Monday, August 19, 2013

پڇتاءَ بنا پيار - جاويد بوزدار

پڇتاءَ بنا پيار
جاويد بوزدار
آخري مريض ڏسي دنگ ڪيم. ڪمپائونڊر ٻڌايو؛ ”سائين وڌيڪ ڪو به مريض نه آهي، توهان ڀلي آرام ڪريو.“ ٻڌائيندو هلان ته منهنجي ڪلينڪ شهر ۾ آهي جيڪا ٻن شفٽن ۾ هلندي آهي؛ صبح جو ۸ وڳي کان رات جو ۱۱ وڳي تائين جو. جيئن ته هي ڪراچي يا حيدرآباد جيڏو وڏو شهر نه آهي، ان لاءِ صبح جو ايندڙ مريضن ۾ اڪثريت ٻهراڙيءَ وارن جي ۽ شام جو شهر وارن جي هوندي آهي. ۴ ڪلاڪ کن ڏينهن جو آرام ڪري پوءِ شام جو وري ڪلينڪ تي ويندو آهيان. سرڪاري نوڪري نه ڪئي اٿم، باقي ڪلينڪ مان به ايتري ڪمائي ٿيندي آهي، جو مڇي ماني ٿيو وڃي. ٻه ڪمپائونڊر آهن. ڪو ڊاڪٽر ناهي جو ڏورانهون علائقو هجڻ سبب هتي اچڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. روز صبح جو ۲۰۰ ۽ شام جو ۱۰۰ کن جي او پي ڊي آهي. صبح جو في کان وڌيڪ دعائون ملن ٿيون، جڏهن ته شام جو دعائن وارا گهٽ ۽ في وارا مريض وڌيڪ اچن ٿا. سالن کان اهو شيڊول آهي. ان ڪري ماڻهو به وقت ڏسي ئي ايندا آهن.

جيئن ته ڊاڪٽر سوشل به هوندا آهن، ان ڪري ڪلينڪ کان پوءِ وارو وقت يارن دوستن ۽ علائقي واسين سان ميل ملاقاتن ۾ گذري ٿو. گهر سنڀالڻ وارو ڪم گهر واريءَ حوالي آهي. اها ئي ٻارن تي به نظر رکي ٿي ته منهنجي آرام جو به. اڪثر دوست، مهمان هجن ٿا. پر جيئن ته سندس خيال ڪري واسطو ڳوٺاڻي زندگيءَ سان آهي، ان ڪري مهمان ڏسي سندس منهن ۾ گهنج ناهن پوندا. پاڻ ڪنهن ڏينهن مهمان نه هجن ته اٻاڻڪي ٿي ويندي آهي. سندس سڀاو ٻارن ۾ به اچي ويو آهي. مطلب ته زندگي سڪون سان پئي گذري.
ڪلينڪ تان اٿي گهر پهتس. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ منهنجي دوست سعيد جو فون آيو. چيائين؛ ”در کول! اسين ٻاهر بيٺا آهيون.“ حيرت سان گڏ خوشي به ٿي. گهر واريءَ کي چيم؛ ”سعيد وارا آيا آهن. هنن سان هل ته ڪچهري ڪريون.“ ٻاهري نڪري ڏٺوسين ته سعيد سان گڏ ڌڻي پرتو به هو، جنهن کي ڌنڻ سڏيندا آهيون. جنهن ڏسندي ئي چئي ڏنو؛ ”اسان هتي خوار پيا ٿيون ۽ هي خان صاحب گهر ۾ آرام پيو ڪري.“ ڀاڪر پائي ملياسين ۽ اندر اچي ويٺاسين. حال احوال ڏنوسين. سعيد ۽ ڌنڻ منهنجا ان وقت جا يار آهن، جڏهن اڃا هوش به نه سنڀاليو هو. هو ئي ڳوٺ ۾ ڄاوا نپنا. ان کان پوءِ سعيد، ملڪ کان ٻاهر وڃي پڙهيو. ڌنڻ انجنيئرنگ ڪئي ۽ آئون ڊاڪٽر وڃي ٿيس. سعيد جو والد ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ علائقي جو رکوالو آهي. ڌنڻ ۽ منهنجا خاندان غريب هئا. سعيد جي والد جي مدد سان، اسان به تعليم مڪمل ڪئي. نه رڳو اسان پر هو تر جي ڪيترن ئي غريب ٻارن جي تعليم جا خرچ ڀريندو آهي ۽ اڄ به ڪيترا ئي ٻار سندس مدد سان پڙهي رهيا آهن. هو سڀني جو هڏ ڏوکي آهي.
