Thursday, November 14, 2019

پينگھ لڏون - وحيد محسن


پينگھ لڏون
ڪھاڻي ٻارن لاءِ
وحيد محسن
چاچي گلزار احمد جي گهر، اڱڻ تي ھڪ پپر جو وڻ ھوندو ھو. ٻار روزانو ان جي گھاٽي ڇانءَ ۾ ويھي راند روند ڪندا ھئا. وڻ ۾ پينگھ به ٻڌل ھوندي ھئي. انهيءَ تي فريدا، نديم، اربيلي ۽ رمضان وڏي چاھت مان لڏندا ھئا.
ٻار، پينگھ تي لڏڻ لاءِ ترتيب جوڙيندا ھئا ته پھريان پينگھ تي ڪير لڏندو. تنهن کانپوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪري سلھجي ويندا ھئا. رمضان اڪثر ڪري پنهنجي واري لاءِ، انهن کي ايلاز ڪندو ھو ته پھريان مون کي پينگھ تي لڏڻ ڏيو!


ٻار، پينگھ تي پھريائين پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ اربيليءَ کي ويھاريندا ھئا ته رمضان به ڪڇي ڪو نه سگھندو ھين ۽ پوءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪندو ھو.
مان اڪثر پنهنجي چاچي گلزار احمد جي گهر، روزانو شام جو ويندو ھيم. اھو اسان جي گهر سان بلڪل گڏ ھوندو ھو. ھڪ ڏينهن منھنجو پٽ سليم به پينگھ تي لڏڻ جي شوق ۾ مون سان گڏ ھليو ۽ مون کي چوڻ لڳو؛ ”مون کي به پينگھ تي ويھاريو.“
مان پنهنجن سئوٽن جي ٻارن کي چوندو ھيس؛ ”ٻارو پنهنجي دوست کي به پينگھ تي جھولايو.“
فريدا، سڀني ٻارن کان وڏي ۽ سياڻي ڇوڪري ھئي. مون کي چيائين؛ ”چاچا! اوھان ادا سليم کي اسان وٽ ڇڏي وڃو! اسان گڏجي پينگھ لڏون ٿا.“
مون کي فريدا جي اھا ڳالهه تمام گهڻو وڻي ۽ سليم کي چيم؛ ”تون فريدا ڏي وڃ! تو کي پينگھ تي ويھاريندي! ھاڻي ته خوش ٿيءَ تنهنجي فرمائش پوري ڪيم.“
ٻارن لاءِ پپر جو وڻ ۽ پينگھ خوشين جو مرڪز ھئي. سدائين پيا کلي کلي کيرا ٿيندا ھئا ۽ انهن جو پاڻ ۾ ايڪو به قائم ٿي ويو ۽ سلڇڻا ٿي پيا. ھڪ ٻئي جو تمام گهڻو خيال ڪرڻ لڳا!

(وحيد محسن جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment