Wednesday, November 27, 2019

پکين جو گهر - وحيد محسن


پکين جو گهر
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
وحيد محسن
اسان جي گهر جي آڳنڌ تي، ھڪ ولھار نم جو سھڻو وڻ آهي. جيڪو ڪنهن وقت ۾ ته سائو سرسبز ۽ شاداب ھوندو ھو. پر ڪجهه مھينن کان اھو سڪي ٺوٺ ٿي ويو آهي. گرميءَ جي موسم ۾، پکي پنھنجا ان تي گهر ٺاهي ويھندا ھئا. خاص ڪري سانجھي ٿيڻ کان اڳ ۾، جھرڪين جو ان وڻ تي واھيرو ڏسڻ جھڙو ھوندو ھو. سڀئي اچي چون چون ڪندي، اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺنديون ھيون. منهنجي ننڍڙي ٻيڻ زينت ته ڏاڍو خوش ٿيندي ھئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي ڀر ۾ رھندڙ ماسي ڪلان جي ڌيءَ رتني کي سڏي اچي جھرڪين جو واھيرو ڏيکاريندي ھئي. اھي ٻئي ڇوڪريون پکين کي داڻو پاڻي به روزانو ڏينديون ھيون.


مون کي ته سڀ ڪجهه ياد آهي. ڏينهن جي تپش کان بچڻ لاءِ ڪانءَ به اتي سڪون وٺندا ھئا. وڻ جي ھيٺيان ھميشھ پکين جي چوڳي لاءِ ان جا داڻا وکريا پيا ھوندا ھئا ۽ روزانو رتني به وڻ ھيٺيان ان جا داڻا ڇٽي ويندي ھئي. سڄو ڏينهن پيا پکي ان چڳندا ھئا.
بابا سائينءَ کي به پکين سان ڏاڍو پيار ھوندو ھو. انهن کي ڏسي خوش ٿيندو ھو. اسان جي گهر ۾ پکي امن ۾ رھندا ھئا.
ھڪ ڏينهن منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪھاڙي کڻي، ان سڪل نم جي وڻ کي وڍڻ لاءِ اٿيو ته امان پڇيس ته؛ ”اربيلا! خير ته آهي! اڄ ڪھاڙي کڻي ڪيڏانهن پيو وڃين؟“
اربيلي امان کي جواب ڏيندي چيو ته؛ ”پنهنجي آڳنڌ ۾ جيڪو سڪل نم جو وڻ ناهي ان کي وڍڻ وڃان ٿو.“
امان چيس؛ ”نه نه! ابا ائين نه ڪجانءِ! پنهنجي گهر ۾ اھو ھڪڙو اڪيلو وڻ ته آهي ان کي نه وڍجانءِ!“
اربيلي چيس ته؛ ”امان! اھو ھاڻي ڪھڙو چھچ سائو آهي؟ سڪي ٺوٺ ٿي ويو آهي. اسان جي ڪھڙي ڪم جو رھيو آهي.“
وري امان چيس؛ ”اربيلا! اسان جي ڀلجان ڪم جو نه رھيو ھجي. پر ڏس! سڄو ڏينهن پکي ان تي اچي ويھن ٿا ۽ اھا آس رکن ٿا ته اھو وڻ سائو ضرور ٿيندو. ٻيو ٻڌ! ڀلا شام جو ان تي پکي واھيرو ڪن ٿا. ٻيلي سياڻو ٿيءُ! پکين جي گهر کي نه وڍجانءِ! مان ماءُ تو کي منع ڪيان ٿي.“
اربيلي چيس؛ ”امان جيجل! جيڪڏهن اڄ تون مون کي نه روڪين ھا ته شايد مون کان اھو پکين جو گهر اجڙي وڃي ھا. امان مان شرمندو آهيان، اھڙي سوچ تي. مون کي معاف ڪر امان!“
مان ان ڏينهن کانپوءِ نم جي وڻ کي پاڙ ۾ پاڻي ڏيڻ شروع ڪيو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان ۾ رنگت اچڻ لڳي. مون محسوس ڪيو ته آھستي آھستي اھو نم جو وڻ سائو ٿيندو پئي ويو. جڏهن مڪمل طور تي اھو سائو ٿي ويو ته ٽاڪ منجهند جو به پکين جا ولر ان نم جي وڻ تي اچي سک جو ساھ کڻڻ لڳا.
مان، امان کي چيو ته؛ ”ڏس! ھاڻي نم جو وڻ سائو ٿي ويو آهي ۽ پکي به اطمينان سان ان تي ويھي لاتيون لنون ٿا ۽ اسان ٻارن کي به گرميءَ جي موسم ۾ تو امڙ جيان ڇانءَ ڏيندو رھي ٿو.“
اربيلو، اسان جون اھي ڳالهيون ٻڌي، خوش پئي ٿيو ۽ اچي مون سان ڀاڪر پائي مليو. چيائين ته؛ ”ادا آئون ھاڻي نم جي وڻ جي سنڀال ڪندس پيو. اھو ته واقعي اسان جي آڳنڌ تي سونھين پيو. مختلف پکي به اچي ان تي ويھن ٿا. پاڻ سڀئي گڏجي انھن جي گهر کي ھميشھ سائو ستابو ڪري رکنداسين.“

(وحيد محسن جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment