Friday, December 23, 2011
بلو دادا - ”اياز“ قادري
بُڻُ - رشيد ڀٽي
Tuesday, December 13, 2011
بُت بڻجي ويل شخص - رضوان گل
Friday, December 9, 2011
کل ڦل - اختر حفيظ
کلڻي - شيخ اياز
مـکـتـي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو
مستقبل جو ابو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو
دينا داستي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو
Tuesday, December 6, 2011
ڪافر - نسيم احمد کرل
پاروٿو گوشت - نورالھديٰ شاھ
ٽِڪري - ”بشير“ مورياڻي
هڪ مرد، ٽي لاشا - سراج
بدمعاش - جمال ابڙو
Monday, December 5, 2011
ڪتو به ان کي کائي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو
سيکت
سيکت
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
نوشھرو
فيروز، اڃا نواب شاهه ضلعي جي ڪک مان نڪري، نئون ضلعو نه ٿيو هئو.
ضلعي آفيس جي ڪمن ڪارين لاءِ نواب شاهه ئي وڃڻو پوندو هو. سفر جو ذريعو ريل به هئي
ته بسون به.
سکر
جون بسون ٽين روپئي ۾، ڪنڊيارو کان مورو لاهينديون هيون. جتان ڇھين روپئي ۾ نواب
شاهه پھچبو هو. قاضي احمد کان نواب شاه وارو رستو هلندڙ نه هو ۽ نه وري نوشھري کان
پڊ عيدن- نواب شاهه وارو. هاڻي ته ٻنھي رستن سان ڪوچ ۽ ويگنون هلڻ ڪري، پنڌ به
گهٽجي پيو آ ۽ وقت به گهٽ ٿو لڳي.
Sunday, December 4, 2011
جيئي پلمبر - انجنيئر عبدالوھاب سھتو
جيئي پلمبر
مختصر ڪھاڻي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
يونيورسٽي
آڊيٽوريم ۾ تقريري مقابلو هلي رهيو هو. جنھن جو عنوان هو؛ ”عورت، مرد کان بھتر آهي“ يا ”مرد، عورت کان بھتر آهي.“ مقابلو يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ هو. حصو
وٺندڙن کي واري وٽيءَ سان سڏ ٿي رهيو هو، جن اسٽيج تي اچي پنھنجي خيالن جو اظھار
پئي ڪيو. اول شاگردن جو وارو هو. جن مان ڇھه، هن وقت تائين اسٽيج تي اچي چڪا هئا.
ٽن جو موضوع هو؛ ”عورت،
مرد کان بھتر آهي“ ۽ ٽن
جو؛ ”مرد، عورت کان بھتر آهي.“
روايتي ۽ جديد ڪهاڻي - منظور ڪوھيار
۽ شهر اونڌو ٿي ويو ... - منظور ڪوھيار
ڏوجھرن ۾ ڦاٿل زندگيون - منظور ڪوھيار
سچي ۽ لاجواب ڪهاڻي - منظور ڪوھيار
ڏانڊيءَ جي رشتي سان ڳنڍيل پيلو پاپڙ - منظور ڪوھيار
فليگ آف آنر منظور ڪوھيار
سچا ڪوڙا رشتا - منظور ڪوھيار
مال غنيمت - منظور ڪوھيار
Saturday, December 3, 2011
هٿ جي وڍي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو
هٿ جي وڍي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڏهن
ڏينھن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ، جڏهن سنگتياڻيءَ ڊوڙندي اچي ٻڌايس؛ “تو وارو پٽ لڌو
آهي!” تڏهن پٽڻ ڪٽڻ بند ڪري، وائڙن وانگر، اشارن ۾ پڇيائينس؛ “ڪٿي آهي؟!”
مڙسھنس
به تڏي تي حُقي ڦوڪ ڀريندي ڪن اپڙا ڪيا.
“واه
تي!” آيل ٺھه پھه وراڻيندي، پويان پير ڪيا. نياپو آڻيندڙ مائيءَ جو گهر، سڏ پنڌ
تي، واه جي ڪپر تي هئو.
Friday, December 2, 2011
عالي جناب جو استقبال - منظور ڪوھيار
دين جي ڀيڻ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو
Thursday, December 1, 2011
ٽيون سبب - منظور ڪوھيار
ٽيون سبب
ساڌُ - منظور ڪوھيار
پــَتِ
عيد کي
گذرئي، اڄ ٽيون ڏينھن آهي. شام جو حسين وقت، ڏينھن جهڙالو، شيرل بروهيءَ وارن جي لڏ، حاجي صادق جي اوطاق ڀيڙو ٿي آهي. لڏ لاهيندي ئي، خوشيءَ ۾ جهمرين
هڻڻ ۽ نچڻ ڳائڻ ۾ کُپي ويا آهن. ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون آهن. واٽ ويندا، بيھي ڏسي
رهيا اٿن.
جبل جا
لاڏائو، غريب ۽ مسڪين، اونھاري ڌاري جبل مان نڪري، پتڻ پار ڪري، سانھرن جي مند ۾
هر سال هتي اچن. ٻنين ۾ سانھر ڏئي، پئسا ڪمائين ۽ وقت گذارين. ڪجهه هت کپائين،
ڪجهه پاڇي ڪري، پوئتي لاءِ کڻي وڃن.