Wednesday, February 26, 2020

آذان


آذان
جيلاني بي اي
ھمير گاد
مان هڪ ڊگهي عرصي تائين جڳھ جڳھ گهمندو رهيس، ان ڳولها ۾ ته شايد ڪو الله جو بندو ملي وڃي جيڪو مون کي آذان ڏيڻ سيکاري. اهڙي آذان جيڪا ننڊ کي شڪست ڏئي  جاڳائي ڇڏي.
مون ملڪ جو هڪ هڪ مدرسو ڳوليو، وڏين وڏين ڏاڙهين واري عالمن جي سامهون انهن کي التجا ڪئي.

Monday, February 24, 2020

ٽالھي - مٺل جسڪاڻي


ٽالھي
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
Image may contain: 1 person, tree, outdoor and closeup
ٽالھي جو وڻ ته ھُن ننڍپڻ کان پئي ڏٺو آھي. ٽالھي جي ڇانءَ کيس وڻندي آھي، پر پن ڇڻ جي موسم ۾ ٽالھي جا پن ڇڻڻ سبب، ٽالھي جا بُرا حال کيس ايذائيندا آھن. ان ھوندي به ساوڻ جي برساتن ۾، ٻانھن جھڙيون، ٽالھي جون ٽاريون قلم ڪري پوکيندو آھي ۽ جتي به غير ضروري جڳھه تي ٽالھي جو نئون ڦٽل ٻوٽو ڏسندو آھي، ته گهڻو ڪري ان جي چڪي ڪڍي، ڪنھن مناسب ھنڌ تي ھڻندو آھي.
ھُو ڪجهه گُري چڙھيو، پھرين اسڪول، پوءِ ڪاليج، تنھن کان پوءِ يونيورسٽي پھتو، ته خبر پيس ٽالھي جي نالي سان شھر به آھي!

Tuesday, February 18, 2020

دوستي - ليکراج ميگھواڙ


دوستي
مختصر ڪھاڻي
ليکراج ميگھواڙ
کيئرا! ڏي خبر! اڄ انب ۽ زيتون ڪيڏانهن ويا آھن؟“ جو تون اڪيلو ويٺو آھين، ڪنھن اداس ڇوڪريءَ جيان؟“ کيئرو ڪنڌ مٿي ڪري، ھٿن ۾ کنيل پين کيسي ۾ لڳائي روانو ٿي ويو، بنا ڪنھن موٽ ڏيڻ جي.
کيئرو انب ۽ زيتون ٽئي سٺا دوست آھن.
ٻئي ڏينھن جو سج اڀريو، تڏھن به کيئرو اڪيلو، انهيءَ رستي تي هڪ پوڙھي پڪي جهور نم جي وڻ ھيٺيان. چِچُو کي من ۾ اڻُ تڻ ٿي ته ڇو نه اڄ کيئري سان ويهي ڪچهري ڪجي! اهڙي ئي خيال سان اڳتي وڌي اچي، هو کيئرو جي ڀرسان ويٺو. ڪجهه دير ٻئي هڪٻئي کان بلڪل اڻڄاڻ ۽ اجنبي ويٺل ٿي لڳا.

نيٺ چچو خاموشيءَ جو سينو چيرندي، کيئري ڏانھن نھاريندي پڇڻ لڳو؛ ”ادا خوش آھين؟“
کيئرو ورائڻ لڳو؛ ”جي ھا سائين! توهان ڪيئن آھيو؟“
”آئون ٺيڪ آھيان بابل. تون صفا منجهيل ھوندو آھين. گذريل ٻن ڏينھن کان. ڇاڪاڻ ته توهان ٽئي دوست، ڳوٺ جي ماڻهن جي نظرن ۾ ۽ ھر وقت گڏ هوندا آھيو! پوءِ ڀلا ڪجهه ڏينھن کان اوهان جي دوستي تي ڪنھن ڪوجهي جي نظر لڳي وئي ڇا؟
کيئرو وڏو شوڪارو ڀري چوڻ لڳو؛ ”چچو! تون جيڪو سوال ڪرين پيو نه، ان جو جواب شايد مان نه ڏئي سگهان ۽ آئون ڏيڻ به نه ٿو چاهيان شايد.“
اھو منھنجي سوال جو جواب نه ٿيو؟ چچو طنزيه لهجي ۾ چيو.
کيئرو ٿوري دير لاءِ ڀت بڻجي ويو. تڏھن چچو اھو سوچي اٿيو پئي ته؛ ”ھاڻي معاملو الائي ڪهڙو آھي، جو هي جواب ڏيڻ نٿو چاهي. جڏھن اھي ٽيئي دوست ڪٿي ملبا تڏھن مان وري هنن سان اهي سوال ڪندس.“
چچو اٿيو پئي ته کيئرو وڏو شوڪارو ڀري چوڻ لڳو ته؛ ”ويهو ڀلا اوهان کي اسان جي دوستي جو درد ٻڌايان.“
”جي ها کيئرا! مونکي ٻڌاءِ!“ چچو ھيٺ ويهندي چيو.
کيئرو چوڻ لڳو ته؛ ”چچو وقت جي ھن تيز رفتار جي وهڪري ۾ دوستي اھو رشتو آھي، جنھن جي سڳنڌ ساٿ ۽ نڀاءَ کان سواءِ ھر انسان اڌورو ۽ اڻپورو هوندو آھي. پر اسان ٽيئي دوست؛ آئون، انب ۽ زيتون پرائمري اسڪول کان گڏ رهيا آھيون. اسان جون سوچون، اسان جا غم، خوشيون ھڪ ئي رهيون ھيون. ڇاڪاڻ ته اسان ٽئي دوستي جي اھڙي مالها جا مڻيا ھئاسين، جيڪي وکري ٽڙي سگهيا ٿي، پر ٽٽي ڀڄي ڀري ڪو نه ٿي سگهياسين. پر هن وقت اسان جي اھڙن خيالن، سوچن ۽ ساٿ کي شايد ڌار ڪري ڇڏيو آھي.“
اھو چئي کيئري جي اکين ۾ لڙڪ لڙي پيا!
چچو سموري ڳوٺ جيان ھنن جي دوستي کان واقف ھو. هو کيئري کي دلجاءِ ڏيندي چوڻ لڳو ته؛ ”کيئرا! دوستي ھن سنسار جو واحد ھڪ اھڙو رشتو آھي، جنھن کي تون لفظن يا پنھنجي حرف بياني ۾ حقيقي ۽ شعوري طور وضاحت ڪري ئي نه ٿو سگهين. ڇاڪاڻ ته دوستيءَ جو ڀرم اوهان جھڙا عظيم ماڻھو ئي رکي سگهن ٿا، جيڪي ھن دنيا جي منافق لالچ ۽ دوکيبازي کان ڪوھين ڏور ھجن.“
تڏھن کيئرو چچو کي ورائڻ لڳو ته؛ ”آئون اڃا به انهيءَ دوستي جي ڌاڳي ۾ پرويل مالها سان، منھنجي دوستن کي ئي جپيندو آھيان. پر اھي ٻئي عين وقت تي مون کي ايئن اڪيلو ڪري ويا آھن. آئون ان کي برداشت ڪري سگهان ٿو پر منھنجي گهر وارن توڙي ڳوٺ وارن جي ذھن ۽ انهن ڪاليجي ۽ اسڪولي شاگردن تي اسان جي دوستي جو منفي اثر ڪيترو پوندو؟ اھو سوچيندي منهنجو دماغ ڄڻ ڦاٽي پوندو آھي. کيئرا آخر ٻڌايو ڀلا اھي ويا ڪيڏانهن آھن؟“
کيئري اداسي وچان چيو ته؛ ”چچو تو کي خبر آھي نه انب جو والد هڪ سياسي ماڻھو جو خاص معاون ۽ ويجهو آھي! جيڪو ساڻس ھر وقت گڏ ھوندو آھي ۽ زيتون ھڪ صحافي جو پٽ آھي، جنهن جي والد جا رابطا منسٽرن توڙي ھر وڏي سطح جي ماڻھن سان آھن! باقي آئون ھڪ پورهيت مزدور ھاري جو پٽ، منھنجي والد مون کي پنھنجي جسم مان پگهر وهائي پڙھايو آھي، جنهن جا زخم مون ڀرڻ بدران مرڳو ڇيڙيا آھن.“
چچو پريشان ٿي ٻيھر تعجب وچان پڇڻ لڳو ته؛ ”آخر انهن کي ٿيو ڇا آھي. مون کي اڃا سمجهه ۾ نه ٿو اچي؟“
کيئرو ٻئي ھٿ نرڙ تي ڏيئي چوڻ لڳو؛ ”ادا! انب، پنھنجي پٽ کي وڏي شھر ۾ وٺي وڃي نوڪري ڏياري ڇڏي آھي. جنھن هاڻ پنھنجو نمبر ئي بدلائي ڇڏيو آھي! زيتون کي به والد ۱۷ هين گريڊ جي نوڪري وٺي ڏني آھي! جيڪو اڄ ڪلهه مون کي سڃاڻي ڪو نه! باقي آئون جهڙو ھئس تهڙو رهجي ويس، ڇاڪاڻ جو آئون پورهيت مسڪين جو اولاد هئس. مون وٽ وڏي سطح جا رابطا نه هئا! مون وٽ فقط غريبي هئي. آئون هوشيار هئس! بابا سخت پورهيا ڪري پڙهائي سگهيو! پر ايترو پئسو نه هو جو نوڪري وٺي سگهي.“
کيئرو روئڻهارڪو ٿي اٿي ويو هليو.

موٽ - مٺل جسڪاڻي


موٽ
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
فيس بوڪ تي پوسٽ ٿيل ڪھاڻي پڙھي رايو لکيائين ته ڪھاڻيڪار ان باڪس ميسيج وسيلي پڇيس؛ ”ڪھاڻي لکڻ جي باري ۾ ڪا ڄاڻ؟“
”ڪھاڻي پڙھڻ به ڪا نه اچي، لکڻ ته اڃا به مشڪل.“ سوال تي حيران پريشان ٿيڻ بدران جواب ڏنائينس. اڳتي اھو به لکيائينس ته؛ ”منھنجي راءِ دل تي ڇو پيا آڻيو؟! پڙھندڙ طور موٽ ڏنم، نوٽيس نه وٺو“.

ادب ۽ مانُ - مٺل جسڪاڻي


ادب ۽ مانُ
فليش فڪشن
مٺل جسڪاڻي
ڪنھن مھل وڏو ٿو ننڍي سان پيار ڪري. شفقت جو ھٿ ٿو ڦيري. ڪنھن وقت ننڍو ٿو وڏي جو ادب ڪري. جنھن کي به ٿو، ملي موقعو، ٻئي کي ٿو مانُ ڏئي. ادب ۽ مانَ-وارا آھيون سڀ.

عشق - مٺل جسڪاڻي


عشق
فليش فڪشن
مٺل جسڪاڻي
ٻاويھه ڪلاڪ گذري چڪا، تو کي اڃا گُل نه مليو آھي، ته وڌيڪ انتظار نه ڪر. سُمھي پئو. اوجاڳي ۾ وڦلندين ته ماڻھو چوندا؛ ”عشق ۾ چريو ٿي پيو آھي.“

تعزيت - ايبئارڊو گئليانو


تعزيت
ڪھاڻي
ايبئارڊو گئليانو/ طفيل مگسي
اسٽبي ھن شراب خاني ۾ ڪيترن ئي سالن کان شراب پيش ڪري رهيو هو. هو ھميشه خاموش رهندو هو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ٻين کي ٻڌي وٺندو هو. هن کي پنهنجي روزانو ايندڙ گراهڪن جي ڳالهين جي خبر هئي. اهي صرف پنهنجي نڙي آلي ڪرڻ ايندا هئا.
انهي مئڪدي ۾ ھڪ اهڙو شخص به ايندو هو، جيڪو روزانو شام جو اٺين وڳي ظاھر ٿيندو هو ۽ هڪ وقت ساڳئي شراب جا ٻه گلاس گهرائيندو هو. هو ٻنهي گلاسن مان گڏوگڏ پيئندو هو. سرڪ هڪڙي گلاس مان ۽ هڪ سرڪ ٻئي گلاس مان، هو ڪنهن تڪڙ کانسواءِ خاموشي ۾ ٻئي گلاس خالي ڪندو هو. پئسا ڏيندو هو ۽ جيئن ظاھر ٿيو هو، تيئن ئي گم ٿي ويندو هو.

ڪرونا وائرس - دلشاد ڪڇي


ڪرونا وائرس
مائيڪرو فڪشن
دلشاد ڪڇي
ان ڳوٺ جو بداخلاق، ظالم ڀوتار جو گھمنڊ ان وقت مٽي ۾ مليو، جڏهن کيس پراسرار وبا وڪوڙي وئي. ڊاڪٽرن مطابق سندس بيماري خطرناڪ ۽ وچرندڙ آهي، هن مان ٻين کي به وائرس لڳي سگھي ٿو، ان ڪري احتياط ضروري آهي.

Tuesday, February 11, 2020

رشتن جون قبرون - دودو چانڊيو


رشتن جون قبرون
مختصر ڪھاڻي
دودو چانڊيو
دارالامان جي کولي نما ڪمري جي دريءَ وٽ بيهي، هوءَ ڪلاڪن جا ڪلاڪ، سامهون ننڍڙي پارڪ طرف پئي ڏسندي هئي. ان پارڪ اندر جهاتيون پائڻ بعد، هوءَ ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿئي ويندي هئي. بلڪل ايئن، جيئن ماڻهو ڪنهن اهڙي سڪتي ۾ اچي وڃي جو سندس جسم جا سڀ عضوا برف بڻجي هڪ جاءِ تي ڄمي وڃن. ايئن هن جون اکيون، هن جون سوچون ڄمي برف بڻجي وينديون هيون. دارالامان جي اندر اڪثر ڇوڪريون پنهنجي محبوبن سان گهران نڪري هتي پهتل هيون. ڪن مڙسن کان الڳ ٿيڻ جي چڪر ۾ عدالت جو سهارو ورتو هو ۽ عدالت انهن کي هتي موڪليو هيو. تمام ٿورڙين عورتن سان گڏ ٻار به هئا.

گلاس کي رکي ڇڏيو - آفتاب حسين راڄپر


گلاس کي رکي ڇڏيو
مختصر ڪھاڻي
آفتاب حسين راڄپر
هڪ ماهر نفسيات دٻاءُ Stress بابت پڙهائيندي ڪلاس روم جو چڪر لڳائي رهي هئي. هن هڪ پاڻيءَ سان اڌ ڀريل گلاس هٿ ۾ کنيو ته هر هڪ اھو ئي اندازو لڳايو؛ ”شايد ائين پڇيو ويندو ته اڌ گلاس خالي ۽ اڌ گلاس ڀريل.“ پر ان جي جاءِ تي ماهر نفسيات مسڪرائيندي پڇيو ته؛ “هي گلاس ڪيترو ڳرو آهي؟”
جواب مليو؛ ”اٺ کان ويھ آئونس.“

آخوند جا افسانا - مٺل جسڪاڻي


آخوند جا افسانا

مٺل جسڪاڻي
----
امان ابو
ـــــــــــــ
”ڪاوڙ نه ڪر جانُو،
امان ابو فقط ڪلاڪ کن لاءِ آيا آھن.“

Sunday, February 9, 2020

اسڪول وڃ ٻچڙا - مٺل جسڪاڻي


اسڪول وڃ ٻچڙا
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
صبح سوير، سيءَ ۾ سوڙھو پيو ٿبو ھو. چُلھه تي سانجڻ ڪندي، امڙ چوندي ھُئي؛ ”ابا! ھاڻ اُٿ! ٻيا به سڀ اُٿيا آھن. ھُو ته ڏس، سڀ ٻار اسڪول لاءِ تيار آھن. تون به ٽُڪر ڀور کاءُ! اسڪول وڃ ٻچڙا“.
سياري اونھاري ڪڻڪ جي مانيءَ تي مکڻ جي ڦُٽي ۽ وٽو لسي جو ملندو ھو. ماني کائي، لسي پي، اسڪول وڃبو ھو.
ھر امڙ سياڻي، اڄ به پنھنجي پٽڙي توڙي نياڻيءَ کي، مکڻ ماني کارائي يا نه، پر اھو ضرور چوي؛ ”اسڪول وڃ ٻچڙا“.

Tuesday, February 4, 2020

ھا ھڪ دفعو - آفتاب حسين راڄپر


ھا ھڪ دفعو
فلئش فڪشن
آفتاب حسين راڄپر
هڪ ڌيءُ پنهنجي پيءُ کان پڇيو. “بابا توهان منهنجي لاءِ ڪڏهن رنا آهيو؟!”
پيءُ چيو؛ ”ها! هڪ دفعو”.
ڌيءُ پڇيو؛ ”ڪڏهن بابا؟“
پيءُ ٻڌايو؛ ”جڏهن تون ٽن سالن جي هئين، تڏهن آئون تنهنجي اڳيان ٽي شيون رکي، توکي آزمائي رهيو هئس.
هڪ پين، پنج رپين جو نوٽ ۽ هڪ رانديڪو. اهو ان لاءِ ته مون ڏسڻ پئي چاهيو ته تون وڏي ٿي ڇا ٿيندينءِ. جيڪڏهن پين کڻين ته هوشيار، پئسا کڻين ته دولتمند ٿيڻ چاهيندينءَ ۽ رانديڪو ته خوش مزاجي واري زندگي.“

Monday, February 3, 2020

ڍاڻيءَ جو موت - ممتاز ڪنڀر


ڍاڻيءَ جو موت
مختصر ڪھاڻي
ممتاز ڪنڀر
پوڙهي چئن راتين کان سڪون جي ننڊ نه ڪري سگهي هئي. سندس اکين کان ننڊ رسي وئي هئي. کيس پيڙهياتي غربت ايڏو دل شڪستو نه ڪيو هو، جيترو ڪمپني جي ڏنل الٽيميٽم، جنهن تحت ڊولپمينٽ وارو ڪم ٿيڻ ڪري کين اباڻا ڪک ڇڏڻا هئا. سندس ڪيتريون ئي پيڙهيون، انهيءَ ڍاڻي ۾ گذريون هيون. ڏڪارن سڪارن، لُکن جهولن ۾ سندس زندگي گذري هئي. هوءَ ڪکائين گهر مان، آسمان ۾ بيٺل تارن کي ڏسي سوچي رهي هئي؛

مھجبين - دودو چانڊيو


مھجبين
مختصر ڪھاڻي
دودو چانڊيو
مهجبين، جنهن کي اسين آفيس ۾ مهجي جي نالي سان سڏيندا هئاسين، آفيس ۾ هر روز ۲۰ منٽ دير سان ايندي هئي. منجھند جو آفيس ۾ ڪيترو به ڪم هجي، پر اڌ ڪلاڪ غائب ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن منجھند جو ايترو جلدي آفيس مان نڪرندي هئي جو پنهنجو پرس ۽ موبائيل فون به آفيس ۾ وساري ويندي هئي. اسان جي آفيس جو انچارج، جنهن کي اسان ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ “کڙوس” به چوندا هئاسين، آفيس جي ڪم کان وڌيڪ گھڻو پريشان ان ڳالهه تي هوندو هو ته؛ ’مهجي روز دير ڇو ٿي ڪري ۽ اڪثر منجھند جو کيس اهڙو ڪهڙو ضروري ڪم آهي جو آفيس مان مينهن واءُ ڪري وڃي ٿي.‘ آفيس انچارج سميت اسان ڪافي ڀيرا مهجيءَ کان ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ نٽائي ويندي هئي. اڪثر آفيس ۾ مهجيءَ جي ان عمل تي عجيب غريب تبصرا ٿيندا هئا. ڪو چوندو هو؛ ”ڪنهن سان چڪر اٿس.“ ڪو چوندو هو ته؛ ”گھر ۾ ڪو مسئلو اٿس.“ جيترا هئا وات، اوتريون هونديون هيون ڳالهيون. هوءَ پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ ڇوڪري هئي.