Friday, November 29, 2019

نوراني ڪمبل - طارق قريشي


نوراني ڪمبل
طنز و مزاح
طارق قريشي
ميان بدرالدين جي بيڊ روم جي سيٽنگ ڪجهه ھن ريت آھي؛ ماسٽر بيڊ تي فقط سندس زال مسمات قمرالنساءِ ئي ماپي سگهندي آھي، سو ھو سائيڊ ۾ رکيل ٿري سيٽر صوفا تي ئي سمھندو آھي. حالات سازگار ھجن يا پگهار وارا ڏينھن ھجن ته کيس مھيني، پندرھين ڏينھن پنجن منٽن لاءِ بيڊ تي سمھڻ جي اجازت به ملي ويندي آھي. باقي ڏينھن صوفا تي ئي سمھندو آھي. ميان بدرالدين کي پنھنجي زال مسمات قمرالنساءِ جي ھٿ ۽ زبان (جنھن کان ھو ڪڏھن به محفوظ نه رھيو ھو) جي ڪرامتن تي پورو يقين ھو، پر گذريل ڪجهه ڏينھن کان ھو تمام گهڻو حيران ھو. اڌ رات جو ڪڏھن ننڊ مان جاڳندو ھو ۽ صوفا تي سڌو ٿي ويھندو ھو ته پنھنجي زال جي بلئنڪيٽ مان نوراني شعاع نڪرندي محسوس ڪندو ھو. ھن غور ڪيو، ويچار ڪيو، سوچ ڪيائين، فڪر ۾ پيو، چڪاس ڪيائين، تفصيلي انداز ۾ تپاسيائين، پر ماجرا سمجهه ۾ نه آيس. تجسس جهل نه پيو ڏئيس. ڪافي ڏينھن تائين سويل سمھڻ جي اداڪاري ڪندي، دير تائين مشاھدو ڪندو رھيو ته سندس زال جي بلئنڪيٽ مان نوراني شعاع نڪرندا رھن ٿا...


ميان بدرالدين سمجهي ويو ته ان ۾ به ڪو اسرار آھي. ڇو ته ھن جي زال جي ھڪڙي ٻي به ڪرامت زور وٺي وئي ھئي ... اھا ڪرامت اھا هئي ته ميان بدرالدين جي ھر ڳالهه جي خبر مسمات قمرالنساءِ کي پئجي ويندي ھئي. آفيس ميٽنگز، دوستن سان گيدرنگس، بينڪ ٽرانزيڪشنز ۽ پراين ماين سان ڪيل چيٽنگ ... مطلب ته ھر شيءِ جي خبر زال کي ڄڻ اڳ ۾ ئي ھوندي ھئي. دل ۾ چيائين ته منھنجي زال مسمات قمرالنساءِ وٽ پڪ ئي پڪ ڪو نسخو آھي، ڪو عمل ڪري ٿي يا وري ڪو ھمزاد قابو ڪيو اٿائين يا اھو به ممڪن آھي ته مسمات قمرالنساءِ ڪي موڪل ھٿ وس ڪيا ھجن.. .
ٻين ڳالھين جو خير ھو پر رات جي وقت، زال جي بلئنڪيٽ مان نُوراني شعاع نڪرندي ڏسي ھن کي گهر ۾ پراسرار (پيرا نارمل) مخلوق جي موجودگيءَ تي تشويش ٿيڻ لڳي. دل ۾ فيصلو ڪيائين ته ڪنھن عارف يا اولياءَ کان ان پيرا نارمل لقائن بابت پڇان ۽ ڪو حل معلوم ڪري وٺان. صبح جو اٿندي ئي عامل ڪامل سائين “آلا حضرت (سُڪا سائين) پير ضراب حيدر ڪھاڻي واري سرڪار” جي آستاني تي اچي ٺڪاءُ ڪيائين. آلا حضرت سُڪا سائين پير ضراب حيدر ڪھاڻيءَ واري سرڪار جن نھايت بي ڌياني سان ميان بدرالدين جو حال احوال ورتو ۽ پوءِ پڇيائين؛ ”ڇا اڄ ڪلهه تنھنجي زال مسمات قمرالنساءِ کي تنھنجي سمورن ڪرتوتن جي بروقت خبر پئجي وڃي ٿي؟“
”ھا سائين، توھان کي ڪيئن خبر پئي؟“
”اسان دلين ۽ مثانن جي رازن کان واقف آھيون، اي ڪيئرليس انسان “...
ان کان پوءِ آلا حضرت (سڪا سائين) پير ضراب حيدر ڪھاڻيءَ واري سرڪار جن نھايت شفقت سان چيس؛ ”ميان بدرالدين! صفا ڪو ... ٺھيل آھين ... بلئنڪيٽ مان ڪڏھن ڪي نوراني شعاع نڪتا! اڙي انڌا! پاس ورڊ ھڻي ڇڏ فون کي. تو واري زال، ڪمبل ۾ تنھنجي موبائيل فون لڪائي، تنھنجا ڪارناما چيڪ ڪري وٺندي ھوندي!!”

No comments:

Post a Comment