Friday, November 29, 2019

ورسٽيءَ جو سفر - ذوالفقار ابڙو


ورسٽيءَ جو سفر
مختصر ڪھاڻي
ذوالفقار ابڙو
نوان دوست، نوان چهرا، نيون هوائون، سمجهيم پئي ته مون ۾ وڏي تبديلي اچڻ واري آهي، ذهن ۾ سوالن جي لهر هئي ته نوجوان اچي ڪلهي تي هٿ رکيو؛ ”ڪهڙا حال آهن، توهان جو نالو واجد آهي؟“
مون ها ۾ ڪنڌ لوڏيو ته هن جينٽل مين جيان هٿ زور سان دٻائي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريو؛ ”منهنجو نالو قربان آهي. توهان سان ملي خوشي ٿي. پر اوهان کي عالم صاحب ياد ڪري رهيو هو، شايد ڪو ڪم هوندس.“

جاھل - ابن آس محمد


جاھل
مختصر ڪهاڻي
ابن آس محمد
مون ڪالهه پنهنجي بلڊنگ جي چوڪيدار کي چيو؛ ”يار! اسان جا ڪٽنب وارا، گهر جو سسٽم صحيح نه هلائي رهيا آهن. توهان وٽ بندوق آهي. توهان کان سڀ ڊڄن به ٿا. اسان جي گهر اچي اسان جو سسٽم درست ڪري ڏيو.“
پر هو جاهل چوڻ لڳو؛ ”منهنجو ڪم هن بلڊنگ جي حفاظت ڪرڻ آهي. توهان جي گهر جو سسٽم ٺيڪ ڪرڻ نه. پنهنجو سسٽم پاڻ درست ڪريو.“
اهڙو بي تڪو جواب ٻڌي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ بي اختيار واتان نڪري ويو؛ ”جاهل....... “

مڳي - حسيب ڪانھيو


مڳي
ڪهاڻي
حسيب ڪانھيو
فون جي گهنٽي وڳي. هن موبائل جي مُنھن ۾ نھاريو. ڏٺائين ته پريس ڪلب مان ڪال آهي. سمجهي ويو ته پڪ سان ڪنھن غريب سان ڪو مسئلو ٿيو آهي. هُن هڪدم فون ڪن تي رکندي ورندي ڏني، “هلو، سليم سائين ڪر خبر ڇا ٿيو؟”
“واجد صاحب، ڪي ڀيل ڪولهي آهن، جن جي انبن جون ٽوڪريون پوليس وارن اڇلايون آهن.” پريس ڪلب مان سليم صاحب ڳالهائيندي چيو.

آرٽس فيڪلٽي - ضراب حيدر


آرٽس فيڪلٽي
ڪھاڻي
ضراب حيدر
Image may contain: Zarrab Hyderھو منھنجو روم پارٽنر آھي. روم پارٽنر ئي نه پر ھر ڏک سک جو پارٽنر. منھنجو پارٽنر منھنجو دوست به آھي. پارٽنر ۽ دوست ۾ وڏو فرق ھوندو آھي. دوست حساب ڪتاب نه ڪندا آھن، پر پارٽنر حساب ڪتاب چڱي طرح ڪندا آھن پر منھنجو پارٽنر مون سان حساب ڪتاب بلڪل ئي نه ڪندو آھي اِن ڪري ھو منھنجو سٺو دوست به آھي.

بجليءَ جو آزار - همير گاد


بجليءَ جو آزار
همير گاد
“هيلو“
“هيلو ڪير.“
“واپڊا آفيس“
“جي“
“نئين شھر جي بجلي صبح جو ۶ بجي کان بند آهي، ڪڏھن ايندي؟“
“صفائيءَ جو ڪم ٿو هلي، ان جي ڪري بند آھي. شام تائين اچي ويندي.“
“توهان واپڊا وارن کي سدائين گرميءَ ۾ ڇو صفائيءَ جو ڪم ياد ايندو آھي. ۵۰ سينٽي گريڊ گرميءَ ۾ ماڻھن جو ساھ ٿو نڪري، اوهان کي هاڻي صفائي ياد آئي آھي.“
“مٿان کان حڪم آ.“

نوراني ڪمبل - طارق قريشي


نوراني ڪمبل
طنز و مزاح
طارق قريشي
ميان بدرالدين جي بيڊ روم جي سيٽنگ ڪجهه ھن ريت آھي؛ ماسٽر بيڊ تي فقط سندس زال مسمات قمرالنساءِ ئي ماپي سگهندي آھي، سو ھو سائيڊ ۾ رکيل ٿري سيٽر صوفا تي ئي سمھندو آھي. حالات سازگار ھجن يا پگهار وارا ڏينھن ھجن ته کيس مھيني، پندرھين ڏينھن پنجن منٽن لاءِ بيڊ تي سمھڻ جي اجازت به ملي ويندي آھي. باقي ڏينھن صوفا تي ئي سمھندو آھي. ميان بدرالدين کي پنھنجي زال مسمات قمرالنساءِ جي ھٿ ۽ زبان (جنھن کان ھو ڪڏھن به محفوظ نه رھيو ھو) جي ڪرامتن تي پورو يقين ھو، پر گذريل ڪجهه ڏينھن کان ھو تمام گهڻو حيران ھو. اڌ رات جو ڪڏھن ننڊ مان جاڳندو ھو ۽ صوفا تي سڌو ٿي ويھندو ھو ته پنھنجي زال جي بلئنڪيٽ مان نوراني شعاع نڪرندي محسوس ڪندو ھو. ھن غور ڪيو، ويچار ڪيو، سوچ ڪيائين، فڪر ۾ پيو، چڪاس ڪيائين، تفصيلي انداز ۾ تپاسيائين، پر ماجرا سمجهه ۾ نه آيس. تجسس جهل نه پيو ڏئيس. ڪافي ڏينھن تائين سويل سمھڻ جي اداڪاري ڪندي، دير تائين مشاھدو ڪندو رھيو ته سندس زال جي بلئنڪيٽ مان نوراني شعاع نڪرندا رھن ٿا...

خيالي پلاءُ - زاھد علي ڀٽو


خيالي پلاءُ
مختصر ڪھاڻي
زاھد علي ڀٽو
جيوڻ کي اڄ به مزدوري نه لڳي ۽ منجهند کان اڳ ئي پڙي تان موٽي آيو. صافو ڪلهي تان لاهي، پنهنجي منهن کي صاف ڪندي، ڪنڌ جهڪائي اڌ ڇڳل کٽ تي اڃا ويٺو ئي مس هو. جوڻس صدوري، جيڪا مٿي جي سور سبب، مٿو ٻڌيو، چلهه تي چانهه ڪاڙھڻ لاءِ ڇيڻن ۽ ڪاٺين وسيلي باهه ٻارڻ ۾ مصروف هئي. تنهن اٿندڙ دونهين کان پاڻ بچائيندي، منهن مٿي ڪيو ته جيوڻ تي نظر پئجي ويس.

Wednesday, November 27, 2019

هن جون ڳالهيون ڪو ئي ٻڌي ٿو


هن جون ڳالهيون ڪو ئي ٻڌي ٿو...
مظھرالاسلام/ ھمير گاد
هو چوي ٿو؛ هن جون ڳالهيون ڪوئي ٻڌي ٿو.
مون ان جي شڪ کي دور ڪرڻ جي لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا هن کان پُڇا ڪئي ته؛ ”جڏھن تون ڳالهائيندو آھين ته ان وقت اُتي ٻيو ڪير هوندو آ؟“
هن چيو: ”ڪير به نه، صرف مان ۽ ھوءَ.“
تڏھن مون ان کي چيو: ”اهو ته تمام سٺو آهي، جو هوءَ تنهنجيون ڳالهيون ٻُڌي ٿي ۽ تون هُن کي پنهنجيون ڳالهيون ٻڌائڻ ٿو چاهين ته پوءِ ڇو ٿو چوين ته تنهنجيون ڳالهيون ڪو ئي ٻُڌي ٿو.“

پکين جو گهر - وحيد محسن


پکين جو گهر
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
وحيد محسن
اسان جي گهر جي آڳنڌ تي، ھڪ ولھار نم جو سھڻو وڻ آهي. جيڪو ڪنهن وقت ۾ ته سائو سرسبز ۽ شاداب ھوندو ھو. پر ڪجهه مھينن کان اھو سڪي ٺوٺ ٿي ويو آهي. گرميءَ جي موسم ۾، پکي پنھنجا ان تي گهر ٺاهي ويھندا ھئا. خاص ڪري سانجھي ٿيڻ کان اڳ ۾، جھرڪين جو ان وڻ تي واھيرو ڏسڻ جھڙو ھوندو ھو. سڀئي اچي چون چون ڪندي، اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺنديون ھيون. منهنجي ننڍڙي ٻيڻ زينت ته ڏاڍو خوش ٿيندي ھئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي ڀر ۾ رھندڙ ماسي ڪلان جي ڌيءَ رتني کي سڏي اچي جھرڪين جو واھيرو ڏيکاريندي ھئي. اھي ٻئي ڇوڪريون پکين کي داڻو پاڻي به روزانو ڏينديون ھيون.

گڏين راند - وحيد محسن


گڏين راند
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
وحيد محسن
سانول ۽ رابعا کي ھڪ ننڍڙي خوبصورت ڌيءَ سيما نالي ھئي، جيڪا انهن کي تمام گهڻو پياري ھوندي ھئي. رابعا پنهنجي گهر ۾ درزڪو ڪم ڪندي ھئي ۽ سانول تعليم کاتي ۾ ڪلاڪ ھو.

سالگرھ - وحيد محسن


سالگرھ
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
وحيد محسن
علي جان ڇھين ڪلاس ۾ پڙھندو آهي. اڄ صبح سوير اسڪول وڃڻ لاءِ ٺهي سنڀري تيار ٿي نيرن ڪري رھيو ھو. سندس ڀر ۾ ان جو وڏو ڀاءُ نويد احمد ويٺو ھيو، جيڪو مئٽرڪ جو شاگرد آھي ۽ ننڍي ڀيڻ مھوش به انهن سان ئي ويھندي ھئي. سامهون سندن پيءُ ڊاڪٽر مشتاق احمد ويٺو ھيو ۽ سندن ماءُ رحمت، کاڌو ٽيبل تي رکي، سا ساڻس گڏ ويٺي ھئي.
نيرن ڪرڻ وقت، علي جان پنهنجي پيءُ ڊاڪٽر مشتاق احمد کي ٻڌائي رهيو ھيو ته؛ ”بابا اڄ منهنجي ڏھين سالگرھ آهي ۽ ڪيڪ جو ڪو ئي انتظام به ڪرايو ۽ ٻيو سالگرھ جي موقعي تي اوھان ڀلا ھن دفعي مون کي ڪھڙو تحفو ڏيڻ پسند ڪندئو.“

Tuesday, November 26, 2019

ڪراچي جو صبح - وحيد محسن


ڪراچي جو صبح
مختصر ڪھاڻي
وحيد محسن
صبح سوير جڏهن جاڳ ٿي ته مان بستري کي الوداع ڪندي، پنھنجا نيڻ مھٽي اٿيس ۽ تازي ھوا جھٽڻ لاءِ گهر جي آڳنڌ تي ھليو آيم. پکي پنهنجن گهروندن مان اڏامي فضا ۾ سھڻيون پر ڪشش لاتيون ڪري رھيا ھئا. جھرڪين جي چون چون ۽ ڪانون جي ڪان ڪان ۽ ٻير جي وڻ تي ويٺل بلبلين جي ٻوليءَ تي منهنجي گهر واري سحر به سجاڳ ٿي پئي ھئي ۽ ھٿ منهن ڌوئي، رڌڻي ڏانهن ھلي ويئي. ويندي مون کان پڇيائين؛ ”سرمد جا پيءُ! اوھان لاءِ به چانھ تيار ڪيان؟“

ڪاوڙ - سومرو شبير


ڪاوڙ
مختصر ڪھاڻي
سومرو شبير
“سائين! هي بلڪل نئون آهي.”
“ھا لڳي ته پيو ... پر پوءِ به ...”
“اوهين هن کي ايئن ڇو پيا ڏسو؟”
“ڀڳل ٽٽل نه هجي ...” هن جي منهن تي رکائپ جو تَهُه چڙهي ويو.
“سائين، هي رانديڪو اُنّ ۽ ڪپڙي جو ٺهيل آهي. پلاسٽڪ يا شيشي جو ٺهيل نه آهي جو ٽٽي سگهي.”
“پر جاچڻ ۾ ڇا آهي؟ متان ڪٿان ڦاٽل هجي؟ ڪپڙو ڦاٽي نٿو سگهي ڇا؟” هو ساڻس ٿورو تکو ٿيو ۽ هلڪي رهڙ ڏيندي چيائين.

