”ان حرامزادي اسان سان ڊوهه ڪيو آهي. هن اسان جي ئي مذهب جي ڇوڪري اسان کي ڏئي ڇڏي. هل، واپس ڪري اچون.“

Wednesday, August 21, 2013

ماءُ - وجيه راج رٿن سُري

ماءُ
ڪھاڻي
وجيه راج رٿن سُري
ننڍڙي پٽ جي سهاري، ويران رڻ جهڙي زندگي ڪاٽڻ لاءِ مجبور ٿيل وڌوا ماءُ، ڪيتريون ئي آفتون ۽ مصيبتون سهندي، اڪيلي سر هُن پٽ کي پاليو، پڙهايو ۽ پرڻايو. اميد هئس ته هاڻي ڏکيا ڏينهن ڪٽجي ويندا ۽ وري سکيو سمو واپس موٽي ايندو، پر ويچاري ماءُ ! هن کي ڪهڙي خبر هئي ته سکين ڏينهن بدران حالت هيڪاري وڌيڪ بد تر ٿيندي!!

Monday, August 19, 2013

پڇتاءَ بنا پيار - جاويد بوزدار

پڇتاءَ بنا پيار
جاويد بوزدار
آخري مريض ڏسي دنگ ڪيم. ڪمپائونڊر ٻڌايو؛ ”سائين وڌيڪ ڪو به مريض نه آهي، توهان ڀلي آرام ڪريو.“ ٻڌائيندو هلان ته منهنجي ڪلينڪ شهر ۾ آهي جيڪا ٻن شفٽن ۾ هلندي آهي؛ صبح جو ۸ وڳي کان رات جو ۱۱ وڳي تائين جو. جيئن ته هي ڪراچي يا حيدرآباد جيڏو وڏو شهر نه آهي، ان لاءِ صبح جو ايندڙ مريضن ۾ اڪثريت ٻهراڙيءَ وارن جي ۽ شام جو شهر وارن جي هوندي آهي. ۴ ڪلاڪ کن ڏينهن جو آرام ڪري پوءِ شام جو وري ڪلينڪ تي ويندو آهيان. سرڪاري نوڪري نه ڪئي اٿم، باقي ڪلينڪ مان به ايتري ڪمائي ٿيندي آهي، جو مڇي ماني ٿيو وڃي. ٻه ڪمپائونڊر آهن. ڪو ڊاڪٽر ناهي جو ڏورانهون علائقو هجڻ سبب هتي اچڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. روز صبح جو ۲۰۰ ۽ شام جو ۱۰۰ کن جي او پي ڊي آهي. صبح جو في کان وڌيڪ دعائون ملن ٿيون، جڏهن ته شام جو دعائن وارا گهٽ ۽ في وارا مريض وڌيڪ اچن ٿا. سالن کان اهو شيڊول آهي. ان ڪري ماڻهو به وقت ڏسي ئي ايندا آهن.

Wednesday, August 7, 2013

ويسيءَ کان گيسيءَ تائين - ڊاڪٽر عزيز ٽالپر

ويسيءَ کان گيسيءَ تائين!
ڊاڪٽر عزيز ٽالپر
پاسي جي کيسي ۾ اڍائي سؤ هئا. رات جو قميص لاهي سُتس، صبح جو ڏسان ته ٻه سؤ گم، باقي ۵۰ هجن. ٻارن جي خرچي لاءِ ڏيان ٽيهه ٽيهه روپيا.. کين ملن ڏهه ڏهه.. ٻيا گم، ڀاڄيءَ لاءِ ڏيان ٻه سؤ، سؤ جي ڀاڄي اچي، سؤ گم، زال کي سڏي چيم، ’پئسن جي هي ڀينگ ڪير پيو ڪري؟‘ کِلي چيائين؛ ”آئون پئي ڪريان، ويسي رکي اٿم“. ويهه مهينا مون سان اها تعدي ٿي، مسين مسين ويسي نڪتي، ستر هزار روپيا، مائي خوشيءَ مان جهل ئي نه ڏي. ايترا پئسا اسان حياتيءَ ۾ نه ڏٺا هجن. چيو مانس؛ ”ڇا ڪندينءِ ايترن پئسن کي؟“ هن ميڪ اپ جي سامان، ڪپڙن ۽ زيورن جي وڏي لسٽ ٻڌائي. گڏوگڏ صوفا سيٽ، ڊبل بيڊ، ڊريسنگ ٽيبل، آمريڪن ڪچن، واشنگ مشين، اوون ۽ الائي ڇا ڇا جي فرمائش ڪئي. مون دل ۾ سوچيو هي پئسا حرام ڪندي، سو کيس ليکا سيکا ڏيئي راضي ڪيم ته پاڻ مينهن ٿا وٺون، هڪ ته پاڻ کي ۸۰ روپيا ڪلو کير ٿو ملي، ان ۾ به ۱۲ آنا پاڻي، اهي پئسا بچندا، ٻيو ته کير وڪڻي پئسا ڪمائينداسين، ٽيون ته مينهن ڦر ڏيندي، پاڻ امير ڀاڳيا ٿي پونداسين. مائي ليکي تي مڃي ويئي. پئسا کڻي جو مينهن وٺڻ لاءِ پڙيءَ تي وڃان ته مينهن جا اگهه ٻڌي دل ٻڏي ويئي، ڪا ڏيڍ لک، ڪا ٻه لک، ڪا ماڳهين اڍائي لک! چيم؛ ”بابا مينهون ٿا وڪڻو يا ڪارون پيا وڪڻو“. چون؛ ”مينهن وٺين ته وٺ، باقي تبصرا نه ڪر.“ نيٺ هڻي وٺي هڪ ٿڪل مينهن ستر هزار ۾ وٺي گهر آيس. مينهن ڪا اڳوڻي مالڪ وٽ پاڪستاني جيل جي قيدين وانگر بکن جي ماريل هئي. مون ڏهه ڪلو ڪُتر آندي، کائي ويئي، وري پنج ڪلو آندم، کائي ويئي، پوءِ ٻه ڪلو سڄو ڏينهن پئي آندم، ڀٽاري کائيندي ويئي. ڍؤ ٿئيس ئي نه. آئون ۽ مون واري سائيڪل ڪُتر وٺي وٺي پنچر ٿي پئي. مينهن هيٺ پائيپن ۾ ٻڌل، منهنجو گهر ستين ماڙ تي.. پاڻي جون بالٽيون ڀري ڀري چيلهه چٻي ٿي ويم، پر مينهن جو ڍؤ ٿئي ئي نه. هاڻي مسئلو ٿيو کير ڏهڻ جو. مون ٿڻن ۾ هٿ وڌو ته ٺڪاءُ ٿي پڇ ٻوٿ تي هڻي ته مون وارو يارهن سؤ جو چشمو چٽ. ٻه سؤ روپيا ڏيئي، هڪ واڙي تان ڏهائي وارو وٺي آيس. سؤ روپيا رڪشا واري کي ڏنم، کير ڏهي ڏنس ڏيڍ ڪلو، هڪ ڪاٺيا واڙي دوست کان حساب ڪرايم ته مينهن تي چشمي سميت خرچ آيو ٻاويهه سؤ روپيا ۽ آمدني ٿي ۱۲۰ روپيا. ڪاٺيا واڙي صلاح ڏني ته اها مينهن روسي ٽريڪٽر وانگر گهر ٻُهاري ڇڏيندئي، بسم الله ڪري ڪڍينس.