Tuesday, February 28, 2023

ٻيرا ٻيرا ٻار ۽ ڳاڙها ٻير - پير عبيد راشدي

ٻيرا ٻيرا ٻار ۽ ڳاڙها ٻير

پير عبيد راشدي




اهي جيتامڙا ٻار اهي جيتامڙا پکي ڊڪَ ڊوڙ ٺينگ ٽپ ڏيندڙ وڏن جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻئي سان وڌيڪ هري مري ويندا آهن. تن کي ڪهڙي خبر ته اڏامي وڃڻ ۽ کڏين جھڙن گھرن مان نڪرڻ کان پوءِ واپس موٽنداسين به يا نه؟ يا ڪنهن جو کاڄ ٿي وينداسين؟

باجي - اعجاز - ننگر چنا

باجي

(پنجابي ڪھاڻي)

تخليق: اعجاز

پنجابيءَ مان ترجمو: ننگر چنا



مان اُنَ مھل پَنجَن نہ تہ سَتن ورهين جو هوندم، جڏهن پھريون ڀيرو منھنجي امان مون کي باجي وٽ پڙهڻ لاءِ سندس گهر ڇڏڻ وئي هئي.

هُنَ جو نانءُ تہ شڪيلا هو، پر اسان سڀئي ننڍا وڏا کيس باجي ئي سڏيندا هئاسين. رڳو اسان ئي نہ پر هُوءَ اوڙي پاڙي جي سڀني ننڍين، وڏين، اَڌَ وَهيءَ وارين، ڳڀرن ۽ جواڻ جماڻ ڇوڪرين جي باجي ئي هئي. شايد اِنَ ڪري ڪيترائي وڏي ڄمار وارا پرڻجڻ لائق ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ئي نہ پر ڪيئي پرڻيل بہ کيس باجي سڏيندا هئا. هُوءَ انهي سٺي زماني ۾ اسان جي ڳوٺ جي اڪيلي ڇوڪري هئي جيڪا عورت ذات هوندي بہ ‘بي اي’ تائين پڙهيل هئي. جيتوڻيڪ انهن ڏينھن ۾ اسان جي پاسي نياڻين نماڻين کي مورڳو اسڪول ئي نہ موڪليو ويندو هو.

Sunday, February 19, 2023

سماجُ، ڪَھاڻيون-اُڻتِ کان فِڪري گهَرائي تائين - خليق ٻگهيو

سماجُ، ڪَھاڻيون-اُڻتِ کان فِڪري گهَرائي تائين!

ادبي تنقيد - غلام علي اڄڻ جو ڪھاڻي-ڪتاب ”خوابن جي خودڪشي“

خليق ٻگهيو



ھونئن ته زندگي گهڻ رُخي يا گوناگون آھي، پر ڪنهن هڪ رخ کان جيڪڏهن زندگيءَ جي تصوير ڇِڪڻي آھي ته پوءِ اھڙي اظھاريت لاءِ ڪھاڻي ئي بھترين صنف آھي. ڪھاڻي، زندگيءَ جي هڪ واقعي ۽ اُن جي نتيجي کي دائري اندر آڻي، نه صرف پڙھندڙ جي خيالن کي سيراب ڪندي آھي. پر تفريح، وندر ۽ جمالياتي حِظ پڻ بخشيندي آھي. تنقيدي ادب جي اصولن موجب، جيڪڏھن ڪنهن به ڪھاڻيءَ ۾ ڪو پيغام وصول ٿئي ته اُھا ڪھاڻي وڌيڪ سگهاري هوندي آھي. ٻي صورت ۾ بي مقصد ڪھاڻي پاٺڪ جي وقت جو ذيان هوندي آھي. تخليقي ادب سرجڻ وقت، ڪنهن به تخليقڪار جي لاءِ ٻه رستا ٿين ٿا. ھڪ ته زندگيءَ جيئنءَ آھي، تيئنءَ ئي اُن کي پيش ڪيو وڃي، ٻيو ته زندگي ڪيئَن هجڻ گهرجي؟ ان جو خاڪو ڏِئي. اڪثر تخليقڪار زندگيءَ کي ”جيئنءَ جو تيئن“ پيش ڪن ٿا. صرف ٿوري افسانويت جي مقدار سان اُھي تخليقن کي پڙھڻ لائق بڻائن ٿا. ٻئي طرف چند نظرياتي ڪھاڻيڪار پڻ آھن، جيڪي ڪھاڻين ۾ زندگي ڪيئنءَ هجڻ گهرجي؟ جا تصور ڏين ٿا. دراصل اِھڙا ڪھاڻيڪارَ، ڪنھن آدرش تحت لِکن ٿا. اُھي زندگيءَ کي ائينءَ بدشڪل، بي ترتيب، ويڳاڻو، ماريوس ۽ ناڪام ڏسڻ نٿا چاھين. غلام علي اڄڻ جون ڪھاڻيون ڪنھن حد تائين مختلف سماجي ۽ معاشرتي حالتن کي ”جيئن جو تيئن“ پيش ڪن ٿيون.

