Sunday, December 4, 2011

ڏانڊيءَ جي رشتي سان ڳنڍيل پيلو پاپڙ - منظور ڪوھيار


ڏانڊيءَ جي رشتي سان ڳنڍيل پيلو پاپڙ
منظور ڪوھيار

شام جو وقت آهي.
دل مونجھي مونجھي اٿس.
هلندو هلندو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي قلعي نما عمارت جي اوڀارين باغيچي ۾ اچي ويٺو آهي. هُو ڏسي، سوچي ٿو: ‘هيءَ انگريزن جي دور جي عمارت ڪيڏي نه رعبدار ۽ شاندار آهي!’
اَسرنهن جا پيلا پاپڙ ‘کڙ ... کڙ!’ ڪندي، قلابازيون کائيندي هيٺ ڪري رهيا آهن. هڪڙو پيلو پاپڙ سندس آڏو اچي ڪريو آهي، ٻه ڦاڪان ٿيل آهي، پر ڏانڊيءَ جي رشتي سان اڃا ڳنڍيل آهي. خبر ناهي ڇو ان کي هٿ ۾ کڻي ڏسي رهيو آهي.
چوڌاري سدا بهار جا گل هوا جي زور تي ٿر ٿر نچي رهيا آهن . قطار ۾ لڳل سورج مکي جھومي رهيا آهن. باغيچي جي اولهائين وٽ سان گل مور جا رتاوان ڇڳا وڏي شان ۽ اڊمبر سان لڏي رهيا آهن.
فضا ۾ ڪانوَن جي ‘ڪان ڪان’ ۽ ڪٻرين جو ٽيڪو وڌي ويو آهي. ڪجهه ساعتن لاءِ ٻاهران روڊ تي لنگھندڙ رڪشائن جي گوڙ ۾ پکين جو آواز دٻجي وڃي ٿو.


