Saturday, March 23, 2019

سماجي دردن جون ڪهاڻيون - زاهد راڄپر


سماجي دردن جون ڪهاڻيون
زاهد راڄپر
هو رڳو ڏسڻ ۽ ملڻ جو محبوب ناهي پر هو شخصي طور به محبوب آهي، جنهن سان جڏهن به ملبو آهي ته سامهون انتهائي مرڪندڙ چهرو پيو ٻهه ٻهه ٻهڪندو. خلوص، پيار، محبت ۽ محنت سندس شخصيت کي نکاري ڇڏيو آهي. هر دفعي ساڻس ملڻ وقت سندس شخصيت جو ڪونه ڪو نئون اسرار سامهون اچي ويندو آهي. ادبي محفلن جو مهندار ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي کي جيئندان بخشيندڙ محبوب سنڌي جي سڃاڻپ منهنجي سامهون فقط شاعر ئي رهي، پر وقت به وقت سندس صلاحيتن تان پردو کڄندو رهي ٿو ۽ خبر پئي ٿي ته محبوب شاعر سان گڏ اسٽيج اداڪار به آهي، هو ڊرامه نگار به آهي ۽ سندس ڪيترائي ڊرامه ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي وري اوچتو ئي اوچتو سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”جلاوطن پکي“ ڇپجي آيو آهي ته مون لاءِ حيرت جي حد نه رهي ته هو محبوب شخص ڪيترن سارن ادبي محاذن تي پاڻ نباهي رهيو آهي. سرگرمين سان گڏ تخليقون، ياريون، دوستيون، نوڪري ۽ گهرداري سڀني محاذن تي هو ڇانيل نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”جلاوطن پکي“ سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ شاندار اضافو آهي. ڪهاڻيون پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته هي ڪهاڻيون ڪنهن نئين ليکڪ جون ته لڳن ئي نه ٿيون، معنيٰ ته محبوب جي اندر جو ليکڪ، ڪهاڻيءَ جي ڏانءَ ۽ ڏات سان مڪمل طور ميچوئر ٿي چڪو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ سماج جا سمورا عڪس نظر اچن ٿا. سندس هڪ ڪهاڻي ”وهمي“ تمام گهڻي اهم آهي، جنهن ۾ هن ڪردارن سان ڀرپور نباهيو آهي. ڪهاڻي ”فيصلو“ ۾ مومل جي قربانيءَ کي لازوال ڪري پيش ڪيو اٿس، جيڪا پنهنجي ڳوٺ، مڱيندي ۽ پنهنجي مائٽن جو رت وهائڻ بدران پاڻ زهر جو پيالو پي امر ٿي وڃي ٿي. ڪوئلي جي کاڻين ۾ مزدوري ڪندڙ پورهيتن جي ڪهاڻي ”ڪوئلو“ به هڪ بهترين ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي ”جلاوطن پکي“ ڀرپور احساساتي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ پکي کي پيار جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو ڏيکاريو ويو آهي. ”شور يا شعور“ ڪهاڻي هڪ اهڙي اديب تي لکي وئي آهي جنهن جهڙا اديب فقط ئي فقط ادب کي پنهنجي روح جي تسڪين ۽ مفادن لاءِ سرجيندا ۽ قطب آڻيندا رهندا آهن. ”رولاڪ گولي“ هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. ڳوٺاڻي ماحول جي چيڪي مٽيءَ سان ڳوهي ڪنهن سنگتراش جي هٿن مان سرجيل منظر وانگر اها ڪهاڻي لڳي ٿي، جنهن جي شروعات به بهترين آهي ته وري پڄاڻي به اثرانداز ٿيندڙ آهي. ڪهاڻي ۾ سانوڻ نالي ڪردار کي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ جهيڙيندي ڏيکاريو ويو آهي ۽ هڪ رولاڪ گولي هٿان مارجندي به ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته ”سورج مُکي“ ڪهاڻيءَ ۾ پريمين جي آپگهات ذريعي ڏنل قرباني جا به اثرائتا عڪس چٽيا آهن. سورج ۽ مکي کي جڏهن پنهنجو پيار بچائڻ لاءِ ٻي ڪا واٽ نه ٿي سجهي ته هو گڏيل آپگهات ڪري پنهنجي پيار کي امر ڪن ٿا پر جيڪڏهن ليکڪ انهن پريمين کي جيئڻ جي واٽ ڏيکاري ها ته اڃا وڌيڪ ڀلو ٿئي ها پر ليکڪ جيڪو سامهون ڏٺو آهي ان کي سڌي طرح پنهنجي ڪهاڻي ۾ لکيو آهي. ظاهر آهي ته اهو ليکڪ جو پنهنجو حق به آهي.

Sunday, March 17, 2019

انور پيرزادي جون ڪهاڻيون جو مطالعاتي جائزو - زبير ٻگهيو


انور پيرزادي جون ڪهاڻيون جو مطالعاتي جائزو
زبير ٻگهيو
انور پيرزادو لٽريچر فيسٽيول کان هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ ڪتابي ميلو لڳل هو، جتان ڪافي ڪتاب خريد ڪيا پر انور پيرزادو لٽريچر فيسٽيول جو انتظار ۽ تجسس گهڻو هو ڇو ته پاڻ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي لٽريچر فيسٽيول ۾ چاهڻ جي باوجود شرڪت نه ڪري سگهندا آهيون، ڪم ڪار جي سبب. تنهن ڪري هن لٽريچر فيسٽيول کي به ان وانگر ڏسڻ جو گهڻو جوش به هو، اهو ڏينهن به اچي ويو. نيٺ سنورجي سنبرجي اسان به پهتاسين. پروگرام ڏسندي ڪتابن جي اسٽال تي نظر پئي ته انور جي ڪهاڻين جي ڪتاب پڙهڻ جو تجسس به وڌي ويو نيٺ اڳ ۾ اهو خريد ڪيو.