Sunday, January 19, 2020

فقير جو پِڙُ - ضراب حيدر


فقير جو پِڙُ
(ڪھاڻي)
ضراب حيدر
Image may contain: 4 people
ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري مشهور پساريءَ ولي محمد جو پسارڪو دڪان وکر سميت وڪجي ويو. پساري ولي محمد جي دڪان کَپڻ جو ڏک هڪ ته سندس پوٽي اقرار کي ٿيو، ٻيو وري ٻاليشاهڻ پارو کي ٿيو، جيڪا دُڪان کَپي وڃڻ کانپوءِ به روز صبح جو سوير، جيسيتائين بازار کُلي، دُڪان جي ٿلهي تي اچي ويھي رهندي هئي ۽ ڪنهن گُمان ۾ گُم هوندي هئي.


سَتر ورهين جي پارو اڃا به ساڳي ڪاٽن ۽ ململ جي ساڙهي پائيندي هئي، جنهن جو بلائوز پنهنجا سمورا رنگ وڃائي چڪو هئو. ڪو زمانو هئو، جڏهن شاهي بازار ۾ ٻُھاري ڏيندي ۽ جُهڪندي هئي ته سندس مختصر ململي بلائوز، بلا جون ادائون لڳندو هو، جنهن مان نسري آيل پگھر سموري بازار ۾ مشڪ جيان مِھڪي پوندو هو. هوءَ جڏهن صبح جو سوير شاهي بازار ۾ ٻُھاري ڏيندي هئي ته ايئن لڳندو هئو، ڄڻ سندس جسم پنهنجي مُنهن ڪو غزل چوندو هجي، ڪا شاعري ڪندو هجي.
مولوي اميرالدين، پارو ٻاليشاهِڻ تي هِرکندو رهندو هو. اميرالدين ورهاڱي دوران هندستان کان هجرت ڪري آيو هو ۽ شاهي بازار ۾ هڪڙي مسجد جو پيش امام بڻيو هو. جيتوڻيڪ هو ڪو مذهبي ماڻهو ڪو نه هو، بس ورهاڱي ۾ هندستاني رياست اُترپرديش کان سفر دوران سندس ٻُچي ڏاڙهي وڌي وئي هئي، جنهن جو فائدو وٺندي هڪ ته مسجد جو پيش امام ٿي ويو، ٻيو ڪوڙي دعويٰ داخل ڪري، فقير جي پڙَ ۾ چڱو خاصو گھر هٿ ڪري ورتائين، جنهن جا پورشن ٺاهي، مسواڙ تي ڏئي، ماهوار آمدني ڪمائيندو هئو.
مولوي اميرالدين فجر نماز پڙهائي، جڏهن شاهي بازار مان پنهنجي گھر ايندو هئو ته رستي تي روزانو کيس پارو ٻُھاري ڏيندي ملندي هئي. مولوي اميرالدين ٻُھاري ڏيندڙ پارو جي غزل چوَندڙ جسم جا سمورا مصرع، جن ۾ خاص طور مطلع ۽ مقطع ته ٽيڏيءَ اک سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هئو، جنهن ڪري سندس رَڍَ واري ڀيڏ جَهرڪي پوندي هئي. جَهرڪڻ يا جَهرڻ واريءَ ان حالت ۾ مولوي اميرالدين جو ڪيٽيءَ وارو سفيد پاجامو ٿورو ٿورو پسي آلو ٿي ويندو هئو. جنهنڪري مجبورن ظهر نماز لاءِ کيس ٻيھر غسل ڪري، پاجامو بدلائي اچڻو پوندو هئو.
مولوي اميرالدين کي زال ڪو نه هئي. شايد يوپيءَ ۾ ئي مارائي يا وڃائي آيو هئو. بس هڪڙي نوجوان ڌيءَ هئس، جنهن جو نالو ’سَليما‘ هو. سليما گھر ۾ سِلائي ڪڙهائيءَ جو ڪم ڪرڻ سان گڏ ڪجھه ٻارن کي سيپارو پڙهائڻ شروع ڪيو. سليما جا نقش ۽ مُھانڊا پڪا هندستاني هئا، جن تي ڄڻ مدراسي پاڻي ڪجھه سَرسُ چڙهيل هجي، مطلب هوءَ آفيمي ۽ ڪاري رنگ جِھڙي مُشڪڻ هئي. ڊگھو ڊگھو افلاطوني نڪ ۽ اُڀريل ڳلن تي ڪارو هَسو، چڱن ڀلن کي موهي رکندو هئو. ويتر ’تير نيم ڪَش‘ جِھڙي ڇِليھندڙ ۽ چُڀندڙَ نِھارَ ماڻهوءَ کي صفا ڦٿڪائي رکندي هئي. سليما جا چاهيندڙ گهڻو ڪري فقير جي پڙَ واري چاڙهيءَ تي ڪنڊَ پاسا ورتيون، چکيا چڙهڻَ لاءِ سدائين رضامند بيٺا هوندا هئا، جڏهن هوءَ گھر جو سودو سڙهو يا وري سِلائيءَ لاءِ بٽڻ، سئي ڌاڳو وٺڻ نڪرندي هئي.
ورهاڱي جي ٽيھن ورهين کانپوءَ به سليما ڪنواري هئي، هن پرڻو ڪو نه ڪيو هو. شايد لکئي ۾ ئي نه هئس. ورهاڱي کانپوءِ لڏي آيل اڪثر رهواسين جيئن سرفراز خان ڪلهوڙي کي ’بابا سرفراز پير‘ بڻائي ڇڏيو هو ۽ مٿس عرس قواليون ڪرڻ لڳا ۽ ميان سرفراز ڪلھوڙي جي درگاهه تان دعا ڦيڻو يا ڌاڳو تعويذ وٺندا به هئا، ايئن ڪجھه وقت کانپوءِ اوڙي پاڙي جا ڪيئي گھر ۽ خاندان به اهڙا به هئا، جِن جون عورتون سليما کان به ڌاڳو ڦيڻو ۽ تعويذ ڪرائڻ لڳا ۽ سليما کي بيبي سَتي جَتي سمجهڻ لڳيون.