گھڻي عرصي کان پوءِ هن کيچلي بلبل کي ڏٺو آهي. جيڪا گلاب جي جھولن سٽيل گلن سان مستيون ڪري رهي آهي.
سِنجھيءَ جي ڏار تي پڇ مٿي ڪري چرڙاٽ ڪندڙ نوريئڙي کي ڏسي  سندس چپن تي هلڪي مشڪ تري اچي ٿي ۽ ذهن ۾ شرارت به.
هو سوچي ٿو: ‘هي اهو ئي باغيچو آهي .... جتي اسيمبلي ٿيندي هئي. ترانو گونجندو هو
پاڪ سر زمين شاد باد
ڪشور حسين .........’
سندس ماضي، حال بڻجي وڃي ٿو: ‘اڙي! چهنڊيون ڇو ٿو پائين ، ماءُ جا ...!’ هُو ڪنڌ ورائي پٺئين ڇوڪري کي ڪاوڙ مان گُھوري ٿو.
‘ڪير ٿو گوڙ ڪري!؟’ ڊرل ٽيچر جمال خان سوال سان گڏ بي رحم رول، هوا ۾ بلند ڪري ٿو.
‘زٽڪ! زٽڪ!’
پٺا سيڪاٽجي وڃنس ٿا. اکين ۾ پاڻي تري اچيس ٿو.
‘ٽـڙنگ!’
اٽينشن سان بيهي ٿو.
‘ٽـڙنگ!’
سلام ڪري ٿو.
‘ٽڙنگ!’
آخري گھنٽي تي، هٿ هيٺ ڪري قطار ۾ هلي ٿو.
هيڊ ماستر جي تيز نگاهن کان بچندي بچندي ڪلاس ۾ داخل ٿئي ٿو.
حاضري لڳي ٿي. هُن جو نالو کڄي ٿو. وڏي ڦڙتيءَ سان اٿي جواب ڏئي ٿو: ‘پريزنٽ سر!’  
پوءِ ڪلاس ٽيچر جو حڪم ٿئي ٿو: ‘لکو گلن واري، اي بي سي!’
سندس هٿ ڏڪڻ لڳن ٿا. مس ڪپڙيءَ ۾ اسٽيل جي نب ٽٻي هڻي ٿي. ٽه ليڪي بوڪ تي A جو حرف لکجندي چُـپو ٿي پويس ٿو. ٻي ڀيري احتياط سان نُب ٻوڙي ٿو. بوڪ تي نب جي رهڙجڻ جو آواز اچي ٿو ۽ B لکجي وڃيس ٿي، پر ڪجهه ڦڏي آهي. وڏي احتياط سان اسٽيل جي نِـب ڪپڙيءَ ۾ گھت هڻي ٿي. لکندي پاڻ به C وانگر وڪڙ کائي وڃي ٿو.
‘ڇا ته اکر لکجي ويو آهي!’ هو پنهنجو پاڻ تي رشڪ کائيندي دل ئي دل ۾ چوي ٿو. ‘سڄي اسڪول ۾ ڪو مون وانگر ، لکي ته ڏيکاري!؟’
پهرين رسيس جي گھنٽي وڄي ٿي، ڄڻ ٻرن مان اوچتو ڪوليون نڪتيون هجن. يعقوب جي ڇولن تي مارو آهي. پوءِ سٽ ڪٽ کيڏڻ جو وارو آهي.
‘هه .... نه ... بو ...!’
هُن اڄ ارشد کي ست کلئي بال (ٽينس بال) سان خوب ڪٽيو آهي. ڪلهه جو بدلو ورتو اٿائينس.
رسيس کان پوءِ ڪلاس ۾ هلڪو هلڪو گوڙ آهي.     
‘چرٻٽو ڇا جو آهي؟’ مئٿمٽڪ جو استاد زور سان لڪڻ  ٽيبل تي هڻي ٿو. ڪلاس ۾ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي. هن کي مئٿمٽڪ جي ڪلاس کان نفرت آهي.
پنجين پيرڊ کان پوءِ رسيس جي ٻي گھنٽي وڄي ٿي. پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ تي مارو آهي. جئين ته عمر ۽ قد ۾ اڃا ننڍو آهي، ان ڪري پڄي نٿو سگھي. رسيس بند ٿيڻ جي گھنٽي وڳي آهي. هو اڃايل اڃايل ۽ بي دليو ڪلاس ۾ وريو آهي. ڪلاس ٽيچر آهي جو وڃي ٿو هوم ورڪ تي هوم ورڪ ڏيندو. هن ان وقت خدا کان موڪل جي دعا گھري آهي.
اوچتو گھنٽي وڄي ٿي:
‘ٽڙنگ ... ٽڙنگ .... ٽڙنگ!’
‘ٽڙنگ ... ٽڙنگ .... ٽڙنگ!’
اسڪول مان ورڻ جو منظر ائين آهي، جيئن جھرڪين جا ولر اڏار ڪيو، واهيرن ڏانهن ورن .... ايڏي خوشي جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھجي. گھر پهچڻ سٽ، هن ٿيلهي کي کٽ تي اڇليو آهي. ماڻهس جون نظرون ڪپڙن تي آهن.
‘هي ڇا حال ڪري آيو آن، ڪپڙن جو!؟’
ماڻهس جو اشارو سندس مس لڳل ڪپڙن ڏانهن آهي. پر هن کي ڪا پرواهه ڪونهي هاڻ هو سڀاڻي جي سج تائين آزاد آهي.
هاڻي کيس شام جو گرائونڊ تي وڃڻو آهي. ڪرڪيٽ کيڏڻي اٿس. صبح جو هوم ورڪ پوري نه ڪرڻ تي بئنچ مٿان بيهڻو پوندس. اتڀئه ڪري لالٽين جي روشني ۾ هوم ورڪ ڪري ٿو .
هو ٿڌو ساهه ڀري هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو. سامهون سندس نظر ننڍڙي مگر چُهچ ڪاري پکيءَ تي پويس ٿي، جيڪو پنهنجي سنهي چهنب کي چائنا روز جي وچ ۾ اڙائي رس پي رهيو آهي. هو پاڻ کي ان پکيءَ سان ڀيٽ ڏئي سوچي رهيو آهي ته هيءَ به ڪڏهن ان وانگر هو ...
‘شايد ڪاري ڦوسڙي آهي، نه من موسڙو آهي؟!’ هو منجھي پوي ٿو ۽ دل ئي دل ۾ اعتراف  ڪري ٿو ته هاڻي کيس پکين جا نالا صحيح نموني سانياد ناهن رهيا.
‘خبر ناهي ته وقت ڪيئن گذري ويو!’ هو وقت کي ياد ڪندي، وري ماضيءَ کي حال بڻائي ڇڏي ٿو:
  نئون ڪلاس ٽيچر چئي رهيو آهي: ‘هاڻي اوهان نائين ڪلاس ۾ آهيو ... ٻار ناهيو.’
ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کلي رهيا آهن، ڇو ته اُهي لفظ انهن ڇهين درجي کان وٺي ٻڌا آهن. انهن کي خبر آهي ته سڀ ڪلاس ٽيچر هر سال ائين ئي چوندا آهن.
هڪ ڏينهن:
ڪو کائنس ڪنڌ ورائي سڙٻاٽن ۾ پڇي ٿو:
‘اوهان جي سڀاڻي ڪرڪيٽ مئچ آهي نه ...؟’
‘ها، اوهان ضرو ر اچجو!’
ڪلاس ٽيچر رڙ ڪري ٿو.
‘اها ڀُـڻ .. ڀُـڻ ڇا جي آهي ....؟ پوئـٽري بوڪ ڪڍو... !’
ڪلاس ۾ پنن اٿلائڻ جي ‘سر.... سر!’ جي آواز کان سواءِ مڪمل خاموشي آهي.
ڪلاس ٽيچر جي صاف ۽ سريلي آواز پٺيان ڪورس جي انداز ۾ ڪلاس روم ۾ شعرگونجڻ لڳو آهي:
“او ميري گو
ڪال دي ڪئٽل هوم
ڪال دي ڪئٽل هوم.”

ٻئي ڏينهن تي ـــ
انٽر اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ جي فائنل آهي. گورنميٽ هاءِ اسڪول ۽ ميونسپل  هاءِ اسڪول جي وچ ۾ مقابلو آهي. اها مئچ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيندڙ مئچن کان ڪنهن به طرح سان گھٽ نه آهي.
ميونسپل هاءِ اسڪول جي ٽيم هڪ سئو چاليهه رنسون ٺاهي ورتيون آهن. جڏهن ته هن جي ٽيم جو ٽيون رانديگر به آئوٽ ٿي چڪو آهي ۽ رنسون اڃا ڏهن کان به مٿي ناهن ٿيون .....
ذري گھٽ پاڻ به آئوٽ ٿيو هيو. بال پيڊن ۾ لڳو اٿس. ايل بي ڊبليو جي ڪال ٿي آهي.
‘هائوزي (هائو .. اِٽ از) ...؟؟
هن جي دل ايستائين ڌڙڪندي رهي ٿي، جيستائين ايمپائر ڪنڌ ڌوڻي ‘نو’ نه ڪئي آهي.
هاڻ، هو هر هڪ بال کي احتياط سان کيڏي رهيو آهي، ڇو جو اسڪول جي عزت جو سوال آهي. سيٽ ٿيڻ کان پوءِ، هُو هر لوز بال کي بائونڊري ڏيکاري رهيو آهي.سندس ففٽي ٺهي چڪي آهي ..... گرائونڊ کان ٻاهران تماشائي داد ڏئي رهيا آهن. ‘هوءَ’ به تاڙيون وڄائي رهي آهي. هُو بيٽ مٿي ڪري فخر سان جواب شڪريو ادا ڪري ٿو.
ٽيم ڪرائيسس مان نڪري چڪي آهي.مخالف ٽيم جي رانديگرن جا منهن ڀيلا ٿي ويا آهن.
شام جو رائل چوڪ وٽ يعقوب جي دڪان تي رانديگر کير ۾ جليبيون وجھي کائي رهيا آهن.
اسپورٽس انچارج ڀورن ڇوڪرن کان وڌيڪ سانورن جي پٺي ٺپي رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي: ‘عزت جي رهجي آئي .... نه ته ....؟!’
ٽئين ڏينهن تي، سدائين مٽن ڦوڪيل هيڊ ماستر خوش آهي. سندس واڇون ڪنن سان لڳل آهن. هاءِ اسڪول جو اهو هيڊ ماستر جيڪو دنيا جي ڪهڙي به ماڻهوءَ کي ٿوري غلطي تي بنا ڪنهن هٻڪ جي لڪڻ هڻي سگھي ٿو (اهو ان زماني جي شاگردن جو ايمان هو ته سندن هيڊ ماستر کي خدا جي طرف کان  وڏا پاور مليل آهن.) سو چئي رهيو آهي:
‘ويل ڊن ماءِ بوائز ....! ويل ڊن ...!’
هر طرف ‘ويل ڊن’ جون صدائون گونججي رهيون آهن . وڏي ڳالهه ته ‘هُن’ به کيس ‘ويل ڊن’ چيو آهي.
کيس ٻيو ڇا گھرجي ...؟! هاڻي هو دنيا جو عظيم انسان آهي، جنهن جي اسڪول، پاڙي ۽ هن جي دل ۾ به عزت آهي. ان خوشيءَ جو اظهار هو پٻين تي هلڻ يا زوري سلام ڪرڻ سان ڪندو رهندو آهي.
مئٽرڪ جا امتحان ٿي ويا آهن.
اسڪول ۾ الوداعي پارٽي ٿي رهي آهي.
 هوءَ چئي رهي آهي: ‘ڊونٽ فر گيٽ مي پليز ...’
هن به ڌڙڪندڙ دل ۽ ڏڪندڙ چپن سان چيو آهي:
‘ڊونٽ فر گيٽ مي ٽو.’
سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن.
هن ڪنڌ مٿي کڻي آسمان ڏانهن ڏٺو آهي. آسمان تي ابابيلن جا ولر اڏامي رهيا آهن . هو به خيالن ۾ ابابيلن جيان، پوءِ جي گذرندڙ حياتيءَ مٿان اڏام ڀريندي سوچي ٿو:
پوءِ جي زندگي؟
گھاڻي جي گرد ڦرندر ڏاند جيان گذري ....
هل هلان ... ڊڪ ڊڪان
چوڌاري آواز اچن ٿا.
‘هر شئي دولت سان حاصل ڪري سگھجي ٿي ... هر شئي ...’ هڪ اڪائونٽس ڪلارڪ جي حيثيت سان ان آواز پٺيان بي تحاشا ڊوڙي ٿو ۽ پيڇو ڪندڙ معصوم ۽ بي غرض آواز گھڻو پٺتي رهجي وڃن ٿا.
سندس چوڌاري رشوت جا مينار ٺهندا وڃن ٿا. هو انهن مينارن تي چڙهي پنهنجي عظمت ۽ عزت جتائي ٿو. هٿ لوڏي چو ي ٿو: ‘خدا جو شڪر آهي، هاڻ وٽس سڀ ڪجهه آهي.’ مٽ مائٽ  حسد ۽ ساڙ وچان سندس حيثيت ڏسي ٿڌا شوڪارا ڀرن ٿا. هن کي اطمينان حاصل ٿئي ٿو ته هاڻ هو عزتدار آهي ۽ خوش آهي.
جڏهن گذرندڙ وقت اکين تان آکيڙيون لاٿيون،
ته ثابت ٿيو
سڀ مصنوعي خوشيون ۽
اکين جو ڍوُ هيو
اجايو اميدون
۽ آخر ۾ اهو پڇتاءُ ته
‘اولاد لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو سي
۽ اولاد ....!؟!؟
هو گھرو ٿڌو ساهه ڀري اٿي ٿو ۽ ڏسي ٿو. سامهون بلڊنگ جي ڪانس تي اڪيلو ڪبوتر پر سوئي رهيو آهي.
شام جا ڊگھا پاڇا چوطرف ڦهلجي ويا آهن. آسرنهن جا پن ڪومائجڻ لڳا آهن.
هن ٻه ڦاڪان ٿيل پيلي پاپڙ جي وچ ۾ چيچڪا ڳولڻ شروع ڪيا آهن، اتي ڪو به چيچڪو ڪونهي، هڙ جو هڙ وکري ويا آهن.
هو آهستي آهستي بي دليو گھر وريو آهي.
  جوڻس انتظار ۾ ڦوڪي ويٺي آهي:
‘رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به توکي گھر ۾ ويهڻ نه ٿو اچي ...!؟’ هو جواب ڏيڻ مناسب نٿو سمجھي. بي خياليءَ ۾ کنيل صرف ان خالي پاپڙ جي ٻن ڦاڪن کي ڏسندو رهي ٿو، جيڪو ڏانڊيءَ جي رشتي سان اڃا ڳنڍيل آهي.

No comments:

Post a Comment