Tuesday, February 28, 2023

ٻيرا ٻيرا ٻار ۽ ڳاڙها ٻير - پير عبيد راشدي

ٻيرا ٻيرا ٻار ۽ ڳاڙها ٻير

پير عبيد راشدي




اهي جيتامڙا ٻار اهي جيتامڙا پکي ڊڪَ ڊوڙ ٺينگ ٽپ ڏيندڙ وڏن جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻئي سان وڌيڪ هري مري ويندا آهن. تن کي ڪهڙي خبر ته اڏامي وڃڻ ۽ کڏين جھڙن گھرن مان نڪرڻ کان پوءِ واپس موٽنداسين به يا نه؟ يا ڪنهن جو کاڄ ٿي وينداسين؟


هو پنهنجي پراون دنگن حدن سرحدن کان بي سمجھه هوندا آهن. پکي جڏهن ٺينگ ٽپ ڏئي ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويندا آهن ته تڏهن ٻار حسرت مان کين ڏسندا ۽ اڏامڻ چاهيندا آهن؟ پوءِ پنهنجي حسرت اتر لڳا آءٌ پرين جي مند ۾ ڏنگن کان خالي ڏينڀؤن ۾ ڌاڳا ٻڌندا يا گهرن جي ڇتين، اڱڻ ڳوٺ جي ميدانن، کيڙي ٿيل ٻنين ۾ لغڙ اڏاري ڀائيندا آهن اڏامندي چون ٿا مٽجندڙ مند ۾ ڏينڀؤن جا زهر خارج يا کسي نه پر لڪي ويندا آهن بلڪه انهن سگھارين قومن ۽ ماڻهن وانگر ڏتڙيل قومن ۽ ماڻهن کي امداد ڏئي دوستيءَ جو هٿ وڌائيندا آهن ۽ پنهنجي وقت تي ڏنگي وجھندا آهن.

بي سمجھه ٻار پنهنجن پيءُ، ماءُ يا وڏن ڀائرن ڀينرن کان پڇندا آهن:

”پرين ڳوٺ وارا پاڻ کي پريون ڳوٺ ۽ پاڻ وري هنن کي پرين ڳوٺ وارو چئون!!؟“

”جيءُ! جي جيءَ ۾ لاين جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن سي پنهنجا ٿيندا آهن“.

پيءُ کين وراڻيو. پيءُ ڪجھه وڌيڪ چوڻ ٿي چاهيو پر ڪنهن ڳڻتيءَ ڳاراڻي جي ڪري چپ ٿي ويو. شايد ماڻهن جا اڍنگا رويا هنيانءَ تي ڪڪر ڪارونڀار ٿي آيس، جن اباڻي گھر پٽڻ پلاٽن ۽ ٻني ٻارن جي دنگن تان هوڏ تڪرار ڪيا هئا.

”بابا! جيءُ ڇا ٿيندو آهي، ڳوٺ پريان گذرندڙ ريل يا ريل پٽي جيترو ڊگھو هوندو!؟“

”موٽي دڪاندار جا کٽمٺڙا ترن جون لايون ريوڙيون پتاشا ته کاڌا اٿو پر جيءُ انهن کان وڌيڪ مٺو! جيءَ ته توهان ٻار آهيو.“

پيءُ مُرڪيو ٻلهار پئي ٿيو.

غريب اٻوجهه پيءُ کي شايد کير لپ وڪري جا پئسا مليا هئا. هن پنهنجن ۽ اوڙي پاڙي جي ٻارن کي آڌيا ۽ ڇروڙيون ڏنيون ۽ کين موٽي جي دڪان تان ريوڙيون ۽ لائي وٺڻ جو چيو.

”بابا باقي اسان ڏوهه ڪيو؟“

نياڻين جو نماڻو انگل ڪونج ڪرڪو. هنن ڇڄ ۾ ٻاجھري ٿي ڇاڻي ۽ مال اڳيان گاهه چارو ٿي رکيو.

پيءُ کين ڏٺو ڪا وراڻي ڏي انهيءَ کان پهرين گھر جي ڇت ۽ ديوار تان پکين ٻوليو:

”نياڻيون ۽ اسان پرايو ڌڻ ۽ پوءِ مائٽن جا گھر اوپرا!“

ٻارن وکون کنيون، ڪچي اڱڻ تان ڌڌڙ اُڏاڻي، ڪنهن ٻار کڙ تي بيهي پهرين ماءُ ڀينرن ۽ پوءِ پيءُ کي ڏسي مرڪي چيو:

”موٽو پڪو موضي مروان ڇڙٻون ڏيندو پوءِ عينڪ سان پيسن کي ڏسندو ڏينهون ڏينهن پاڻ واري پاڏي وانگر متارو ٿيندو پيو وڃي، وٽس ڇو وڃون ريل پٽي ڀر ڄاڱريون لال ٻيرون مفت ۾ رهڙينداسين ۽ ريل ڏسنداسين؟“

پيءُ کين مرڪي ڏٺو. آسمان ۾ پکي ٿي اُڏاڻا ۽ ڪي ڍورن جي پُٺن تي ويٺل هئا، نياڻين ٻاجھري ڇاڻي ۽ مال کي گاهه چارو ٿي ڏنو.

ٻھراڙي جي ٻارن لاءِ ورونهن وندر اڌ ڏينهن اسڪول مڪتب واهه شاخ ۽ مينهن جي دٻن ۾ وهنجڻ يا قسمت سانگي مليل آڌيا چروڙيون کي ريل پٽي تي رکڻ ۽ ڄاڱريون لال ٻيريون جا جھول کيسا ۽ مٺيون ڀرڻ ۽ پوءِ پري کان ريل ايندي ڌرتي ڌڏندي ڏسي ٻيرين ۽ سر لوهيڙن ڊڀن جي اوٽ ۾ ڇپ هڻي ويهڻ ۽ پکين جون ٻوليون ٻڌڻ. انهي ڏينهن ريل پري کان ڏسي ڌرتي ريل جي ڪري يا ڪنهن انومان انديشي ڪري ڌڏي. پکين جي ڪرڪي ٻوليون ٿي ڪيون ٻار ڊڪندا ڍوڙندا پٽي تي آڌيا ڇروڙيون رکي ۽ پوءِ ٻيرين سرن لوهيڙن ۽ ڊڀن جي اوٽ ۾ ويٺا. ته پکي ٻوليون ڪندي ڀڙڪو ڏئي وڻن جي لامن ۽ ٽيلي فون جي تارن تي وڃي ويٺا. پکين جي ڦٿڪي ۾ ڪنهن ٿيڻي اڻ ٿيڻي جو امڪان هو. ٻنين، ٻارن ۽ وڻ ٽڻن تي لهندڙ سج جي لام لٿل هئي. سج جي لام کي ڪهڙي خبر ته سندس اڀرڻ لهڻ سان ڪو گيت لاڏو پڙاڏيندو يا ڪربلا ٿيندي. سج ته آهي بي پرواهه بودلو، تتيءَ تڌيءَ لهندڙ، اڀرندڙ! ڪڏهن کيس روڪي سگھيو ته تنهنجي اڀري لٿي ڪهڙا هاڃا ٿا ٿين يا ڪهڙو رڻ ٿو ٻري اُجھامي!؟

گذرندڙ ريل جي ڪنهن گاڏي جي در تي ڪو مسافر بيٺل هو تنهن ٻارن کي ڏسي هٿ لوڏيو.

”پنهنجو مائٽ آهي ڇا جو هٿ ٿو لوڏي؟“ ڪنهن ٻار ٽهڪ ڏنو.

”وڏن جي جھيڙن جي ڪري سڳا چاچا سلام کيڪار ته ڇا پر مرڪن به ڪو نه!“

ڪنهن ٻي ٻار ٻير رهڙيندي وراڻيو، ٻاراڻو ڳالهائڻ ڄڻ ڀونتري پکيءَ جي ٻولي.

ريل ٻه ٻه پئسا ڇھ ڇھه پايون ڌوڙ اڏائيندي مَٽي وئي. ٻار ٽپ ڏيندا پٽي تان ڦٿل اڌيا چروڙيون کنيون هوڪرا ڪيا ۽ ٻير ٿي رهڙيا.

”اچو ته ريل کي پُڄون، سج جي لهندڙ لام کي ورايون!“

ڪنهن ٻار چيو هن جي چوڻ تي ٻيا ٻار کِليا ۽ ٽيلي فون جي تارن ۽ وڻن تان پکين الڪي مان ٻوليو. ٻار هيج بي فڪريءَ وچان ريل پٽڙين وچ ۾ ڪاٺ جي تختن کي ڳڻڻ لڳا ۱، ۲، ۳، ۴، ۵، ۶، ۷،............ ۽ پوءِ پرائمري جا سادا ٻار ۴۷ تختي تي سهڪي ۽ اڙجي پيا. لهندڙ سج جي لام لهي وئي. هنن جا هيٺ مٿي اونهان ساهه ڄڻ خالي کوهه مان هيٺ مٿي ٿيندڙ خالي ڏول!

فڪر، پالوٽ، آدرش جا کوهه، نار درياءَ ته جال وهيا وهڪرا لڙ لڙاٽ ڪري ابوالڪلام آزاد لارڊ مائونٽبيٽن جون ڳالهيون خطبا اڻ ٻڌا ڪري ويون، لڳندڙ هلندڙ هوائون، آسمان ستارا اوندهه خوف، ڊِڄُ، ٻاٽ اونداهه، پري کان مِرُن، گدڙ جي اوناڙ، خوف ڪنهن کان ڪنهنجو، اوندهه ٻاٽ جو يا جانورن جھڙن ماڻهن جو..؟

”اونداهه موٽڻ جو گس ڪيئن لھنداسين؟“ ڪنهن ٻار الڪو ڪيو.

”۴۷ تختي تي ٿڪي پيوَ اوندهه ٻاٽ! توهان جي وڏڙن اجھائي ڇڏي ڏيئي روشني کي؟“

جھنگ رڻ پٽ مان چٻري، ڳجھه ۽ ٽيٽيهر جون ٻوليون.

”جانورن کان وڌيڪ مرون ٿيل ماڻهن جو خيال ڪيو.“ پکين جي ٻولين ۾ دم دلاسو هو.

اوچتو تيز سرچ لائيٽون ٻارن جون اکيون کيريون، پکين جون ٻوليون، ڪيهون ڪٿان چٻرو، ڳجھه، ٽيٽيهر آڪاس مان اُڏامڻ لڳا. ٻارن جون اکيون ڌڙڪندڙ ساهه خالي ويران کوهه ۾ ڄڻ هيٺ مٿي ٿيندڙ ڏول سهڪيل وساميل.

سگھارن جا مضبوط هٿ ٻارن جي ڪنڌن ٻانهن ۾:

”سرحد پار جا دهشتگرد!؟“

هڪ ڳري تيز آواز پويان ساڳيا تيز ڳرا سڏ پڙاڏا.

”اجايو اڪارڻو الزام! ڪير ڪنهن جي لاءِ نڀاڳ ڀاگ، آئون هڪ ڪنڊ لاءِ نڀاڳ ۽ ٻي لاءِ ڀاڳ!“ چٻري جي تيز آواز ۾ چٿر هئي.

”ڀاڳيا آهن چورن مٿان مور...ٰ!“

پکين ٻوليو. ڦرندڙ سرچ لائيٽون پولارن مان ڦري ٻارن تي پيون.

”ڪهڙي ڳوٺ، پار جا آهيو؟“

ڳرو آواز پڇاءَ ٻارن جي هٿن ڪنڌن ۾ پڪڙ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي.

”بابا ۽ مائٽ چوندا آهن سڀ پاسا ڳوٺ سرحدون جيءَ ۾ ڪرڻ جھڙيون، کٽمٺڙن ۽ پتاشن جھڙيون پر ڪو جيءَ ۾ جايون ڏي ۽ جيءَ لائي...؟“

ڪنهن ٻار جو سڏڪيل ڊپ ورتل آواز ورلاپ ستارن جي روشني جهيڻي هئي ۽ پکين جون دانهون ڪيهون.

ستارا ايترا نه چٽا هئا نه وري پکين جو ٻوليون چٽيون هيون.

Mg, G3 اُوزي رائفلن جا ڌمڪا، ڀوڇاڙ رات سانت جو سينو چيري وئي، ازل کان ٻريل رڻ پٽ وڌيڪ ٻري ويو، خون ۾ لٿ پٿ ٻيرا ٻيرا ٻار هٿن، مٺين ۽ جھولين مان هاريل ڳاڙها ٻير! خبر نه ٿي پئي خون ڪهڙو، ٻير ڪهڙا؟ سڏ پنڌ جي ڳوٺن جي گھرن اسڪولن مڪتبن جون ڊٺل ڇتيون ديوارون، ديوارن ۾ ڳڙکا ڄڻ پکين جا اجھا آکيرا.

مائٽن جو نه لھندڙ ڏک ماتم، ڳوٺ جي وڏي اوطاق ۽ اندر گھرن ۾ پنهنجن پراون جون اڇنگارون، ڏک اوسارا هڪٻئي کي ڀاڪر هڪ پاسي نمن جي ڇانؤ ۾ خيرات لاءِ چڙهيل ديگيون.

ٻار ته ٿيندا آهن ٻاڪرا ڦر، نم ٽالهي جي پاڙن مان نڪرندڙ ڪول ماڪوڙن جي ولر قطار جيان، ميڙ جيان، جي چيڀاٽبا ڪسندا آهن ته ٻيا تيار. ٻارن جون ٻاراڻيون ڳالهيون:

”مائٽ عيد براد شادين مرادين ۾ ڪوٺ سڏ هوندي به سڏ نه ڀريندا آهن، هڪٻئي کي کيڪار به ناهن ڪندا، اڄ وري ڀاڪرن ۾...!“

”روز ٻڪرن جھڙا ٻار مرن ته هنن جي پنهنجائپ پڌري ٿئي ۽ خيرات کائون...!“

ڪنهن ٻي ٻار ايترو مس چيو ته ڪنهن مائٽ جا ڪڪڙ کاري جھڙا هٿ ٻارن جي وات پيا.

سوڳ رسم ته ٻه ٽي ڏينهن ٿي، پر پوءِ جڏهن به اوڙي پاڙي ۽ گھٽين مان ٻار ٽهڪ ۽ هوڪرا ڪندا هئا ته مائٽن کان ٿڌا ساهه ۽ اوسارا ڀرجي ويندا هئا، ۽ ڊٿل ديوارن جي ڳڙکين مان پکي ٻوليندا هئا.

”ادا توهان اسان جا آر دين، پار دين، ملهار بسنت ڏٺا؟“ تڏهن مائٽن جا ڇھه ڇڄي پوندا هئا، نياڻين هٿن مان ٻاجھري ڇڄ ۽ ڏڌل کير هارجي پوندا هئا ۽ ويڳاڻا پکي اڱڻ تي لهي ايندا هئا.

پير عبيد راشدي

۲۱ فيبروري ۲۰۲۳ع

No comments:

Post a Comment