واھ ڙي ڪُئا، تنھنجا
تماشا
مختصر ڪهاڻي
ضراب حيدر
اسين گذريل ڪيترين صدين کان ھڪ
قديم، گهر ۾ رھندا اچون. اُن گهر ۾ اسان جون پيڙھيون گذري ويون، پر اسين اڄ به اُن
گهر جا وارث چوَرائيندا اچون. اسان جو گهر جنت مثل آھي. ھڪ ننڍڙو بھشت آھي، جنھن
کي ٺاھيندا ۽ سنوارايندا رھندا آھيون.
اسان جو گهر ھڪ جهنگ جي وچ ۾
آھي. جنھن ۾ ڪيترا ئي جانور رھندا آھن. پر اسان لاءِ وڏو آزار، سازشي چمڙن، مڇرن ۽
چالاڪ ڪُئن ڪيو آھي. سازشي چمڙا مٿي مٿان لامارا ڏيندي اسان کي ڊڄاريندا ۽
ھيسائيندا رھندا آھن. مڇر اسان جو رتُ چوسيندا آھن ۽ ڪُئن جي مار آھي مال کائڻ،
لُٽڻ ۽ وڃائڻ تي. جنهن ڪري سڀ گهر وارا ڏاڍو بيزار آھيون، مان ته اصل باغي ٿي پيو
آھيان.