منهنجو نالو ته ڊاڪٽر سچل آهي، پر ڳوٺ وارا يا ويجها دوست سچو سڏيندا اٿم. ويٺا هئاسين ته ٻاهر گڏهه هينگ ڪئي. فوري طور چيم؛ ”ڌنڻ! گڏهه، هينگي ٿو.“ جنهن تي ٽهڪ مچي ويا. ڳالهين ڳالهين ۾ سعيد پڇيو؛ ”ڊاڪٽر! ڪائنات ڪيئن آهي؟ رابطو آهي؟ اٿس ۽ ڪيئن نه هوندس. ڪلاس فيلو جو هئا ۽ ٻيو به گهڻو هو، ان کان ته سڀ واقف آهن...“ مون هن ڏانهن ڏسي، هٿن جون مٺيون بند ڪري، اشھد آڱريون مٿي ڪري، ڪنن کان مٿي تي رکيو ته وري سڀني کان ٽهڪ نڪري ويو. ورندي ڏنم؛ ”ڊاڪٽر ڪائنات به ٺيڪ آهي. ڪالهه ئي ته آئي هئي. رات جو دير تائين هتي هئي. سندس مڙس به آيل هو.“ سعيد پڇيو؛ ”پوءِ هاڻ احساس ڪهڙا هوندا اٿو؟“ چيم؛ ”يار! اسان جيڪو به رستو اختيار ڪيو، اهو پنهنجي رضا خوشيءَ سان اختيار ڪيو ۽ ان جي بدلي ۾ جيڪا زندگي گذاريون پيا، ان مان نه رڳو مطمئن پر بي انتها خوش به آهيون. ڀرپور زندگي آهي ٻيو ڇا کپي! سڀ کان وڏي ڳالهه ته ان فيصلي جو معاشري تي سڀ کان سٺو اثر پيو ۽ اڄ اسان جي سڄي علائقي ۾ سؤ سيڪڙو تعليم آهي. اها حقيقت آهي ته اسان ٻئي، ننڍپڻ کان جواني تائين، گڏ هئاسين. اوهان ٻئي به اسان جي تعلق جا شاهد آهيو. ڳوٺ ۽ سڄي علائقي ۾ ماڻهو سرٻاٽ ڪندا هئا. ميڊيڪل ڪاليج ۾ به ساڳي صورتحال هوندي هئي. المنظر ۽ ڄامشوري جون هوائون به اسان سان رهاڻيون ڪنديون هيون. ڪاهان، ڪاغان، مري، اسڪردو ۾ ڪاليج ٽوئر دوران سرد موسم ۾ به جذبا جوان هوندا هئا. اسان هڪ ٻئي سان بي پناهه محبت ڪئي. ان جو اقرار، ايل ايم سيءَ جا وڻ به ڪن ٿا ۽ مريءَ جي املتاسن تي اڪريل نالا ان جا اڃا به شاهد آهن. اسان کي اميد نه هئي ته اسان ٻنهي جا والدين اسان کي هڪ ٿيڻ نه ڏيندا. جڏهن ڊاڪٽري پاس ڪرڻ ۽ هائوس جاب لاءِ اسهڻ کان اڳ، مون پنهنجي ۽ ڪائنات سندي امڙ سان سڱ جي ڳالهه ڪئي ته هنن ئي اسان کي انڪار ڪري ڇڏيو هو. اسان جي والدين به ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو هو. وڌيڪ صدمو ان وقت ٿيو جڏهن سڱاوتي کان انڪار جي سبب جي خبر پئي ٻڌايو ويو ته ٻنهي خاندانن جي ذات ته ساڳي آهي، پر پاڙو ڌار آهي. ان لاءِ هي مائٽي نه ٿي ٿي سگهي. ان ڏينهن ئي خبر پئي ته منهنجو پاڙو محمداڻي ۽ ڪائنات جو ڪمالاڻي آهي. اسان ته صفا ختم ٿي ويا هئاسين. بابا جي سامهون ئي منهنجون اکيون ڀرجي آيون هيون ۽ ڪائنات به والد آڏو اوڇنگارون ڏئي رني هئي.
