Sunday, April 28, 2019

زندگي ۽ ان جو معراج


زندگي ۽ ان جو معراج

هڪڙو ريٽائرڊ، ٻيو پوڙهو .... رڳو جھڪ .. گھر ٻار سڀ بيزار ..
هر ڳالھ تي ويٺو گهپي ڪيان ۽ ڇڙٻيانِ؛ ”بلب بند ڪيو ...!!“
”پکو اجايو ڇو ٿو هلي؟؟...!! بجليءَ جو بل گھڻو ٿو اچي!“ (ڇو جو ڀرڻو ته مون کي ئي آھي.)
”وھنجڻ جي ڪوٺيءَ جي ٽوٽي ڇو کليل آ؟!؟! ...!!“
”ڇوڪرا اڃا ڇو ستل آهن...!!“ (پاڻ اسر کان وٺي جاڳيل آھيان).
گھر واريءَ کان وٺي ڪم واريءَ تائين سڀ بيزار...

Friday, April 26, 2019

اھميت ۽ عزت - مٺل جسڪاڻي


اھميت ۽ عزت
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
”ھڪ ھڪ ڪري، واري واري سان، ھر ڪم اڪلائي به وٺجي.“ دانائي داڦيندي، اڳتي چيائين؛ ” ڪم جي پوءِ، اھميت ڪھڙي رھندي؟ ڪم ڪرڻ واري جي پوءِ، عزت ڪھڙي ٿيندي؟“

Friday, April 19, 2019

ڪنن وارا ڊاڪٽر ۽ تڪڙي موٽ - مٺل جسڪاڻي


ڪنن وارا ڊاڪٽر ۽ تڪڙي موٽ
مٺل جسڪاڻي
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي. مون عرض ڪيو ته؛ ”ڪنن واري ڪنھن سُٺي ڊاڪٽر جو ڏس ڏيو“. اھو عرض گھٽ، ”اشتھار“ ۽ ”ھوڪو“ وڌيڪ ثابت ٿيو! ان ڪري اھڙي ته تڪڙي موٽ ملي، جنھن جو مون کي ته نه، ڪنھن کي به نه ڪو اندازو ھو، نه ئي ڪنھن جي تصور ۾ به ھو، ته ڪو اھڙي جاندار ۽ شاندار تڪڙي موٽ ملندي!

Thursday, April 18, 2019

اڻ ڄاڻائي - مٺل جسڪاڻي


اڻ ڄاڻائي
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
ھُو پھريون دفعو جڏھن مون سان گڏ ويٺو، ۽ مون کانئس سندس نالو پڇيو، ته حيرانيءَ مان پڇيائين؛ ”اوھان مون کي نه سڃاڻو!“ ۽ پوءِ نالو ٻڌايائين ته مون ڪجھه به خاص محسوس نه ڪيو، ته ان تي به ھُو ويتر حيران ٿيو!
اڄ جڏھن سوا ٻه سال گذري ويا آھن، ته مون کي احساس ٿيو آھي، ته ھُن کي نه سڃاڻڻ، ھُن جي نه، منھنجي اڻ ڄاڻائي آھي.

Saturday, April 6, 2019

ابراهيم - حسيب ڪانهيو


ابراهيم
ڪهاڻي
حسيب ڪانهيو



(هر دور جو نمرود ساڳيو ٿيندو آهي پر هر دور جو ابراهيم ساڳيو نه ٿيندو آهي!)
“اڙي تو اُڏڻي پير جي درگاهه جا پئسا چورايا آهن!” رئيس جمعي خان ڀري اوطاق ۾ چاچي ابراهيم ڏي ڪاوڙ مان نهاريندي چيو.
“نه نه رئيس، مٺي نور جو سُنهن، مون ته ڪڏهن ڪنهنجو ڪک به ڪو نه چورايو!” چاچي ابراهيم ٻنهي هٿن جون پنج پنج آڱريون ملائي پنهنجين ٻنهي اکين تي رکندي چيو.
“اڙي ڪک نه لک چورايو اٿئي!” رئيس دوڏا ڦوٽاريندي چيس؛ “سو به اُڏڻي پير جي درگاهه مان!”