Saturday, February 18, 2023

ناول ڊي ناڪ ۱۰۹ جو تجزيو

ناول ڊي ناڪ ۱۰۹ جو تجزيو

دادن ’ثقلين‘ لاشاري



سڄي دنيا ۾ جيڪي ڪتاب وڌ کان وڌ پڙھيا ويندا آھن انھن ۾ سوانح عمريون ۽ آتم ڪٿائون سڀ کان مٿي آھن. انھن ٻنھي صنفن کان پوءِ جيڪي ڪتاب وڌيڪ پڙھيا ويندا آھن انھن ۾ ناول سڀني کان مٿانھون بيٺوآھي. سنڌي نثري تخليقي ادب ۾ جيڪا صنف ڪافي پٺتي پيل ھئي انھي ۾ ناول ڪافي عرصي تائين مٿي رھيو آھي. تمام گهٽ معياري ناول پئي لکيا ويا. پر پوئين ڏھاڪي کان وٺي سنڌي ادب ۾ ناول ڪافي لکجي رھيا آھن. ان جو ھڪ سبب انٽرنيٽ جي ذريعي ملندڙ پذيرائي ۽ موٽ بہ آھي تہ ساڳيي وقت انھن ۾ ٻہ مکيہ سبب ھي بہ آھن تہ ھڪ: شرح خواندگي پوين ويھن سالن جي ڀيٽ ۾ ھن وقت وڌيڪ آھي ۽ ٻيو: سنڌ جي لڳ ڀڳ پنجن ڪروڙن جي آبادي مان تقريبن 33 سيڪڙو آباديءَ جوحصو نوجوان آبادي تي مشتمل آھي جيڪي عمومي طور ڪتابن طرف مائل ٿين ٿا. سنڌي ادب ۾ ناول جو جهجي تعداد ۾ لکجڻ ھڪ خوش آئندہ ڳالھہ آھي پر اڪثر ڪري ناولن جا موضو گهڻي ڀاڱي روايتي ڏٺا ويا آھن. اسان وٽ ناول جي صنف ۾ تجربا ڪافي حد تائين گهٽ ڪيا ويا آھن. ڪنھن بہ صنف، خاص ڪري نثري صنف، جي جيئندان ۽ ترقيءَ لاءِ اھو انتھائي ضروري آھي تہ ان ۾ مختلف تجربا ٿيندا رھن ۽ جديد دور جي گهرجن موجب ان ۾ نہ رڳو نواڻ آندي وڃي پر نيون تبديليون، نوان گهاڙيٽا، نوان اسٽائل پنھنجايا وڃن. انگريزي زبان ۾ ناول لکڻ جا ڪي ويھہ کان مٿي قسم ٻڌايا ويا آھن جن ۾ ھيٺيان ڏنل قسم ڪجھہ وڌيڪ مشھور آھن.