سڱن تي سوار - مٺل جسڪاڻي


سڱن تي سوار
فليش فڪشن
مٺل جسڪاڻي
Image may contain: 1 person, close-up and outdoorھڪ پروفيسر ڊاڪٽر، فيس بوڪ فرينڊشپ مان، ان فرينڊ ڪيو. کانئس سبب ئي نه پڇيو ويو.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ، شايد جذبات قابو ۾ آيس، فريڊشپ لاءِ رڪئيسٽ موڪليائين. ساڻس رابطو ڪرڻ بنا، رڪئيسٽ قبول نه ڪئي وئي.
ڇا ياد ڪندو ته...
پروفيسر نه ھجڻ يا ڊاڪٽر نه ھجڻ جو اھو مطلب ٿورو ئي آھي، ته ڪنھن به مٿي ڦرئي کي ھروبرو مٿي تي کڻجي...
بلڪ مٿي ڦرين کي مٿي تي نه، سڱن تي سوار ڪجي.

خيرات - سومرو شبير


خيرات
مختتصر ڪھاڻي
سومرو شبير
اڄ موڊ ٺيڪ نه ھو. ويتر منھنجي نياڻي پرهه اچي خراب ڪري ڇڏيو.
چيائين، “بابا! ڪمري جو ڪارپيٽ ميرو ٿي ويو آھي. ان کي ڌوئڻ گھرجي”.
“ھا ڀلي ڌوئو!”؛ مون کيس اجازت ڏيندي چيو.
“بابا، سروس واري کان ڌوئارجي!”
“ڀلي، ڏاھر کي ڏيو ته وڃي ڌوئرائي اچي.”
مون پٽ ڏاھر کي سڏيو ته ھو اچي آڏو بيھي رھيو.
چيم؛ ”ڪارپيٽ سروس واري کان ڌوئرائي اچ!”
”پر بابا، سروس وارا پئسا جام وٺندا!”

تنبورو - حسيب ناياب منگي


تنبورو
مختصر ڪھاڻي
حسيب ناياب منگي
هن جي معصوم چهري تان، جيڪو هاڻي مرجهائجي چڪو هو، ڳوڙها قطارون ڪندي وهي رهيا هئا. گذريل ستاويهن ڏينهن کان اهو معمول بڻجي چڪو هو ته هوءَ روز رات جو روئي سمهندي هئي. اڄ به بستري تي ليٽي هوءَ شيريءَ سان گذاريل پيار ڀريون گهڙيون ساري پئي.

پھرين محبت - حسيب ناياب منگي


پھرين محبت
مختصر ڪھاڻي
حسيب ناياب منگي
اڄ هنن سڀني جو يونيورسٽيءَ ۾ آخري ڏينهن هو. سڀئي هڪٻئي جون يادگيريون سنڀالڻ خاطر شرٽن تي ڪمينٽس لکي رهيا هئا، ته ڪي تصويرون ڪڍرائي رهيا هئا. هنن سڀني جي زبان تي اها ئي ڳالهه هئي ته؛ ’اهو به ته وقت هو جو يونيورسٽيءَ کان گهر وڃڻ جي ڳالهه ڪندا هئاسين ته چھرو ٻَھڪي پوندو هو ۽ اڄ جڏهن يونيورسٽيءَ کان هميشه لاءِ واپس گهر وڃڻ وارا آهيون ته سڀني جي منهن تي مايوسي عيان آهي. نيٺ ڪري به ڇا ٿا سگهون؟ هڪ نه هڪ ڏينهن ته هتان وڃڻو ئي آهي.‘

سُڃاڻپ - مٺل جسڪاڻي


سُڃاڻپ
فليش فڪشن
مٺل جسڪاڻي
ننڍي ھوندي کان ڪنن سان ٻُڌل ڳالھيون ۽ اکين سان ڏٺل مُشاھدا ساريندي دريا خان چيو؛ ”مار! تڏي تي آيل کي نہ کيڪارڻ، خبر چار نہ وٺڻ، پنھنجو تڏو پاڻ ڇڏي ھليو وڃڻ، اڄ ڪلھہ عاقل، بالغ، وات وڪيل، مڙس ماڻھُو ھجڻ جي سُڃاڻپ ٿي پئي آھي!“