Friday, November 29, 2019

خيالي پلاءُ - زاھد علي ڀٽو


خيالي پلاءُ
مختصر ڪھاڻي
زاھد علي ڀٽو
جيوڻ کي اڄ به مزدوري نه لڳي ۽ منجهند کان اڳ ئي پڙي تان موٽي آيو. صافو ڪلهي تان لاهي، پنهنجي منهن کي صاف ڪندي، ڪنڌ جهڪائي اڌ ڇڳل کٽ تي اڃا ويٺو ئي مس هو. جوڻس صدوري، جيڪا مٿي جي سور سبب، مٿو ٻڌيو، چلهه تي چانهه ڪاڙھڻ لاءِ ڇيڻن ۽ ڪاٺين وسيلي باهه ٻارڻ ۾ مصروف هئي. تنهن اٿندڙ دونهين کان پاڻ بچائيندي، منهن مٿي ڪيو ته جيوڻ تي نظر پئجي ويس.


هن سواليه نظرن سان ڏانهنس نهاريو ته جيوڻ جو منهن ويتر ڀيلو ۽ مايوس ٿي ويو. ڇو ته مينهن سبب اڄ به مزدوري ڪا نه لڳس ۽ ويچارو خالي هٿين موٽي آيو هو.
صدوري سوال ڪيس ته اڄ ڪجھ آندو ٿئي يا وري هٿين خالي موٽيو آن .... ٻه ڏينهن اڳ ڌياڻيءَ کان 500 اڌارا ورتا هئا. جن مان ڪجهه اٽو گهرايم ۽ ٻيو کنڊ-پتي، جيڪا اڄ پوري ٿي ويندي. باقي اٽو کٽي ويو آ ... ماسات ميران ۾ اميد ڪونهي جو پاڙي ۾ اڌاري اٽي جي به سوائي ڪري! ... گلاب ۽ گلناز اسڪول کان موٽي ايندا ته ڇا کارائينديسان؟”
جيوڻ، صدوريءَ جون تکيون ۽ ڪوڙيون ڳالهيون، بي وسي ۽ لاچارگيءَ وچان ٻڌندو رهيو، پر ڪجهه ڪڇي نه سگهيو، ڄڻ هو سوچن ۽ ڳڻتين ۾ گم ٿي ويو هو.
صدوريءَ ڳالهائڻ جاري رکيو؛ ”هڪ غربت، ٻيو مهانگائي. تو کي به ڪڏهن مزدوري لڳي، ڪڏهن نه! ڪجي ته ڇا ڪجي؟ رب ڪا ٻاجهه ڪري !... مهانگائيءَ کي منهن ڪيئن ڏيون؟ غريب ڀلا ڪاڏي وڃي؟ اٽو، گيهه، ڀاڄيون مهانگيون ٿيڻ کانپوءِ اڄ دل ٿي چئي ته گهر ۾ “خيالي پلاءُ” پچائجي”.
“نه اٽو، نه چانور، نه گيهه، نه ڀاڄي، نه ڪو ٻيو خرچ!”

No comments:

Post a Comment