هاريا ويڄ مياس
هدايت منگيءَ جو ادبي فن پارو
رئوف عباسي
لکڻ جو
ڪارج اڄ جي دور ۾ ذاتي نمائش کان وڌ ناهي رهيو. هي دور ڪو سعادت حسن منٽو ۽ عصمت چغتائيءَ
جو ناهي رهيو جو ڪو انهن ليکڪن جي لکڻين کي پڙهي، تبصرو يا تبرو ڪري، آخر ۾ کين
ڪورٽ سڳوريءَ ۾ گهلي وٺي وڃي. ادب ۾ مزاحمت جو باب بند ٿيو. باقي لکڻ وارا لکندا
رهندا، پڙهڻ وارا پڙهندا رهندا.
چاچو
هدايت منگي، هڪ روشن ضمير، صحافتي دؤر جو زندهه جاودان ڪردار هو. هو جتي رهيو،
جنهن سان رهيو، مڪمل وابستگيءَ سان رهيو.