آئون گهر جي ڪمري ۾هٿ مٿي تي ڏئي، کٽ تي ويهي رهيو هيس. امڙ اچي ڀاڪر ۾ ڀريو ته اوڇنگار روڪي نه سگهيو هيس. امان به ڳوڙها وهڻ ڏنا رڳو ڀاڪر وجهيو ويٺي رهي. نه ڪجهه چيائين نه مون ڳالهايو. آخر پنهنجي هنج ۾ مٿو رکي، وارن ۾ هٿ ڦيرڻ لڳي. ائين ڪيترو وقت گذريو، خبر ئي نه پئي. اک لڳي وئي. جڏهن وري اک کلي ته به ماءُ جي هنج ۾ هيس. ٻانهن ۾ ڊرپ لڳل هئي ۽ امان جي اکين مان نير وهي رهيو هو. اک کلندي ڏسي، امان نرڙ چميو ۽ پوءِ خبر پئي ته نروس بريڪ ڊائون ٿيو هو. هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن بيهوش رهيو هيس. بابا به مٿان بيٺل هو. جيڪو منهنجي هوش ۾ اچڻ کان پوءِ، مٿي کي چمي ٻاهر هليو ويو. هوش ايندي ئي، طبيعت بحال ٿيڻ لڳي. ڪلاڪ کان پوءِ، حالت بهتر ڏسي، امڙ فقط ايترو چئي ٻاهر هلي وئي ته؛ ”پٽ اهڙو ڪجهه نه ڪجان جنهن کان پوءِ تنهنجو پيءُ شرمسار ٿئي ۽ ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جهڙو نه رهي، جنهن سان تنهنجي ماءُ لڄي ٿئي، ننڍڙي ڀيڻ ۽ ڀائرن تي لوڪ چٿرون ڪري. باقي جيڪا تنهنجي مرضي.“ آئون سوچ ۾ پئجي ويس. ايتري ۾ ڀيڻ اچي ڀاڪر پاتو، ننڍا ڀائر به آيا، هنن جي اکين ۾ به بيوسي هئي. کين پاڻ سان ويهاري ڳالهيون ڪرڻ لڳس. ائين ڌيان مٽيو ته طبيعت ٺيڪ ٿي وئي. ايتري ۾ ڪائنات جو به رات جو ملاقات جو پيغام مليو. آئون به ٻاهر نڪتس ۽ چڪر لڳائي گهر اچي ليٽي پيس.
آڌيءَ رات جو ڪائنات سان ملاقات ٿي. هڪ ٻئي کي ڏسي رناسين، کلياسين ۽ وري رناسين. اها رات اسان جي پيار جي آخري رات ثابت ٿي. ڳالهايوسين ۽ خوب ڳالهايوسين. هڪ ٻئي کي قائل ڪيوسين ته جيڪڏهن گهران ڀڄي شادي ڪئيسين ته پاڻ نه خوش رهنداسين پر اسان جا گهر، پاڙو، ڳوٺ ۽ سڄو تر ان جو خراب اثر وٺندو. ڇوڪرين ته ڇا ڇوڪرن جي تعليم به بند ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته پڙهڻ ويا هئاسين ته ان تي رڳو ڳوٺاڻن نه پر سڄي تر واسين ناز ڪيو هو. اسان سڀني جو خواب هئاسين. اميد هئاسين. سڀني جو آسرو هئاسين. اسان پنهنجي خوشيءَ لاءِ سوين ماڻهن جي ارمانن جو خون نه پئي ڪري سگهياسين. ان لاءِ اسان ٻين جي اميدن بدران، پنهنجي خوابن جو خون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ واهه جي ڪپ تي گذاريل ان آخري رات اسان جي پيار خودڪشي ڪئي. اسان ٻنهي ان کي غسل ڏنو. پاڻ ان لاءِ قبر کوٽي، پاڻ ئي جنازو پڙهيو. پاڻ ئي ان کي لحد ۾ لاهي، مٿانئس مٽي ورائي، زمين کي برابر ڪري ڇڏيوسين ته جيئن ان جو ڪٿي نالو نشان به باقي نه رهي. اسان اسر ويل، هڪ ٻئي کان اهو وچن وٺي موڪلايو ته اسان هاڻ هڪ ٻئي لاءِ اوپرا آهيون. وري ياد به ناهي ڪرڻو ته ڪو اسان وچ ۾ ڪو ناتو، ڪو تعلق، ڪو رشتو رهيو هو. ڪائنات کي به سندس امڙ اهو ئي پيغام ڏنو هو، جيڪو مون کي منهنجي والده ڏنو هو. ايترو ضرور طي ڪيو هيوسين ته صبح جو آئون ڳوٺان نڪري ويندس. بهانو هائوس جاب جو هوندو، پر روانو ٿيڻ کان اڳ، سڀني سان کلي موڪلائي ويندس. ڪائنات جي گهر به ويندس، پر هوءَ مون کي نظر نه ايندي. گهر پهچي، مائرن کي فيصلي کان ٻڌايوسين جن دعائون ڏنيون. صبح جو سج اڃا ڪني مس ڪڍي هئي جو پنهنجي تيار ڪيل بيگ ڪلهي ۾ کڻين اما ۽ بابا جي پيرن کي چمي، ڀيڻ ۽ ڀائرن کي ڀاڪرن ۾ ڀري، يارن دوستن کان موڪلائي، ڪائنات جي ابي ۽ امڙ سان ملي، ڳوٺان روانو ٿيس. دوست سان بائيڪ تي مين روڊ تي پهتس، جتان هن شهر آيس ۽ آرڊر کڻي هائوس جاب لاءِ اوٻاوڙي بدلي ڪرائي هليو ويس. پرين جي آکاڻي جيان پوئتي ڪنڌ ورائي نه ڏٺو هيم ته متان پنهنجي پيار جي پنڊ پهڻ تي نظر پوي ۽ اڳتي وڌي نه سگهان.
سعيد پڇيو؛ ”ايترو پري ڇو وئين؟“ وراڻيم؛ ”پاڻ سنڀالڻ لاءِ به ڪو سهارو کپي نه. سو ڪنهن کي به ٻڌائڻ کان سواءِ بدلي ڪرائي، وڃي ڊيوٽي ڪيم.“ مهيني مهيني، پگهار اماڻيندو هيس ڳوٺ. باقي ٻيو ڪو به رابطو نه رکيم. سال کان پوءِ، جڏهن هائوس جاب ختم ٿي ته واپس ڳوٺ آيس. تيستائين پاڻ سنڀالي چڪا هئاسين ۽ گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو هو. ڪائنات جي، پنھنجي ماسات انور سان شادي ڪرائي وئي، جيڪو اڻ پڙهيل پر سلجهيل نوجوان هو. تربيت سٺي ٿيل هيس. واپسي بعد سڀني سان مليس. انور به ٻاهر مليو پر گهر نه وڃي سگهيس. ٻن هفتن کان پوءِ اما ۽ بابا مون کي به شادي جو چيو. ڀيڻ به زور ڀريو، ڀائرن به. سو، پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪيم. ٻه ٽي سال سيٽ ٿيڻ ۾ گذري ويا. ان وچ ۾ مون ۽ ڪائنات، پنهنجي پنهنجي جيون ساٿي کي تعليم ڏياري، پنهنجي پيرن تي بيهاريو. ڪجهه وقت، سرڪاري نوڪري ڪيم. پر اتي ٿيندڙ ڪرپشن سبب، نوڪري ڇڏي، ڪلينڪ کوليم. ڪائنات سرڪاري نوڪريءَ سان گڏ، ڪلينڪ به هلائي ٿي. سندس گهر وارو شهر جو وڏو بزنس مين بڻجي ويو آهي. منهنجي گهر واريءَ کي به سرڪاري نوڪري آهي، جڏهن ته گهر به سنڀالي ٿي. ائين هاڻ زندگي مزي ۾ آهي.

ڌڻي پرتي چئي ڏنو؛ ”توهان ٻنهي سان ته جيڪو ڪجهه ٿيو سو ٿيو، پر ان سان سماج کي ڪهڙو فائدو ٿيو؟“ چيومانس؛ ”سماج ۾ ته تمام گهڻي تبديلي آئي آهي. اسان تي، خاص طور ڪائنات تي، پنهنجي سڄي علائقي جي ماڻهن جون نظرون هيون. پاڻ وٽ ته هونئن به عام تاثر آهي ته گهڻو پڙهيل ڇوڪريون، مائٽن جي چوڻ ۾ نه ٿيون رهن. پر جڏهن ڪائنات پنهنجي ڪردار سان ثابت ڪيو ته علم پرائڻ کان پوءِ به خاص طور تي ڇوڪريون مائٽن جو چيو مڃين ٿيون ۽ سندن چوڻ تي ئي هلن ٿيون. خاص طور تي شادي جي سلسلي ۾، مائٽن جو حڪم اکين تي رکي ڪا ڊاڪٽرياڻي به ڪنهن اڻ پڙهيل نوجوان سان شادي ڪري سگهي ٿي ته ان ڳالهه معاشري جا پراڻا دقيانوسي بنياد لوڏي ڇڏيا. ان کان پوءِ سڄي علائقي ۾ تعليم ۽ خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم تي گهڻو ڌيان ڏنو ويو. اهو ئي سبب آهي جو، اڄ سڄي علائقي ۾ ڪو به اهڙو ٻار ناهي، جيڪو اسڪول نه ويندو هجي. ڪائنات، پنهنجي جذبن جو ته خون ڪيو پر ان کان پوءِ ڪنهن به ڇوڪريءَ کي علم ۽ پيار قربان ڪرڻو نه پيو. مائٽن به خيال ڪيو. اڄ سڀ ڇوڪريون پنهنجي مرضي جي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. ٻيو ته ٺهيو پر جي ڪائنات قرباني نه ڏئي ها ته تنهنجي ۽ سعيد جي به من پسند ڇوڪريءَ سان شادي نه ٿي سگهي ها. جيڪڏهن ڪا هڪ ڪائنات قرباني ڏئي ته سوين ڪائناتن جون حياتون ڪوجهيون ٿيڻ کان بچي سگهن ٿيون.

No comments:

Post a Comment