ڌَنون ورهاڱي جي شروعاتي ڏينهَن ۾ پيو لوگهن وانگي رُلندو وتندو هئو، کيس سدائين روڏِ ٿيل هوندي هئي، اڃا لِيک جيترا وار ڦُٽندا مَسَ هئس ته ڪنهن نه ڪنهن حجم جي بئنچ تي ٽپ ڏئي ويهي رهندو هئو ۽ سامهون رکيل پاڪي کڻي حجم کي ڏيندو هئو ته مٿي تي هلاءِ. حجم سندس روڏِ ڪري، اُجرت جي بدلي ۾ هڪڙو ٽھڪ ۽ ٺونگو سندس روڏِ تي هڻي ڇڏيندا هئا. ڌنون جي روڏِ تي سدائين آلي مٽيءَ جو ليپ يا وري سندور جو ليڪو نڪتل هوندو هئو. ڪڏهن جي ڪنهن مندر مان سندور نه ملندو هوس ته هو ڪنهن اسڪول ۾ گِهڙي ويندو هئو ۽ ڪلاس ۾ پيل بورڊ تي لِکڻ وارو چاڪ کڻي ٽِڪڻ تي اڇو ليڪو پائي ڇڏيندو هئو. شاهي بازار توڙي فقير جي پِڙَ جا ماڻهو کيس ’چرياڻ‘ ڪوٺيندا هئا. هو سمجھندا هئا، ڌنون درويش آهي. ڪِن ماڻهن جو خيال هو ته ڌنونءَ جي ننڍپڻ ۾ ڪنهن بيماريءَ سبب ڪلَ ٿڙيل آهي، سو پنهنجي وَسَ ۾ ڪونهي، بس ايترو وس سو ضرور اٿس ته ڪپڙا نه ٿو لاهي گُهمي، باقي ٻيو مڙئي خير آهي.
ڌنونءَ کي جيڪو به ماڻهو ڪا شيءِ ڏيندو هئو ته هو کائي ڇڏيندو هئو. ڌنون گھڻو ڪري رات جو فقير جي پِڙَ ۾ يا وري بازار جي ڪنهن دڪان جي ٿلهي تي سُمھندو هئو، جڏهن کان هڪ رول ڪُتي ننڊ سُتل ڌنون جو مُنهن چَٽيو هو تڏهن کان ڌنون، کدڙا گلي ۾ وڃي سمهڻ شروع ڪيو هئو. جتان کدڙن واري مڙهيءَ مان بيني کدڙي کيس وٺي وڃي مڙهيءَ ۾ رهائڻ شروع ڪيو هو. مڙهيءَ جا کدڙا کيس الله لوڪ سمجھي ڏاڍو ڀانئيندا هئا ۽ کيس جام کارائيندا پيئاريندا هئا. سمهڻ مَھل مڙهيءَ جو سردار بينو، جنھن کي سڀ کدڙا گُرو سڏيندا ھئا، کيس پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي پاڻ سان گڏ سمهاريندو هو، جنھنڪري سردار کدڙي جي ڪوٺيءَ مان چِنگهڻ جا آواز پيا ايندا هئا. جن مان هڪڙو عجيب سُرور ۽ مزو چغلي کائيندي محسوس ٿيندو هئو. پر مجال آهي مڙهيءَ جي ٻين کدڙن جي، جو اُهو آواز ڪن ڏئي ٻُڌن به، جيڪڏھن اُهو آواز سندن ڪنن تي پوندو به هو ته ڄڻ ٻوڙا ٿي ويندا هئا.
مولوي اميرالدين فجر ۽ اشراق جي نمازن کانپوءِ، بازار مان گُهمندو ڦرندو سج چڙهئي گهر ايندو هو ۽ وهنجڻ مهل پاجامو بالٽيءَ ۾ پسائي ڇڏيندو هئو. شروع شروع ۾ ته سليما ڪين ڪڇيو، نيٺ هفتي ڏهن ڏينهن کانپوءِ به اِها حالت ڏٺائين ته مولوي اميرالدين کان پڇيائين:
”ابا! ڪاهوئا، روجانه پجامه ڀگو ديئو، ڪا مشئلا هي..!!؟؟“ پهرين ته مولوي اميرالدين کِکو وَکو ٿيو، پر پوءِ ڳيتَ ڏئي، نڙي آلي ڪندي چيائين:
”لگت هي بُڍا هوگيو، مارو پيشاب قطرا قطرا ٽپڪ جاوي، ڪا ڪرون بيٽيا...“ اُن لمحي سليما چنچلتا وچان کِلندي چيو:
”ابا! تُو، تو ڪَھَت هي مين دوجي شادي ڪرون، اب ڪَھَت هي بڍو هوگيو..“ مولوي اميرالدين وڌيڪ ڪُڇڻ ۽ چوڻ بدران آهستي آهستي ظهر جي نماز لاءِ نڪري ويو ۽ سليما پاجامو ڌوئيندي ڀڻڪندي چوندي رهي:
”اَبا! تو جهوٽ بولت هي، پاجاما ڪي پيندي ڪو تو لگت هي ڪه گوند چِپِڪ گئي هي...“ جڏهن مولوي اميرالدين ظهر نماز پڙهائي موٽندو هئو ته منجهند جي ماني ڏيڻ مَھل سليما کيس صلاح ڏيندي هئي ته پيشابَ جا ٽيپا نڪِرڻ جو علاج ڪرائي، ٻيو نه ته پساري ولي محمد وٽ هليو وڃي، اُهو ئي کيس ڪا پُڙي يا ڦَڪِي ڏيندو ته ٺيڪ ٿي ويندو، جو پساري ولي محمد وڏو هوشيار آهي، حڪيمن طبيبن کان وڌيڪ ڄاڻو آهي.
پساري ولي محمد جو دين دنيا ۾ هڪڙو ئي پٽ هئو، جيڪو ورهاڱي کان اڳ سرڪاري ملازم هئو، پر ورهاڱي کانپوءِ به سرڪاري نوڪر رهيو. پساري ولي محمد پٽ کي وڏا وس ڪيا ته ڇورو دُڪان تي ويهي، پنهنجو واپار ڪري. پر پٽنهس اِسرار ٻه درجا ڇا پڙهيو هئو، پاڻَ کي انگريز ۽ آفيسر سمجھندو هو. ولي محمد پساري کيس سمجھائيندو هئو ته ’نوڪري پرائي ٽوڪري ۽ غلامي آهي، ٻيو ته زندگي گذارڻ لاءِ رڳو انگريزي ئي ڪم ڪو نه ايندي. ڪٿي ديسي ته ڪٿي سنڌي به ٿيڻو پوندو.‘ پساري ولي محمد کي ورهاڱي کانپوءِ جيڪو وڏو ارمان هئو، سو اِهو هو ته سندس کاٻي، توڙي ساڄي ۽ سامهون وارا سمورا دُڪان قبضو ٿي ويا، جنهنڪري شاهي بازار جو ديسي رنگ صفا ڦري ويو. انگريزن جي ٽائيم ۾ به شاهي بازار ايڏي اوپري نه لڳندي هئي، جيتري ورهاڱي کانپوءِ محسوس ٿيڻ لڳي. اُن کان به وڌيڪ کيس اِهو صدمو هئو ته واپار ۽ ڪاروبار مان ايمان ۽ ايمانداري موڪلائي وئي، سمورو ڌَنڌو حرفت ۽ چالاڪيءَ جي نذر ٿي ويو، جنهن ڪري وکر جي خاصيت ۽ اصليت صفا ڌڪجي پئي.
پساري ولي محمد جو هڪ ئي پوٽو هئو، جيڪو اسڪول يا ڪاليج کان موٽڻ مهل، منجهند جي ماني ٻڌي وٽس دُڪان تي کڻي ايندو هئو ۽ جيستائين سندس ڏاڏو ولي محمد پساري ماني کائيندو هئو، تيستائين سندس پوٽو اقرار ويٺو گراهڪن توڙي بازار ۾ اچ وڃ جو واءُ سواءُ وٺندو هئو. هڪ ڀيري جڏهن اقرار ڏاڏي جي ماني کڻي پهتو ته سندس دون ڏسندي ئي ڏاڏنهس چيو هئو:
”ڇوڪرا! لڳي ٿو ته دون سان گڏ تنهنجو ميڄالو به ناچاق آهي.“ جنهن تي اقرار کيس چيو هو ته کيس مٿي ۾ سور آهي. اُن ئي لمحي پساري ولي محمد ٻن مختلف برنين مان ڪجھه سڪل پن کڻي، پاڻيءَ جي هڪ گلاس ۾ مِھٽي، پاڻي کيس پيئڻ لاءِ ڏنو هئو، اِقرار کي ڪجھه ئي پلن ۾ قرار اچي ويو هئو، اُن ڏينهن کيس پڪ ٿي وئي هئي ته سندس ڏاڏو پساري ولي محمد مَھا طبيب آهي. هو ساڻس جيڪي به ڳالهيون ڪندو آهي، سي حوال نه، پر حقيقت هونديون آهن.
پساري ولي محمد، اِقرار کي چوندو هئو ته: ”اَبا! پڻهين ته صفا انگريز لڳو وتي، تون ئي ڪي گُر مون کان سِکي وٺ، هروڀرو ڪنهن ويڄ طبيب ڏانهن وڃڻو نه پوندءِ..“ جنهن کانپوءِ پساري ولي محمد پنهنجي ويهڻ واري دخل ڀرسان رکيل هڪڙي ننڍڙي الماريءَ ڏانهن اشارو ڪندي کيس چوندو هئو:
”منهنجي مرڻ کانپوءِ هي ڊائريون ۽ بنديون تون سنڀالجانءِ، وڏي ڪمَ جون اٿئي!“ پساري ولي محمد جو دڪان جڏهن وکر سميت وڪيو هو ته سندس پوٽي اقرار صرف اُهي ڊائريون ۽ بنديون ئي کڻي آڻي گھر رکيون هيون، جن کي ڪڏهن ڪڏهن ڇنڊيندي ڦوڪيندي پڙهي وٺندو هئو.
ولي محمد پساريءَ جي دڪان تي شهر ۽ پسگردائيءَ وارن ڳوٺن جا به ڪافي گِراهڪ ايندا هئا، جن ۾ مرد توڙي عورتون شامل هونديون هُيون. هڪڙي ڀيري اقرار جڏهن منجھند جي ماني کڻي وٽس ويو ته اُن وقت سندس ڏاڏو ولي محمد هڪ ڪراڙي زائفان جي سودي جو حساب ڪري رهيو هو، اُها زائفان جيڪا شايد سندس پراڻي گراهڪ هئي، سا کيس ٻڌائي رهي هئي ته هفتو کن اڳ ڪرڙ کي ڳوٺ وارن ڪارو ڪري ماري ڇڏيو. اُن وقت پساري ولي محمد کان دانهن نِڪري وئي هئي ۽ ڪراڙي زائفان کي چيو هئائين:
”مائي! خير گُهر، اِهو ڇا پئي چوين؟ ڪرڙَ جي هاڻي اِها ڪا وهي هئي، جو پرائو لوڙهو لَتاڙي، يا ڪارو ٿئي.!!“ پوڙهيءَ زائفان اُن لمحي اکين تي آڱريون رکندي قسم کڻندي چيو هو:
”الله جو سُنھن، ڪرڙ رڳو لوڙهو ئي نه لتاڙيو هو، پر صفا ليڪو به لتاڙي ويو هئو، پنهنجي نياڻين جيڏي نينگر سان کَريل هو.“ اُن لمحي پساري ولي محمد کي ڪجھه ئي ڏينهن اڳ جي ڳالهه ياد پئي هئي، جڏهن پوڙهو ڪرڙ خان وٽس ڦَڪي وٺڻ آيو هئو، پساري ولي محمد کيس ڦَڪي ته ڏني هئي، پر چيو هئائينس ته:
”ڪرِڙَ هيءَ آخري ڦَڪي اٿئي، بس وڌيڪ جيڪڏهن هاڻي ڦَڪي ورتئه ته پوءِ گوڏا صفا چٽ ٿي ويندءِ. سو ٻيلي هاڻي ويهي الله الله ڪر ۽ ڇڏ ويچاري مڙهي مائيءَ جي به پچر..“ جنهن تي ڪرڙ هڪڙو وڏو ٽِھڪ ڏيندي چيو هئس:
”ميان سيٺ ولي محمد! مائي هجي ها ته ڪو ويهي هن عمر ۾ ڦڪيون وٺان ها ڇا توکان، اُها مرحيات ته ڪي ورهيه ٿيا، جو وڃي قبر ڀيڙي ٿي، هي ته مڙئي شوق شغل ڪڏهن ڪڏهن ڪندو آهيان، ڇا ڪريان! مرد آهيان نه، سو پنهنجيءَ عادت کان ڪٿي ٿو مُڙان..!!“
جنهن تي پساري ولي محمد چيو هو؛ ”مرد مرڻ ڪنڌيءَ هوندو، تڏهن به پنهنجيءَ عادت کان نه ويندو، پوءِ ڀل ته نانگ به نوڙي ٿي ويو ھجيس..!!“
ڪرڙ وڏو ٽِھڪ ڏيندي، هڪڙو ٿڌو ساهه کڻندي چيو هو:
”هئه هئه سيٺ! اُهي به ڪي زمانا هئا، جڏهن مُٽبو هو ته ڊپ پيو ٿيندو هو ته ڪٿي ڌارَ اچي دُونَ ۾ نه لڳي ۽ هاڻي مُٽون ٿا ته ڊپ پيو ٿيندو آهي ته ڪٿي ٻَچي نه پُسي وڃي. اِهي ته سيٺ تو واريون ڦڪيون آهن، جو ڦوڪيا ۽ ڦنڊيا وَتون، نه ته باقي مڙوئي خير اٿئي..!!“
عورت وکر وٺي جڏهن رواني ٿي ته اقرار ڏاڏي کان پڇيو: ”ڏاڏا سائين! اِهي لوڙها لتاڙڻ ڇا هوندا آهن..؟“
”ابا! لوڙها لتاڙڻ بي حيائي ۽ بڇڙائي آهي ٻيو ڇا!؟ ايئن سمجهه ته هڪ بيماري آهي، جيڪا ماڻهن جي خصلتن کي کائي خلاص ڪندي آهي..!!“
”ڏاڏا! اِها بِيماري ڇو ٿيندي آهي؟“
”ڇوڪرا! بيماري ڪهڙي به هجي، يا ته بک کان ٿيندي آهي، يا وري ڪمزوريءَ کان ٿيندي آهي، جيئن بُک جو ٽول سياڻن کي ديوانو ۽ پاڳل ڪندو آهي، ايئن ئي ڪمزوريءَ جو هول، نسل کاري ڇڏيندو آهي.“
ڏاڏي جي گُذاري وڃڻ کانپوءِ اقرار پنهنجي ڏاڏي جي لکيل هڪڙي بنديءَ ۾ پڙهيو هو ته:
”نسلي ماڻهو بک ۾ ديوانو ناهي ٿيندو، نه وري ڪمزور ٿيندو آهي. بُڇڙائي ته اُن ماڻهوءَ جو پاسو وٺندي آهي، جنهن جي نسل ۾ ڦير هجي، يا وري اوپري صحبت جو واءُ لڳو هجيس..!!“
اقرار کي ڏاڏي جون اُهي ڳالهيون اُن وقت سمجھه ۾ نه آيون هيون.
پارو ٻاليشاهڻ روزانو سلاوٽن جي پاڙي جي ڀڪَ ۾، خوجن جي جماعت خاني پٺيان واري مندر ويندي هئي. پارو ڀڳوان کي پَرنام ڪري، اُتان تِلڪ پنهنجيءَ پيشانيءَ تي لڳائي، جڏهن واپس مندر کان نڪرندي هئي ته واپسيءَ واري لنگهه تي پنڊت ڪَرتُولال پرشاد ورهائڻ لاءِ بيٺل هوندو هئو. پنڊت ڪَرتُولال کان هوءَ جڏهن جُهڪي پَرنام ڪندي پرشاد وٺندي هئي ته ڪَرتوءَ جون نظرون تِرڪي سندس بلائوز تي پونديون هيون، کيس محسوس ٿيندو هو ته ڪَرتوءَ جون نگاهون سدائين سندس بلائوز کان اندر تائين لهي وينديون آهن، جنهن ڪري هوءَ مندر ۾ هوندي به پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ ۽ اگهاڙو ڀانئيندي هئي. اُهو عُريانيءَ جو ساڳيو احساس کيس تڏهن به ٿيندو هو، جڏهن مولوي اميرالدين کيس تڪيندو، بازار مان لنگهندو هئو. هوءَ سوچيندي هئي ته ڀڳوان جي گهر ۾ ويٺل ڪرتوءَ جي اکين ۾ راوڻ ۽ الله جي گهر مان نماز پڙهي نڪرندڙ مولوي امير جي اکين ۾ شيطان ئي ڇو نظر ايندو آهي.
پارو مندر ۾ پرارٿنا ڪري، پساري ولي محمد وٽ دوا لاءِ ايندي هئي. اِن لاءِ جو پارو جو مڙس واسديوَ شروع کان ماکيءَ جي ماناري وانگي ڄميل رهيو هئو، نه ميڻ ٿي ڪا جوت جلائي هُيائين، نه وري ڪو ريج ٿي رِجيو هو. پارو ويچاري، واسديوَ جي ماناري کي رِجائڻ يا وري منجهس ڪا جوت جلائڻ لاءِ ڪڏهن مندر ته ڪڏهن وري ولي محمد پساريءَ وٽ ايندي هئي. پارو ٻاليشاهڻ ولي محمد پساريءَ وٽ هونئن ته روز ايندي هئي، ساڻس سلام دعا ڪندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ٻه پل ويهي ڪچهري به ڪري وٺندي هئي، پر مجال آهي جو ولي محمد پساريءَ کيس بد نگاهه سان ڏٺو به هجي.! ها! پر پارو جي اچڻ شرط سندس اکين ۾ نِھاري ولي محمد کي پتو پئجي ويندو هو ته هوءَ سلام دعا يا ڪچهريءَ لاءِ آئي آهي يا وري واسديو جي ڦڪيءَ لاءِ! جڏهن نِھار مان هو سمجھي ويندو هئو ته پارو ڦڪيءَ لاءِ آئي آهي ته ولي محمد دڪان جي پٺئين پاسي واري گدامَ واري ڪوٺيءَ ۾ هليو ويندو هئو ۽ هڪ ڦڪي ٺاهي آڻي پارو کي ڏيندو هئو. پارو ڦڪي وٺندي، هلڪي آواز ۾ چوندي هئي:
”پُڙي ته واسديو کي کارائيندي اچان، پر واسديو اُهو ئي ساڳيو ٻُڙي آهي، پل جي جوت ٿئي ٿي، پر وري اُتي جو اُتي وساميو وڃي.“
پارو ته ڳالهه ڪري هلي ويندي هئي، پر ولي محمد پساري هلڪو مُرڪي ڀُڻڪندي چوندو هئو:
”تون به چري آهين پارو، جيڪو ڄائي ڄمَ کان ٻُڙي هجي، سو ڪيڏا به حيلا ڇو نه ڪجن، ڦڙي وري ڪٿان ٿيندو! پارو تون مائي ڀلي آهين سو تو کي نااُميد نه ٿو ڪريان، نه وري تنھنجي دل ٿو ٽوڙيان، باقي تو وارو واسديوَ ڪڏهن به جوت نه جلائيندو.“
ڌنون روزانو رُلندي پِنندي اڪثر صبح جو مولوي اميرالدين جي گهر ايندو هئو، جيستائين مولوي سج چڙهي بازار مان گهمندو ڦرندو گهر پھچي تيستائين سليما ڌنونءِ کي چانهه سان ڦُلڪو کارائي روانو ڪري ڇڏيندي هئي. ڌنون جيڪو ٻاراڻي وَهيءَ مان ڇوڪراٽ اچي ٿيو هو سو کيس ڪا به جهل پل نه هئي. هو اڪثر گهرن ۾ ماني چانهه لاءِ گِهڙي ايندو هئو. عورتون کيس درويش سمجهي ماني يا ڪا شيءِ کائڻ لاءِ ڏينديون هُيون ۽ سمجهنديون هُيون ته ڌنونءَ جي اچڻ سان سندن ڀاڳ وريو آهي، جو ڌنون الله لوڪ آهي.
اُن زماني ۾ پارو اوچتو ڪجهه وقت لاءِ گُم ٿي وئي ۽ پساري ولي محمد وٽ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنائين. ڪو سال سوا کانپوءِ ظاهر ٿي ته سندس جهوليءَ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻار هو. پساري ولي محمد کيس ڏٺو ۽ تعجب وچان چيائين:
”ڪٿي گم هئينءَ پارو، ڦڪي پُڙيءَ لاءِ به نه آئينءَ..؟؟“
”ها سيٺ، بس! ڦڪي پُڙيءَ جي ضرورت ئي نه پئي، تنهنڪري..!“
”ڇو، پُڙيءَ جي ضرورت ئي نه پئي، آسرو پلي ڇڏيئه ڇا واسديوَ مان..!“
هوءَ ٿورو اُداس ٿي وئي؛ ”ها سيٺ، واسديو ئي نه رهيو ته آسرو پلڻو پيم نه...!!“
ولي محمد کان ڄڻ ڇِرڪ نڪري ويو.
”اِهو ڇا پئي چوين پارو..!!“
”سيٺ! سچ پئي چوان، واسديو کي مٿان اچي سال ٿيو آهي، پرلوڪ پڌاري ويو..!!“
ٿوري دير سوچڻ کانپوءِ پساري ولي محمد وري کيس چيو:
”هي ٻار ڪنهن جو آهي ؟“
پارو ٿورو مُرڪندي ٻار کي نِھاريو ۽ چيائين: ”منهنجو ٻچڙو آهي، ٻيو وري ڪنهن جو هوندو..!؟“
”تنهنجو، مطلب تنهنجو..!“
”هائو هائو سيٺ! منهنجو پيٽَ ڄائو، ٻيو ڇا؟“
”چئبو ته واسديو کانپوءِ ٻيو پرڻو ڪيو اٿئي..!“
”هئه هئه سيٺ! اِهو ڇا پيو چوين! اسان وٽ ڪو ٻي پَرڻي جو رواج آهي ڇا؟“
”پوءِ تنهنجو پيٽ ڄائو ٻار وري ڪٿان ٿيو؟“
”واسديو مان ٿيو، ٻيو وري ڪٿان ٿيندو؟“
پساري ولي محمد کن ساهيءَ لاءِ خاموش ٿي ويو. پارو جي مُنھن ۾ چتائي ڏٺائين، شايد گهڻو ڪجھه پڙهي ورتائين. پر پارو جو ڀرم رکڻ لاءِ چيائين:
”چئبو ته واسديو ويندي ويندي جوت جلائي ويو..!“
پارو نظرون چورائيندي چيو:
”هائو سيٺ! جوت به جهڙي تهڙي، بس! ڳالهه ئي نه پڇ، تو وارين پُڙين صفا پوريون ڪري ڇڏيون.“ پارو مرڪندي، دڪان تان هيٺ لهندي چيو: ”چڱو سيٺ، هلان ٿي...“
پارو دڪان تان لهي هلي وئي، پساري ولي محمد مُرڪندي، ڀڻڪندي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو:
”پارو! ڪنهن سان پئي ڪوڙ ڳالهائين، مون ته ڪو وقت ٿيو، جو تو کي اُهي پُڙيون ڏيڻ ئي ڇڏي ڏنيون هيون. جنهن ڏيئي ۾ وٽ ئي نه هجي، اُن ۾ تيل وجھڻ جو ڇا فائدو، مڙئي تنهنجي دل رکڻ لاءِ ڪوڙيون سوڙيون پيو پُڙيون ڏيندو هوس، تڏهن ته تو کان پئسه به ڪو نه وٺندو هوس..!!“
پساري ولي محمد هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ وري دل ئي دل ۾ چيائين:
”پارو، ڪوڙيون پُڙيون ڏئي نه مون ڪو پاپ ڪيو، نه وري ڪنهن ٻئي جو ٻار ڄڻڻ، تو تي ڪو پاپ آهي، تنهنجي جهوليءَ چنڊ جهليو، ڪم ڀلو ٿيو.“
پساري ولي محمد جو دڪان وڪجي وڃڻ کانپوءِ اقرار جڏهن به شاهي بازار مان صبح جو سوير کير وٺڻ لاءِ گذرندو هو ته پوڙهي پارو دڪان جي ٿلهي تي اُداس ۽ وياڪل ويٺل هوندي هئي. اقرار ننڍي هوندي جڏهن ڏاڏي لاءِ منجهند جي ماني دڪان تي کڻي ايندو هو ته ڪيترا ڀيرا پارو کي پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان کِلندي، ڳالهائيندي، ڪچهريون ڪندي ڏٺو هئائين، ڪيترا ڀيرا ڏاڏي مرحوم کي پُڙي ڏيندي به ڏٺو هئائين، جيڪا پارو وٺي، ساڙهيءَ جي وَر ۾ ويڙهي رواني ٿي ويندي هئي. هڪ ڀيري اقرار پنهنجي ڏاڏي کان پڇيو به هو ته:
”ڏاڏا! هن مائيءَ کي ڪهڙي پُڙي ڏيندا آهيو ۽ پئسا به نه وٺندا آهيوس..؟“
جنهن تي پساري ولي محمد هڪڙو ٽِھڪ ڏيندي کيس چيو هو ته:
”اَبا! اها پڙي لک جي آهي، مائي کي اِن ڪري ڏيندو آهيان ته متان سندس ڪُک سائي ٿي پوي..!“
جنهن تي وري اقرار معصوم انداز ۾ ڏاڏي مرحوم کان پڇيو هو: ”ڏاڏا! اها ڪُک سائي ٿيڻ ڇا آهي؟“
ٿورو کِلندي پساري ولي محمد چيو هو: ”ڪُک سائي ٿيڻ، مطلب مائيءَ مان ماءُ ٿيڻ آهي.!“
اقرار وري معصوميت وچان چيو هو: ”ڏاڏا! ماءُ ٿيڻ لاءِ پُڙي ضروري هوندي آهي ڇا؟“
اُن لمحي پساري ولي محمد ٽِھڪن ۾ ٻڏِي ويو هو. سامت ۾ آيو ته چيو هئائين:
”پُڙي يا وري ڦُڙي ضروري آهي ماءُ ٿيڻ لاءِ..!“
پساري ولي محمد وري ٽِھڪن ۾ ٻڏي ويو هو. اقرار ڏاڏي کي حيرت وچان ڏسندو رهيو هو؛
”ڏاڏا! اِها ڦُڙي وري ڇا آهي؟“
”ڇوڪرا! ڦُڙي وڏو ڪرشمو آهي، ڦُڙي مان تلاءُ ٿيندو آهي، پاڻيءَ ۾ پساهه پوندو آهي..“  اُن کان اڳ جو اقرار ڪو ٻيو سوال ڪري، پساري ولي محمد کيس ٿانوَ ڏيندي چيو هو؛ ”تون هاڻي هل گهر، دير ٿي وئي اٿئي!“
اقرار خاموشيءَ سان ٿانوَ کڻي، پساري ولي محمد کي سواليه نگاهن سان ڏسندو، هليو ويو هو.
اقرار، پساري ولي محمد جي گذاري وڃڻ کانپوءِ سندس دُڪان واري الماري مان کڻي آيل بنديون ۽ ڊائريون ڪڏهن ڪڏهن فرصت ۾ پڙهندو هئو. پساري ولي محمد جي بندين ۽ ڊائرين ۾ ڪنهن جڙي ٻوٽي، ڪنهن وکر جي ڄاڻ سان گڏ يادگيريون به لِکيل هونديون هُيون. ڊائري جي هڪ ورق تي هُن پڙهيو هئو ته، ’وکر سو وِهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿيئي،‘ جنهن کان پوءِ پارو جو بيان ۽ واقعو پنهنجي محسوسات سان لکيو ويو هئو. پساري ولي محمد لِکيو هئو ته پسارڪي ڪم ۽ گراهڪن سان واسطيداريءَ ۾ هُن نه صرف وکر پر ماڻهوءَ جي سڃاڻپ به سمجهي آهي. ماڻهو به هڪ وکر آهي جيڪڏهن اُن ۾ ڪو هڪ اکر آهي. بس ته پوءِ اُهو اکر ئي ڪافي آهي. سو مون کي نه ٿو لڳي ته ڪو پارو ڪڏهن ڪَسي يا کوٽي ٿي سگهي ٿي. مون جڏهن پارو جي جهوليءَ ۾ ٻار ڏٺو هو ته مون کي حيرت ٿي هئي. مون کي خبر هئي ته واسديو ۾ ڪو افعال ڪو نه هو، اِها سُڌ مون کان وڌيڪ پارو کي به هئي. پارو جي جسم تي جيتوڻيڪ راڄ ديوانا هئا. پر مجال آهي جو ڪا ديوانگي پارو جي هڙ کي ڇُھي به سگهي، جنهن کي هُن الائي ته ڪيئن ورائي وجود سان ٻَڌو هو. اُها ئي ته هَڙ هئي جنھن جو پارو ذرو به ضايع نه ڪيو هو. جيڪا پارو سموري ڄمار اُبھَيندي رهي، سا ايئن ڪيئن ڪناري تي اچي سڙهه کوليندي؟ جنهن وِچ سير، جوانيءَ ۾ به ڪنهن طوفان جي پرواهه نه ڪئي. سا واسديو جي مرڻ کان پوءِ ڀلا ڪيئن ڪنھن طوفان ۾ لُڙهي ويندي ۽ پنھنجي سرير تي ڪو ٽِڪو لڳائيندي. مون زندگي ۾ وکر سان گڏ ڪي اکر به سمجهيا آهن، جيڪي پٿر تي ليڪي جيان آهن. مون اُن ڏينهن پارو جي اکين ۾ ڏٺو هئو ۽ جيڪو ڪجهه پڙهيو هئم، اُهو ئي سندس گواهيءَ لاءِ ڪافي هئو پر پوءِ به عورت جي اک تي اعتبار نه ڪرڻ واري ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي مون سندس ڇاتين ۾ نِھاريو هئو، جنھن ۾ مامتا جي سرچشمي پيدا ٿيڻ جا ڪي به آثار ڪو نه ھئا. عورت جي وِک کان ويندي، نظر توڙي جسم جي جَڙاوت جا جيڪي گُر سِکيو ۽ سمجهيو آهيان، سي مون کي ڪڏهن به دوکو ڏئي نه پئي سگهيا. تنھنڪري منهنجي دل قطعي طور تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي ته ڪو پارو، ڪُک ۾ ڪو تُخم سانڍيو به هوندو. جيتوڻيڪ جڏهن پارو پنھنجي جهوليءَ ۾ جهليل ٻار سان دُڪان تان لھي وئي هئي ۽ مون الائي ڪيئن سندس ڪيل يا نه ڪيل ڏوهه کي ڀُڻڪندي حق بجانب قرار ڏنو هئو. پر نه نڪو، ائين ٿي ئي نه ٿو سگهي جنھن عورت جو پگهر مُشڪ ۽ عنبير ٿي مِھڪندو هُجي تنھن جي ڪُک ۾ ڪو گند ڪُکيو هُجي، ڪو حرام پَليو هُجي دِل مڃي ئي نه ٿي. بُک بڇڙو ٽول ڀلي دانائن لاءِ هُجي، پر  ڪنھن ’اصل‘ لاءِ ڪڏهن به ٿي نه ٿي سگهي. پارو منھنجي دُڪان تان ٻار کڻي لٿي ته وري ڪڏهن منهنجي دُڪان تي نه لَڙي جو کيس اندازو ٿي ويو هئو ته کانئس ساڳيو سوال وري ٻيهر ٿي سگهي ٿو. هوءَ جيڪڏهن ڪنهن رستي راهه ڪڏهن مِلي ها ته ساڻس اُهو سوال ته وري ضرور ڪريان ها ته؛ ”پارو اِهو ٻار ڪٿان آندو اٿئي؟“ مونکي پڪ آهي، منهنجي دل گواهي ڏئي ٿي ته ٻيو ڀيرو منهنجي سوال تي پارو ڪڏهن به مون سان ڪوڙ نه ڳالهائي ها. هُن منهنجي ڪوڙين سُوڙين پُڙين جو ڀل ڪيڏو به ڀرم رکيو يا رکڻ چاهيو هُجي پر واسديوَ جي ٻُڙي ضربيان ٻُڙي جو ڪڏهن به ڀرم رکي نه سگهي ها، جنهن جي ڪِريا ڪرم واري باهه به ڪنهن گليشر وانگي بي رنگ ۽ بي ترنگ هئي.
پساري ولي محمد جي ڊائريءَ مان پاروءَ بابت لِکيل احوال پڙهڻ کانپوءِ، اقرار ڪڏهن ڪڏهن پساري ولي محمد جي وِڪجي ويل دُڪان جي ٿلھي تي اُداس ۽ وياڪل ويٺل پاروءَ سان ڪچھري ڪندو هئو. پهريون ڀيرو جڏهن هُو پاروءَ سان دُڪان جي ٿلھي تي ويٺو هو ته پاروءَ کيس نه سُڃاتو هئو. اقرار جڏهن پاروءَ کي ٻُڌايو هئو ته هئو پساري ولي محمد جو پوٽو آهي ۽ ننڍي ھُوندي کان کيس پساري ولي محمد جي دُڪان تي ايندي ويندي ڏسندو رهيو آهي ته پارو ساڻس جلدي رِلي مِلي وئي. کيس شاهي بازار کان ويندي فقير جي پِڙَ ۽ کدڙا گليءَ جون ڳالهيون، قِصا ۽ ڪھاڻيون ٻُڌائيندي رهي. پارو، ماڻهن جي نظرن کان ويندي، وڏن وڏن رازن جون ڳالهيون اقرار سان ڪرڻ لڳي. پارو، اقرار کي وڏن وچڙيل ڀڀوت وارن واري اُن ملنگ جي ڳالهه به ٻڌائي، جيڪو صرف هڪ لنگوٽيءَ ۾ شاهي بازار کان فقير جي پِڙ ۾ رُلندو وتندو هئو. جنھن لاءِ چيو ويندو هو ته جين ڌرم وارا کيس ڇڏي ويا آهن. هوءَ ڪنن جي پاپڙين کي پٽيندي، توبھون ڪندي، چوندي هئي؛
”پساري ولي محمد جا پوٽا! ورهاڱي ۾ جيڪي پاپ ٿيا سي ته پنهنجي جاءِ تي پر هي فقير جو پِڙُ پاپن جو پُڙُ اٿئي. جنهن ۾ نه ڄاڻ ته ڪيترا پاپ ڍڪيا پيا آهن. اِهو جين ڌرم وارو لڳندڙ نانگو لانگوٽيو، هڪ شريف مسلمان گهر جو ٻار اٿئي، الائي ته ڪيئن گند واري هوديءَ ۾ اُڇلائجڻ کان پوءِ به بچي ويو ھئو. نه ته اهڙا ڪيئي مُئل پتڪڙا وجود ۽ ماين جون اُڇلايل اورون، پنهنجي هنن هٿن سان لِڪ ڇپ ۾ وڃي دفن ڪيون اٿم. مان جڏهن صبح جو سوير پنھنجو جهاڙُو ٻُھارو کڻي نِڪرندي هيس ته الائي ته ڪيڏو گند ميڙڻو پوندو هو هِن بازار جو. بس دل جون، دل ۾ آهن. ٻُڌ ڇوڪرا! تنهنجو ڏاڏو پساري ولي محمد وڏي وکر ۽ وَڙ وارو ماڻهو ھئو. اهڙا ماڻهو ڪٿي لَڀن، جن جي اکين ۾ مون ڪڏهن به ڪو مير نه ڏٺو.“
پارو هڪڙو ٿڏو ساهه کنيو ۽ وري بند پيل دُڪان جي تاڪن کي ڏسندي چيائين؛ ”ظاهر ۾ ته هُو هڪ سيٺ ۽ واپاري شخص هئو پر وڏي وڙ ۽ مڻيا وارو هو. ائين سمجهه ته هِنن تختن جيان هئو، جيڪي حفاظت ۽ پردو آهن ۽ بند آهن ته ٻِڙڪ به ٻاهر نه نِڪري. اڄڪلهه توڙي اُن زماني ۾ به، ڪٿي هئا اهڙا پساري، جيڪي پُڙيءَ سان پساهه وجهن ۽ هر ڪنهن لاءِ پناهه هُجن.“
اقرار، هڪ ڏينهن پوڙهي پاروءَ کان نيٺ پُڇي ورتو ته هوءَ روز صبح جو ڇا لاءِ اچي دُڪان جي ٿلھي تي ويهندي آهي ۽ ويٺي تاڪن کي ڏسندي آهي. اُن لمحي پارو ڄڻ پاري جيان کن پل لاءِ ڄمي وئي هئي. اقرار کي هِڪ لمحي لاءِ لڳو هئو ته پارو پَرلوڪ پڌاري وئي، پر هُن هڪڙو ٿڌو ساهه کڻي، اقرار ڏانهن نِھاريو هئو ۽ چيو هيائين؛ ”بس هڪ ارمان رهجي ويو...“
اقرار کيس حيرت وچان ڏٺو هو؛ ”ڪھڙو ارمان...!؟“
”بس جيڪر پساري ولي محمد جِھڙي ماڻهوءَ سان ڪوڙ نه ڪريان ها.“
”ڪھڙو ڪوڙ ....هان؟“ اقرار اتاوِلو ٿيندي پڇيو.
”مون کي خبر آهي ته پساري ولي محمد منھنجي ڪوڙ کي سمجهي ۽ سَھي ڪري ويو هئو پر پوءِ به منهنجو ڀرم رکيو هيائين.“
”ڀرم! ڪھڙو ڀرم؟“ اقرار، سواليه نگاهن سان پارو طرف نِھاريو.
”اِهو ئي ڀرم ته مون کي ڪو واسديوَ مان ٻار ٿيو، مان سمجهان ٿي ته پساري ولي محمد جِھڙي هوشِيار ۽ ڄاڻو ماڻهو کي پڪ هئي ته اُهو ٻار واسديوَ مان ٿي ئي نه ٿو سگهي. مون ڪٿي نه ڪٿي ڪو ڪارو مُنهن ڪيو آهي. پر وري به هُن منھنجي ڪوڙ جو اعتبار ڪيو ۽ منهنجي ڪوڙ جو ڀرم رکيائين.“
پارو وري هڪڙو ٿڌو ساهه کنيو ۽ وري ڳالهايو؛ ”بس جيڪر، پساري ولي محمد سان سچ ڪريان ها ته مون ڪھڙو اَڇو مُنهن ڪيو، ٻار ته سچ به واسديوَ مان ڪو نه هو.“
”پوءِ ڪنهن مان هئو ٻار؟“
پارو ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش ٿي وئي، کن پل کان پوءِ اقرار ڏانهن نِھاريندي چيائين؛ ”اُهو ٻار ڌنونءَ جو هئو.“
اقرار کان ڄڻ ڇِرڪ نِڪري ويو. اِن لاءِ جو هُو جڏهن ننڍڙو هئو ۽ پرائمريءَ ۾ پڙهندو هئو ته، هُن ڌنونءَ کي شاهي بازار ۾ ڏٺو هئو. ڌنون جڏهن شاهي بازار ڇڏي، ڪنهن اوڙي پاڙي ۾ ايندو هو ته پاڙي جا کينچلا ٻار، کيس چيڙائيندا هئا ته ڌنون ردعمل ۾ کين گاريون يا بُجا ڏيڻ بدران پنھنجي سلوار جي اڳٺ واري جاءِ پنهنجي هٿ سان پڪڙيندي کين ڏيکاريندي چوندو هئو؛ ”هي اٿوَ...“
اقرار، ڌنونءَ کي ڪيترا ڀيرا، پساري ولي محمد جي دُڪان تي به ايندي ڏٺو هئو. هُو جڏهن دُڪان تي چڙهندو هئو ته پساري ولي محمد کيس نِبات يا ڇوهارو کڻي ڏيندو هئو. ڌنون اُهو وٺي، کائيندو هليو ويندو هئو. اُن وقت جيڪڏهن دُڪان تي ويٺل ڪو گراهڪ پساري ولي محمد کان سوال پڇندي، ان سوال جو جواب پاڻ ئي ڏيندي چوندو هو ته؛ ”لڳي ٿو ڪو مست يا درويش آهي؟“
پساري ولي محمد هڪڙو ٽِھڪ ڏيندي چوندو هئو ته؛ ”نه نه، مستي ۽ درويشي وڏي رمز آهي، هي ته ويچارو ڪَلَ ٿِڙيل بي عقل ۽ چريو آهي.“
اقرار يادن مان واپس آيو ته پاروءَ ڏانهن طنزيه ڏسندي چيائين؛ ”پارو، تو ڌنون چرئي سان..........؟“
اقرار جملو مڪمل ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجي سموري مفهوم سان اُڇلائي ڇڏيو.
اُن لمحي پارو ٽِھڪن ۾ ٻُڏي وئي. اقرار جيترا ڀيرا به پاروءَ سان ڪچھري ڪئي هئي، هُن ايئن ڪڏهن به ٽَھڪ ڏئي کِليو نه هئو. پارو، جڏهن سامت ۾ آئي ته اقرار ڏانهن ڏسندي چيائين؛ ”ڌنون چريو کريو، کوپڙيءَ ۾ هئو، پر گودڙيءَ ۾ وڏيون چالاڪيون کنيو وتندو هئو.“
”چئبو ته پارو تون ڌنونءَ جي چالاڪين جي ور چڙهي وئين!؟“
پارو وري ٽِھڪن ۾ ٻُڏي وئي.
”چالاڪيون ته الائي ڪنهن جون هُيون، پر مون نادان پنهنجي سِر کنيون. هاڻي ڇڏ بس اِن قصي کي.“
اقرار حُجت واري انداز ۾ پارو کي چيو؛ ”نه نه، ٻُڌاءِ پارو، قسم اٿئي ڀڳوان جو.“
هُن وري ٽِھڪ ڏنو ۽ چيائين؛ ”ڀڳوان جي قسم يا نالي تي به ڀلا ڪو سچ ڳالهائيندو آهي ڇا؟ پر مان ڀڳوان جي نالي تي تو سان ڪو به ڪوڙ نه ڪنديس. بس هڪ بار دل تي آهي، لاهڻ گُهران ٿي. تو پُڇيو آهي ته ٻُڌايانءِ ٿي. پر وعدو ڪر ته جڏهن به پساري ولي محمد جي قبر تي ويندين ته منهنجي ڳالهه ساڻس ڪندين. کيس ٻُڌائجان ته مون ساڻس ڪوڙ ڪيو هئو، اُهو ٻار مولوي اميرالدين جي ڌيءَ سليما جو هو.“
اقرار وري ڇِرڪي ويو.
”پارو تون ڪوڙ ڇو پئي ڳالهائين، اڳ ۾ تو چيو ته؛ ٻار ڌنون جو هئو، هاڻي وري چوين پئي ته ٻار سليما جو هو. سليما ته سَتي جتي آهي. وڏي پُهتل عورت آهي.“
”ها تون سچ پيو چوين، پساري ولي محمد جا پوٽا، پر اِهو به سچ آهي ته اُهو ٻار سليما جو ئي هئو، جيڪو ڌنون مان ٿيو هئس.“
اِقرار حيرت ۾ پئجي ويو؛ ”تون اِهو ڇا پئي چوين پارو...“
”اِهو ئي سچ آهي جيڪو مان چوان پئي.“
اقرارهيڏانهن هوڏانهن نِھاريندي چيو؛ ”پارو، اُن ٻار جو نالو ڇا رکيو هيئه؟ هاڻي ته وڏو ٿي ويو هوندو.“
”ها جھڙوڪر جوان ئي آهي، نالو اٿس سليم...“
”هان، نالو سليم، اِهو ته مسلمانڪو نالو آهي؟“
”ها ٻار به ته مسلمان جو هئو، سو نالو به مسلمانڪو اٿس. مان ڀلا، هڪ مسمان ٻار جو نالو ڪيئن هندن وارو رکان ها.“
”سليم هاڻي ڪٿي آهي، ڇا ڪندو آهي؟“
”سليم پڙهندو آهي، سيٺ وجيہ الدين جي گهر ۾ رهندو آهي.“
”سيٺ وجيہ الدين جي گهر ۾ ڇو؟“
پارو هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيائين؛ ”سيٺ وجيہ الدين کي اولاد نه ٿيندو هئو. سندس زال مون کي ڏاڍو ڀانئيندي هئي ۽ اولاد لاءِ ڏاڍو سِڪايل هئي. سو مون کڻي اُهو ٻار کيس ڏئي ڇڏيو. اِن قسم ۽ ويساهه سان ته ٻار مسمانن جو ئي آهي.“ پاروءَ جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، هُن ڀنل اکين سان قرار ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين؛ ”تون جڏهن به پساري ولي محمد جي قبر تي وڃين ته کيس سموري حقيقت ٻُڌائجان.“
اقرار يڪدم اُٿي بيٺو ۽ چيائين؛ ”پارو تنهنجي ڳالهه ٻُڌڻ کان پوءِ مون کي هڪ سلام ڏاڏا ولي محمد جي قبر تي وڃي ڪرڻو هئو ته هو ڪيڏو نه وکر ۽ اکر وارو شخص هئو. هُن جيڪو چيو ۽ لِکيو هئو، سو سورنھن آنا سچ آهي. پر پارو گهٽ تون به ناهين. سچ ته هي سمورو علائقو جيڪو فقير جو پِڙُ سڏجي ٿو سو ته نالي ۾ فقير جو پِڙَ آهي، حقيقت ۾ ته فقير جو پِڙُ تون آهين، جنهن جي سرير ۽ آتما ۾ سُندرتا سمايل آهي. فقير پنندڙ نه پر ڏيندڙ ۽ ڍڪيندڙ هوندو آهي. فقير ته اِهڙو وکر وِهائيندو آهي، جيڪو پئي پراڻو نه ٿيندو آهي. مان وڃان ٿو سڌو ڏاڏا پساري ولي محمد جي قبر تي سلام ڪرڻ ۽ کيس تنهنجو احوال ٻُڌائڻ. پر اُن کان اڳ تو کي سلام ڪريان ٿو.“
اقرار سِڌو ٿي پارو کي سيليوٽ ڪيو ۽ جُهڪي سندس چَرن ڇُھيائين ته سندس اکيون به آليون ٿي پيون.


(ضراب حيدر جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment