Monday, January 20, 2020

جيون ساٿي - آفتاب حسين راڄپر


جيون ساٿي
آفتاب حسين راڄپر
هڪڙي ڪاليج ۾ هيپي ميريج لائيف تي هڪ ورڪشاپ ٿي رهيو هو. ان ۾ ڪافي پرڻيل جوڙن حصو ورتو، جڏهن پروفيسر اسٽيج تي چڙهي آيو، ته ان نوٽ ڪيو ته سڀئي پرڻيل جوڙا لطيفا ٻڌي کلي رهيا هئا. اهو سڀ ڏسي پروفيسر چيو ته اچو هڪ گيم ٿا کيڏون، ان کانپوءِ موضوع تي ڳالهائينداسين. اهو ٻڌي سڀ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پڇڻ لڳا ڪهڙي گيم آهي؟ پروفيسر هڪ پرڻيل ڇوڪري کي اسٽيج تي بيهاري چيو ته توهان هن بليڪ بورڊ تي پنجويھن کان ٽيھن اهڙن ماڻهن جا نالا لکو جيڪي توهان کي تمام گهڻا پيارا هجن. ڇوڪريءَ پهريان پنهنجي خاندان جا پوءِ رشتيدارن، دوستن، پاڙي وارن جا نالا لکي ٽيھ نالا پورا ڪيا. پروفيسر چيو هاڻي انهن مان پنج نالا اهي ڊاهيو، جيڪي توهان کي گهٽ پسند هجن. ڇوڪري پنهنجي دوستن جا نالا ڊاهي ڇڏيا. پروفيسر وري پنج نالا ڊاهڻ لاءِ چيو، ڇوڪري ڪجهه دير سوچي پاڙي وارن جا نالا ڊاهي ڇڏيا. پروفيسر وري ڏھ نالا ڊاهڻ لاءِ چيو. ڇوڪري پنهنجي گهرڀاتين جا نالا ڊاهي ڇڏيا. آخر ۾ فقط چار نالا بورڊ تي رهجي ويا هئا، جيڪي ماءُ، پيءُ، مڙس ۽ پٽ جا هئا. ان تي پروفيسر ان کي چيو ته انهن مان ٻه نالا ڊاهيو. ڇوڪري ٻڏتر ۾ پئجي وئي. آخرڪار سوچي سوچي ماءُ ۽ پيءُ جا نالا به ڊاهي ڇڏيائين. ويٺل سڀ ماڻهو دنگ رهجي ويا ۽ انتهائي خاموشي ڇانئجي وئي. ڇو ته اها راند نه صرف اها ڇوڪري کيڏي رهي هئي، پر سڀني جي دماغ ۾ اهو سڀ ڪجهه ورجائجي رهيو هو. هاڻي صرف ٻه نالا بورڊ تي رهجي ويا هئا هڪ مڙس ۽ ٻيو پٽ جو، تنهن تي پروفيسر بورڊ ڏانهن اشارو ڪندي کيس چيو ته انهن مان به هڪ نالو ڊاهيو. ڇوڪري جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري وئي، هوءَ سوچ ۾ ٻڏي وئي، ڪافي ڀيرا بورڊ ڏانهن هٿ واپس ڪري آئي. پروفيسر کيس دلاسو ڏيندي چيو ته گهٻرايو نه هي صرف راند آهي. ڇوڪريءَ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ هن پنهنجي پٽ جو نالو ڊاهي ڇڏيو. پروفيسر ڇوڪري کي پنهنجي جاءِ تي ويهڻ لاءِ چيو. ان وقت سڀ ماڻهو ان ڇوڪريءَ کي گهوري ڏسي رهيا هئا. پروفيسر سڀني ڏي ڏسي پڇڻ لڳو توهان مان ڪوئي ٻڌائي سگهي ٿو ته صرف مڙس جو نالو بورڊ تي ڇو رهجي ويو آهي.


ان مان ڪو ئي جواب نه ڏئي سگهيو. سڀني منهن هيٺ ڪري ڇڏيا. ان تي پروفيسر ساڳئي ڇوڪريءَ کي بيهاري پڇيو ته ايئن ڇو؟ جنهن توهان کي ڄڻيو، پاليو، وڏو ڪيو، انهن جا نالا به توهان ڊاهي ڇڏيا ۽ جنهن کي توهان سور صدما سهي ڄڻيو ان جو به نالو ڊاهي ڇڏيو؟
ڇوڪريءَ جواب ڏنو ته منهنجا ماءُ پيءُ هن وقت پوڙها ٿي چڪا آهن. ڪجهه سالن کانپوءِ اهي دنيا ۽ مون کي ڇڏي هليا ويندا. منهنجو پٽ جڏهن وڏو ٿيندو ته ضروري ناهي ته شادي ڪري مون سان گڏ رهي. پر منهنجو مڙس تيستائين مون سان گڏ هوندو جيستائين مون ۾ ساهه آهي. ان لاءِ سڀني کان وڌيڪ مون کي منهنجو مڙس پيارو آهي.

No comments:

Post a Comment