Tuesday, January 28, 2020

اسڪول انسپيڪشن - آصف ڪلهوڙو


اسڪول انسپيڪشن
مختصر ڪھاڻي
آصف ڪلهوڙو
صُبح ساجهر جيئن ئي اسڪول پُهتس، خُدن پري کان ڊوڙندو پئي آيو. ويجهو پهچي چيائين؛ ”تڪڙ ڪر! صاحب آفيس ۾ گهرايو ٿي.“
مون چيومانس؛ ”خير ته آهي؟ اصل ايف-۱۶ لڳو پيو اچين، ڪر خبر؟“
ها! خبرون خير جون! الئي جي سُڀاڻي ڪا انسپيڪشن آ. سو ان جي وٺ وٺان لڳي پئي آهي.“

بارش کان بارش تائين

بارش کان بارش تائين
ڪتاب تي تبصرو
علي نواز آريسر
ڪهاڻي جو ارتقائي سفر انسان جي پيدائش کان ئي شروع ٿئي ٿو ۽ اهو انسان جي ذهني اوسر سان گڏ ترقي ڪري اڳتي وڌندو رهي ٿو. سنڌ جي مٽي ان لحاظ کان وڌيڪ شاهوڪار آهي، ڇاڪاڻ جو دنيا جي پهرين سڌريل تهذيب جا نشان هن مٽيءَ مان ئي مليا آهن ۽ هتان جو هر ماڻهو پنهنجي اندر ۾ هڪ تخليقڪار آهي. دنيا جڏهن اڃا سوچڻ شروع ئي نه ڪيو هو، ان وقت هتان جي ماڻهن جيڪي داستان گهڙيا هئا، انهن ۾ هنن ڪيترين ئي نين ايجادن جا بنياد رکيا آهن. ان ڪري سنڌ کي ادب جي زمين سمجهندو آهيان.

ضراب حيدر جي ڪهاڻي مجموعي ”حيدرآباد “ جو هڪ اڀياس

ضراب حيدر جي ڪهاڻي مجموعي ”حيدرآباد “ جو هڪ اڀياس
علي عاجز
image-1
منهنجي ڳوٺ ميلو لڳو آهي. يونيورسٽي کان به موڪل آهي. دوست به ڪالون ڪري رهيا آهن.
”جاني ڪٿي آهين.؟“
”اچ يار ميلا نصيبن جا هوندا آهن...!“
”گهمي وڃ!“

آئون ڳوٺ وڃڻ جو سوچي نڪران ٿو. هالا ناڪي وٽان لوڪل بس ۾ چڙهان ٿو.

تمنا نه رھي - صدام حسين ڪولاچي


تمنا نه رھي
مختصر ڪھاڻي
صدام حسين ڪولاچي
هوءَ سوين ماڻهن جي هجوم ۾ به اڪيلي هئي، کيس ڪائنات بي اثر، ٻوڙي، گونگي ۽ معذور ٿَي لڳي، ماڻهن جي اکين تي کوپا نظر آيا، سمنڊ ڪناري ويهي پنهنجا اهنج گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، مون ننڍپڻ کان ئي ٻڌو هو ته؛ پرائي عورت سان ڳالهائيندين ته اُها رد عمل ضرور ڏيندي. پوءِ اهو سٺو ۽ خراب ٻنهي صورتن ۾ ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري مان سمنڊ ڪناري ڪلاڪين اڪيلو ويهي، ڪڏهن ويرن ته ڪڏهن هن حوا-ڄائيءَ کي ڏسندو رهندو هئس. جڏهن هوءَ ڏسي وٺندي هئي ته تڪڙ ۾ منهن ڦيرائي ويهي رهندو هئس ۽ ڪلاڪين وري نه ڏسندو هئس. ائين ڪندي ڪيئي هفتا گذري ويا، شايد! اسان ٻئي هڪ بيماريءَ جا مريض هئاسين. دل گهرندي هئي ته وڃي ڳالهايانس پر پوءِ فيصلو تبديل ڪري ڇڏيندو هئس. نيٺ هڪ ڏينهن دل وڏي ڪئي ۽ وک کڻي ڀر ۾ وڃي ويٺومانس.

Sunday, January 26, 2020

سچي گيھ جي پرک - دريا خان شنباڻي


سچي گيھ جي پرک
طنز و مزاح
دريا خان شنباڻي
Image result for pull stop cock of train
ڪرملي ڪاروبار جي لحاظ سان ڪڏھن ڪڏھن صفا دل هارائي ويهندو آھي. پر سندس زال، هر وقت، هن جا حوصلا بلند ڪندي رهندي آھي. هن ڀيري به سندس زال جي صلاح سان اها ڳالهه طئي ٿي ته؛ ڪرملي ڳوٺان اصل گيهه شھر کڻي وڃي روزگار ڪندو. سو ڪرملي جي زال ويچاري، اوڙي پاڙي مان ڏھ ڪلو کن گيهه وٺي آڻي ڏنس. ڪرملي ريل ذريعي خيرپور مان ڪراچي لاءِ روانو ٿيو.
ڪرملي کي ريل ۾ ئي گراهڪ لڳڻ شروع ٿي ويا. ماڻھن جڏھن کانئس پڇيو ته هن دٻي ۾ ڇا آھي ته ماڻھن کي چيائين هي اصلي گيهه آھي.

Thursday, January 23, 2020

مھمان قدردان - دريا خان شنباڻي


مھمان قدردان
طنز ۽ مزاح
دريا خان شنباڻي
ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجو هڪڙي اوطاق تي وڃڻ ٿيو ته ڏٺم ته هڪ همراهه ٽُڪ واري رلي تي ٻن وهاڻن جي ٽيڪ لڳائي، آئينو ڏسڻ ۽ ڏاڙهي مڇن کي هٿ هڻڻ ۾ مصروف هو. پاسي سان تيل جي شيشي، سرمي داني، پائوڊر جو دٻو ۽ ڦڻي رکيل هئس. سندس ڏاڙھي ۽ مڇون تيل سان تر ھجڻ سبب پري کان ئي چمڪي رهيون هيون. آئون ڀرسان پهتس ته مون تي هڪ نظر وجهي وري آئينو ڏسڻ ۾ مصروف ٿيو. سندس اکيون سرمي سان ايئن ڀريل هيون، ڄڻ هاڻي هاڻي ڪنهن ڪوئلي جي کاڻ مان ڪڍيون هجن ۽ سيني تي پائوڊر ايئن لڳل هو، ڄڻ ڪلراٺي زمين تي ڀاڻ ڇٽيل هجي. مون اسلام عليڪم چيو ته ماليڪم سلام چئي، آئينو پاسي سان رکي، ويٺي ويٺي هٿ ملايائين ۽ ٻي کٽ تي ويھڻ جو اشارو ڪري، وري آئينو کڻي ساڳي ڪرت سان لڳي ويو.

مس-ڪلڪيوليشن


مس-ڪلڪيوليشن
فلئش فڪشن
حڪيم؛ “ڇا ٿيو اٿئي؟”
مريض؛ “پيٽ ۾ سور ۽ برٿي آهي۔”
حڪيم سمجھي ويو ته قبضي اٿس۔
حڪيم؛ “گھر ڪيترو پري اٿئي؟”
مريض؛ “ٻه ڪلوميٽر”
حڪيم ڪلڪوليٽر تي ڪجهه حساب ڪيو ۽ هڪ شيشي مان ڪجهه دوا پيالي ۾ وڌائين.
پوءِ پڇيائينس؛ “سواري اٿئي يا پنڌ آيو آهين؟”
مريض؛ ”پنڌ!“

Tuesday, January 21, 2020

سس ۽ چڱائي - منظور ڪوھيار


سس ۽ چڱائي
مختصر ڪھاڻي
منظور ڪوھيار
Image may contain: indoor
صبوح صبوح سان گُلي ڇيڻا پئي ٿڦيا. ڇيڻا ٿڦيندي سهروبه ڳائي رهي هئي؛ ”ڇيڻا ٿڦيندي مون کي هڏڪي لڳي آ.......هڏڪي لڳي آ، مونکي هڏڪي لڳي آ...“
ٽوڪري کڻي، مٿان اچي لالي بيٺس؛ ”اڙي گلي! ٻين کي چانور چونڊيندي هڏڪي لڳي، تو کي وري ڇيڻا ٿڦيندي؟“
”اڙي لالي، اها باھ لڳي سس آ نه، صبوح مردان سان جھيڙو ڪيو ٿئين. ان ڪري ڪمائڻ لاءِ پرديس ويل وَرَ کي ڇيڻا ٿڦيندي پئي ياد ڪيم.“ گليءَ، آخري ڇيڻو گھر جي ٻاهرين ڀت تي ٿڦيندي، سس جي گلا ڪندي وراڻيو.

وڏي گونھاندي


وڏي گونھاندي
مختصر ڪھاڻي
Image result for Jackal catching a sheep
هڪ رڍ ڌڻ کان الڳ ٿي، جهنگ ۾ گم ٿي وئي. هڪڙي گدڙ جي مٿس نظر پئجي وئي، سو پويان لڳو آيس.
رڍ، گدڙ کي پويان ايندو ڏسي، ساھ بچائڻ خاطر ڀڄڻ لڳي. گدڙ وري، شڪار ھٿان وڃڻ جي انديشي سبب، ڪڍ لڳو آيس.
ڀڄندي ڀڄندي، رڍ گپ ۾ ڦاسي پئي. گدڙ پويان ڀڳو پئي آيو سو به ڀڄندي ڀڄندي، گپ ۾ ڦاسي پيو. ٻئي گپ ۾، جو جاتي سو تاتي، سڪ ٿي ويا.

Monday, January 20, 2020

ٿورو فرق - منظور ڪوھيار


ٿورو فرق
منظور ڪوھيار
ڪنهن پڪي عمر جي همراھ جو گھٽيءَ مان لنگھندي ۽ هيڏانهن هوڏانهن واجھائيندي، ڪيلي جي کل تي پير اچي ويو. چوٽ ڀر ڪريو. رڙ نڪري ويس؛ ”هاءِ جواني!“
”خير آ! جوانيءَ ۾ به ائين هئين. فرق اهو آ؛“ پريان همعصر عورت پئي آئي، تنهن اھي لفظ ٻڌندي چيس؛ ”جوانيءَ ۾ تلڪ چاڙهيءَ تان ترڪندو هئين ۽ هاڻي گھٽيءَ ۾.“

جيون ساٿي - آفتاب حسين راڄپر


جيون ساٿي
آفتاب حسين راڄپر
هڪڙي ڪاليج ۾ هيپي ميريج لائيف تي هڪ ورڪشاپ ٿي رهيو هو. ان ۾ ڪافي پرڻيل جوڙن حصو ورتو، جڏهن پروفيسر اسٽيج تي چڙهي آيو، ته ان نوٽ ڪيو ته سڀئي پرڻيل جوڙا لطيفا ٻڌي کلي رهيا هئا. اهو سڀ ڏسي پروفيسر چيو ته اچو هڪ گيم ٿا کيڏون، ان کانپوءِ موضوع تي ڳالهائينداسين. اهو ٻڌي سڀ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پڇڻ لڳا ڪهڙي گيم آهي؟ پروفيسر هڪ پرڻيل ڇوڪري کي اسٽيج تي بيهاري چيو ته توهان هن بليڪ بورڊ تي پنجويھن کان ٽيھن اهڙن ماڻهن جا نالا لکو جيڪي توهان کي تمام گهڻا پيارا هجن. ڇوڪريءَ پهريان پنهنجي خاندان جا پوءِ رشتيدارن، دوستن، پاڙي وارن جا نالا لکي ٽيھ نالا پورا ڪيا. پروفيسر چيو هاڻي انهن مان پنج نالا اهي ڊاهيو، جيڪي توهان کي گهٽ پسند هجن. ڇوڪري پنهنجي دوستن جا نالا ڊاهي ڇڏيا. پروفيسر وري پنج نالا ڊاهڻ لاءِ چيو، ڇوڪري ڪجهه دير سوچي پاڙي وارن جا نالا ڊاهي ڇڏيا. پروفيسر وري ڏھ نالا ڊاهڻ لاءِ چيو. ڇوڪري پنهنجي گهرڀاتين جا نالا ڊاهي ڇڏيا. آخر ۾ فقط چار نالا بورڊ تي رهجي ويا هئا، جيڪي ماءُ، پيءُ، مڙس ۽ پٽ جا هئا. ان تي پروفيسر ان کي چيو ته انهن مان ٻه نالا ڊاهيو. ڇوڪري ٻڏتر ۾ پئجي وئي. آخرڪار سوچي سوچي ماءُ ۽ پيءُ جا نالا به ڊاهي ڇڏيائين. ويٺل سڀ ماڻهو دنگ رهجي ويا ۽ انتهائي خاموشي ڇانئجي وئي. ڇو ته اها راند نه صرف اها ڇوڪري کيڏي رهي هئي، پر سڀني جي دماغ ۾ اهو سڀ ڪجهه ورجائجي رهيو هو. هاڻي صرف ٻه نالا بورڊ تي رهجي ويا هئا هڪ مڙس ۽ ٻيو پٽ جو، تنهن تي پروفيسر بورڊ ڏانهن اشارو ڪندي کيس چيو ته انهن مان به هڪ نالو ڊاهيو. ڇوڪري جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري وئي، هوءَ سوچ ۾ ٻڏي وئي، ڪافي ڀيرا بورڊ ڏانهن هٿ واپس ڪري آئي. پروفيسر کيس دلاسو ڏيندي چيو ته گهٻرايو نه هي صرف راند آهي. ڇوڪريءَ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ هن پنهنجي پٽ جو نالو ڊاهي ڇڏيو. پروفيسر ڇوڪري کي پنهنجي جاءِ تي ويهڻ لاءِ چيو. ان وقت سڀ ماڻهو ان ڇوڪريءَ کي گهوري ڏسي رهيا هئا. پروفيسر سڀني ڏي ڏسي پڇڻ لڳو توهان مان ڪوئي ٻڌائي سگهي ٿو ته صرف مڙس جو نالو بورڊ تي ڇو رهجي ويو آهي.

Sunday, January 19, 2020

نالائق اولاد کان بي اولاد ڀلو - دودو چانڊيو


نالائق اولاد کان بي اولاد ڀلو
مختصر ڪھاڻي
دودو چانڊيو
وڄوٽو پار ڪري، نئون ڪوٽ قلعي طرف اچي رهيو هئس، ته ڀٽ جي اوٽ ۾ ڪو هٿ لڏندي ڏٺم. ڊسمبر جو ٻيو هفتو هو، ٿر ۾ مينهن ته نه وٺا هئا، پر قهر جا پارا پيا هئا. سوڪهڙي سبب، چنڊ جي روشني، ٿر جي ڀٽن مٿان چاندي! جي چادر وانگي اوڍيل هئي. مون پهرين سوچيو ته؛ ’ڪنهن سڪل اڪ جي ڪا لام لڏي آهي. ههڙي سيءَ ۾ ڀلا آڌي رات جو ھتي ڪير هوندو.‘

فقير جو پِڙُ - ضراب حيدر


فقير جو پِڙُ
(ڪھاڻي)
ضراب حيدر
Image may contain: 4 people
ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري مشهور پساريءَ ولي محمد جو پسارڪو دڪان وکر سميت وڪجي ويو. پساري ولي محمد جي دڪان کَپڻ جو ڏک هڪ ته سندس پوٽي اقرار کي ٿيو، ٻيو وري ٻاليشاهڻ پارو کي ٿيو، جيڪا دُڪان کَپي وڃڻ کانپوءِ به روز صبح جو سوير، جيسيتائين بازار کُلي، دُڪان جي ٿلهي تي اچي ويھي رهندي هئي ۽ ڪنهن گُمان ۾ گُم هوندي هئي.

Thursday, January 16, 2020

ڊاڪٽر ۽ گُلو ڊکڻ - آصف ڪلهوڙو


ڊاڪٽر ۽ گُلو ڊکڻ
آصف ڪلهوڙو
ڳالهه ڪبي، گُلو ڊکڻ پورو نالو جيڪو به شايد اڌورو آهي معنٰي ”گُلڻ“، هڪ بهترين ”ڊکڻ“. عمر جو ڳچ ۽ ڳپل (بلڪ ساري ڄمار) ڊکاڻڪو ڪم ڪندو رهيو آهي.
اوڙو پاڙي وارن جي ڀڳل هر تاڪ کي جوڙيندڙ هي شخص، هڪ ڏينهن بيمار ٿي پيو.
پاڙي واري ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي وڃي رسيو.
ڊاڪٽر پنهنجي رسمي تپاس کانپوءِ دوا لکي ڏنس ۽ چيائينس؛ ”گُلو! ڏيڍ سؤ روپيا فيس جا ڪمپائونڊر کي ڏنيو وڃجانءِ!!!“

Wednesday, January 15, 2020

انفيرئرٽي ڪامپليڪس- طارق قريشي


انفيرئرٽي ڪامپليڪس
زوجياتي ادب
طارق قريشي
پوليس انسپيڪٽر: “ڪريڊٽ ڪارڊ چوري ٿئي ڏيڍ مهينو ٿي ويو ۽ اوهان رپورٽ هاڻي لکرائڻ آيا آهيو؟”
ميان بدرالدين: “توهان کي ته خبر آهي ته ڪريڊٽ ڪارڊ استعمال ٿيندو آهي ته ايس ايم ايس الرٽ ايندو آهي. مون کي خبر پوندي هئي ته چور منهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ مان ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ يا هفتي اٺن ڏينهن ۾ هڪ اڌ ڀيرو، پنج ڇهه سو يا وري هزار ڏيڍ کن جي شاپنگ ڪري ٿو، سوچيم ته چور ايترو نقصان ڪو نه ٿو ڪري جيترو منهنجي زال مسمات قمرالنساءِ ڪندي آهي، تنهن ڪري مون ڪريڊٽ ڪارڊ گم ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪو نه ڪرائي. منهنجي دل ٻولي پئي ته منهنجو ڪريڊٽ ڪارڊ، ھڪ چور وٽ وڌيڪ محفوظ آهي ڇو ته هو جيڪو به آهي، بھرحال هڪ ڪفايت شعار چور آهي ۽ هڪ دردمند دل جو مالڪ آهي، هن جي اندر ۾ شرافت موجود آهي. منهنجو ڪريڊٽ ڪارڊ جيڪڏهن چور وٽ آهي ته معنيٰ منهنجي زال جي شر کان محفوظ آهي.”

Tuesday, January 14, 2020

ويلڻ ۽ پيار - معراج خالد نظاماڻي


ويلڻ ۽ پيار
طنز و مزاح
معراج خالد نظاماڻي
ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ عورت ستين شادي ڪئي ته ڪنهن همراهه وڃي پڇيس ته؛ ”مائي ڏي خبر! ايتريون شاديون ڪيون اٿئي. پويان مڙس مري ويا اٿئي يا طلاقون ورتئي؟“
عورت چيو؛ ”پهريون مڙس ته زهر کائي مري ويو.“
پوءِ ٻيو مڙس؟؛ همراهه پڇيو
اهو به زهر کائي مري ويو.“ هن جواب ڏنو۔
”۽ ٽيون ته يقينن قدرتي موت ئي مئو هوندو؟“ همراهه پڇيو.
ان به زهر کاڌو.“ مائيءَ وراڻيو.

Sunday, January 12, 2020

سيلف انجري - ميان گل محمد ڪلھوڙو


سيلف انجري
ڪھاڻي
ميان گل محمد ڪلھوڙو
”ھم ڪراچي ايئرپورٽ پر ٽيڪ آف ڪر چڪي هين، اس وقت پاڪستان ۾ دس بج ڪر ڇياليس منٽ هوئي هين، اور ڪراچي ڪا درجه حرارت اٺاره سينٽي گريڊ هي.” جهاز ۾ انائونسمينٽ ختم ٿي.

Sunday, January 5, 2020

محبت خاطر - حسيب ناياب منگي


محبت خاطر
مختصر ڪھاڻي
حسيب ناياب منگي
پيار جي اقرار کانپوءِ هن جيڪي مون سان قول ڪيا سي قبوليت جي اوسيئڙي ۾ جوان ٿي مري ويا. مون اقرار کانپوءِ پنهنجا قدم روڪيندي کيس گهڻو ئي سمجهايو هو ته؛ ”اسان جهوپڙيءَ ۾ رهڻ وارن کي، سماج ۾ رهندڙ توهان جهڙن اميرن وارو طبقو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو ۽ هميشه جيان اسان توهان کان ڌار ئي رهيا آهيون ۽ رهنداسين. ريتن رسمن جي آڙ اسان کي هڪ ٿيڻ ڪو نه ڏيندي.“

Saturday, January 4, 2020

سُڪل ٻوٿ ۽ سڻڀي ڪريم


سُڪل ٻوٿ ۽ سڻڀي ڪريم
سال ۲۰۱۹ع جي آخري مزاحيه ڪھاڻي، جيڪا هرگز نه پڙهجو!
جبار آزاد منگي
سياري جي مند ڇا آئي! مون واري ٻوٿاڙي جو نقشو ئي مٽجي ويو. آئيني ۾ جو ڏسان ته عزتِ ماب محترم ٻوٿ، سُڪل پاٺي جهڙو لڳو پيو آهي. هاڻي ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته منهنجي ٻارن جي ماءُ مون کي ڇو ڪو نه سڃاتو!؟
محسوس ڪيم ته هن بي سُري ٻوٿ کي، سڻڀي ڪريم جي ضرورت آهي. سو پنهنجي دلي دوست ۽ جنرل اسٽور جي مالڪ، شڪور ڀائيءَ جي دڪان تي بنا ڪنهن دير پهچي، سڻڀي ڪريم جي تقاضا ڪئي. شڪور ڀائي مارڪيٽ ۾ نئين آيل لوشن جي تعريف ڪندي، اهو خريد ڪرڻ جي صلاح ڏني.