Showing posts with label اديبن جا قسم، سڀڪو، پنهنجو، پاڻ سُڃاڻ، امام راشدي،. Show all posts
Showing posts with label اديبن جا قسم، سڀڪو، پنهنجو، پاڻ سُڃاڻ، امام راشدي،. Show all posts

Monday, August 7, 2017

اديبن جا قسم - امام راشدي

اديبن جا قسم
سڀڪو پنهنجو پاڻ سُڃاڻي
امام راشدي
اديب سماج جو خيرخواه ۽ آئيڊيل هوندو آهي. اديب جي اهميت، سياست يا صحافت کان مٿانهين آهي. ڇاڪاڻ ته ادب قومن جي ميراث ۽ سڃاڻپ هوندو آهي. اديب جي اهميت، دنيا ۾ تسليم ٿيل آهي. ادب، قومن جي عُروج ۽ زوال سان گڏ، انقلابي عمل ۾ ڀرپور ڪردار ڪندو رهيو آهي. اديب، سماج کي سُڃاڻپ ڏيندو آهي. هُو امن، محبت ۽ پيار جو پيامبر بڻجي، زندگيءَ ۾ خوشيون ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي.