Thursday, October 27, 2022

ھڪ وکري ليکڪ جي ليکن جو ليکو - حميد سومرو

ھڪ وکري ليکڪ جي ليکن جو ليکو

حميد سومرو



“ھاريءَ جو پٽُ” عبدالرحمٰن پيرزادي جو افسانن ۽ نئين چوڻين جو ڪتاب آھي. جنھن کي مارڪيٽ ۽ مفادن جي دنيا ۾ پبلشر جي تلاش آھي. ھن ڪتاب ۾ ۳۴ پتڪڙا افسانا، ۹۳ نيون چوڻيون، ۲۴ ٽي لفظ ڪھاڻي، جڏھن ته ۲۰ ھڪ لفظ ڪھاڻي شامل آھن.

جيئن ته ھر ليک ۾ ليکڪ نه صرف پاڻ شامل ھجي ٿو بلڪ عمومي طور تي ليکڪ ئي پنھنجي ليک ۾ مرڪزي ڪردار ھجي ٿو ايئن ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنھجي ويچارن کي ھر صنف ۾ نروار ڪري بيھاريو آھي.

وڃن سور سنڌا ڪيون - ابراھيم کرل

وڃن سور سنڌا ڪيون

مختصر ڪھاڻي

ابراھيم کرل



مون ويٺي موبائيل تي ميچ پي ڏٺي ته ميسيج جي پٽي اسڪرين تي ھلي غائب ٿي وئي. ميسيج جو نئون اسٽائيل ھو. انگريزيءَ ۾ لکيل ھو ”ھيلو“ ۽ ان جي پٺيان ٻه ٽي اموجيز اسٽيڪر قطار ۾ لڳل ھئا. نمبر مون وٽ سيو ٿيل ڪو نه ھو. رضوان ۽ بابر آئوٽ ٿيا ته مون به آئوٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. بوريت سبب، ھڪ پورو سگريٽ ساڙي مان واش روم ھليو ويس. منھن کي ڇنڊو ھڻي، اچي آرام ڪرسيءَ تي ويٺس. چانھ پي چڪو ھئس. ڪا ڳالھ سمجھ ۾ ڪو نه پي آئي ته ھاڻي ويھي ڇا ڪندس؟ موبائيل ھٿ ۾ کنيم ته وري ميسيج بيل وڳي. اسڪرين کوليم ته انباڪس جي مٿان ٽن ميسيجن اچڻ جو انگ موجود ھو. انباڪس کي کوليم ته ٽئي ميسيج، ھڪ ئي نمبر تان آيل ھئا. پڙھڻ لاءِ جيئن ئي ڪلڪ ڪيم ته پھريون ميسيج اھو ساڳيو ھيو جنھن تي ھيلو جي پٺيان اسٽيڪرن جي قطار ھئي.

ٻئي ميسيج ۾ ھيو ته؛ ”ڪيا يه نمبر ڪسي بوڙھي آدمي ڪا ھي؟!“

ٽيون ميسيج سنڌيءَ ۾ ھو ته ”وڃي کڏ ۾ پئو!“

Wednesday, October 19, 2022

وڻ - عبدالڪريم چنا

وڻ

عبدالڪريم چنا



ناصحاڻو ادب didactic literature جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي ٿو. ايسوپ جي آکاڻين مان نصيحتن، هدايتن ۽ ڏاهپ جا ڏس ملن ٿا. سندس ڪهاڻيون اڄ تائين ٻارن توڙي ٻڍڙن ۾ هڪجهڙيون مقبول آهن. مولانا روميءَ جي مثنوي به نصيحتن، هدايتن ۽ سبق آموز حڪايتن سان ڀريل آهي. زمانا بدلجندا رهيا پر نصيحتن ۽ هدايتن کي انداز ۽ اسلوب مٽائي پيش ڪرڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. سنڌ جي لوڪ ادب جون آکاڻيون ۽ قصا به نصيحتي ادب سان ڀريل آهن. هي آکاڻيون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون اهي جن ۾ انساني ڪردارن وسيلي درس، نصيحت ۽ هدايت ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل آهي اهڙين ڪهاڻين کي نقل/پهاڪو/ٽوٽڪو Parable چئبو آهي. ٻئي قسم ۾ وري جانورن، پکين، ٻوٽن، وڻن، جيت جڻن ۽ بيجان شين کي انسانن جيان ڪردار بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي، اهڙين ڪهاڻين کي آکاڻي/قصو Fable چئبو آهي. هن قسم جي ڪهاڻين ۾ جانورن، پکين، جيتن ۽ بيجان شين کي انسان جيان احساس، زبان ۽ سمجھ عطا ڪئي ويندي آهي، ان قسم جي حرفت کي Personification چئبو آهي. هي حرفت Parable جو اهم اوزار tool آهي. جڏهن ته استعارو، علامت نگاري ۽ تمثيل Metaphor, Allegory and Symbolism آکاڻي ۽ ٽوٽڪو Parable and Fable جا اهم اوزار آهن. اهو ذهن ۾ هجي ته آکاڻي ۽ ٽوٽڪو جون هي حرفتون نثر توڙي شاعري ٻنهي ۾ استعمال ٿينديون آهن.

Sunday, October 16, 2022

پڙاڏو سو ئي سڏ - محبوب سنڌي

پڙاڏو سو ئي سڏ!

محبوب سنڌي



“مردم ولايت سند... هر گز شبي از ترس ميرزا محمد باقي بفراغت نرفه بود...”

ترخان نامي: جو منصف لکي ٿو ته؛ ”سنڌ جا ماڻهو مرزا باقيءَ جي دور ۾ هڪڙي رات به سک سان نه ستا”... جئين ئي ارغوني دوُر جي بربريت پڇاڙي ڏانهن ڌڪجڻ لڳي ته ترخاني دوُر جي شروعات ئي مرزا باقي جي ظلم جي انتها سان ٿئي ٿي. جنهن جي اونداهي تاريخ الائي ته ڪيترن ئي سنڌي جوڌن، جوانن، ٻاگهلن ۽ عالمن، اديبن جي بيگناھ رت سان لکيل ملي ٿي. هيءُ هڪ اهڙو غلامي وارو دوُر هو، جيڪو ڄام نظام الدين سمون جي وفات کان پوءِ ستت ئي ڄام فيروز جي نااهل پاليسن جي ڪري سنڌي ماڻهن کي ڏسڻو پيو. سراج جي اها هڪ وڏي وٿ آهي، جو هن ارغوني، ترخاني دور کان پوءِ مغلن جي شروعاتي دور تائين رهزني جي کوڙ سارن منظرن جي عڪاسي سان گڏ سنڌ جي دلير پٽن جو پاڻ ملهائڻ وارن انيڪ مثالن کي پڻ پنهنجي هن ناول “پڙاڏو سو ئي سڏ” جي ڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي. سراج جو هيءُ ناول سنڌ جي ڪلاسيڪل ناولن ۾ پنهنجي هڪ جداگانه اهميت رکي ٿو.

Saturday, October 15, 2022

وبا، استنبول ۽ پاموڪ جو ناول - ڪليم ٻٽ

وبا، استنبول ۽ پاموڪ جو ناول

ڪليم ٻٽ



انسان پنهنجي لڳ ڀڳ ست هزار سالن جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي المين، آفتن، جنگين ۽ وبائن کي منهن ڏيندو آيو آهي. جنهن جي ڪري ڪيترائي انساني نسل تباهه ٿي ويا. نه رڳو انساني نسل پر ٻي آبي ۽ غير آبي جيوت پڻ تباهه ٿيندي رهي آهي.

Sunday, October 9, 2022

ململ جو چولو - عثمان علي انصاري

ململ جو چولو

(مختصر ڪھاڻي)

عثمان علي انصاري



“مون اها شادي پنهنجي پسنديءَ تي ته ڪا نه ڪئي هئي!” انور پنهنجي شرمساري لڪائيندي منهن هيٺ ڪري چيو. جنهن تي سندس ٻين دوستن جي ترجماني ڪندي قاضيءَ چيو، “بهتر ٿئي ها جو هن پوئينءَ بيمروتيءَ کان شروعات ۾ شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏين ها. آخر قبوليت ته تو کان ورتي هوندائون: انهيءَ وقت ڇو ڪين ٿي چيئه ته هيءَ ڇوڪري منهنجي پسنديءَ جي نه آهي، تنهنڪري آءٌ قبول نٿو ڪريان؟ ڪين انهيءَ زماني ۾ ڇاڪاڻ ته پاڻ فقط پندرهن رپين ڪمائڻ وارو هڪ ناڪارو شخص هئين، تنهنڪري زبيده سان شادي ڪندي تو پاڻ کي ڪس نٿي سمجهي، ۽ هينئر جڏهن وڏا امتحان ڏيئي آفيسري هٿ ڪئي اٿيئي ته سمجهين ٿو ته زبيده تنهنجي شان وٽان نه آهي!”

محمد موچيءَ جو حج - غلام رباني

محمد موچيءَ جو حج

وڏن کان ٻڌل ڳالھ

غلام رباني آگرو



ڳالھ ڪندا آهن ته گهڻا گهڻا سال اڳي، شام ملڪ جي دمشق نالي شهر ۾، محمد نالي هڪ موچي هو، جو پنهنجي سٺي سُڀاءَ ۽ مهمان نوازيءَ سببان سڄي شهر ۾ مشهور هو. انهيءَ موچيءَ جي پاڙي ۾ هڪڙو شاهوڪار رهندو هو، جو وري پنهنجي ڌن دولت ۽ بخيليءَ سببان شهر ۾ مشهور هو.

Saturday, October 8, 2022

ڪھاڻين جا ترڪيبي جُزا ۽ منفرد آرٽُ - مھاڳ - خليق ٻگهيو

ڪھاڻين جا ترڪيبي جُزا ۽ منفرد آرٽُ

(مھاڳ)

خليق ٻگهيو



جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي تخليقي سفر ۾ ترڪيبي جُزن سان سرشار، ڪردارن جي پيرائتي ۽ جدلياتي بدلاءَ وارين ڪھاڻين جي ڳولا ڪريون تہ اسان کي چند ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون اُھو سُڀاءُ بخشي سگهڻ جي قابل نظر اينديون. اھڙن ڪھاڻيڪارن کي دانش ۽ فلسفي توڙي ھنر منديءَ جي جدت پسنديءَ ۽ عالمگير رجحانن جي عڪاسي ڪندڙ ادبي سندون ڀلي نہ بہ ڏجن، پر اھڙا ڪھاڻيڪارَ پنھنجي سماج جي ھر دَور جي نبض شناسائي ڪندي نظر اچن ٿا. سندن مشاھدو تُز ٺھڪندڙ ۽ گھرو ٿئي ٿو. سندن ڪردار سماج جي رت ۾ شامل رھن ٿا. اهي انساني روين جي اتھاس ترتيب ڏيڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا. انور ڪليم به جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي تخليقي سفر جو ھڪ اھڙو پانڌي-ڪھاڻيڪار آھي، جنھن وٽ ڪھاڻي سرجڻ جو ھڪ الڳ آرٽ آھي. سندس ڪھاڻيون اڃا وقت جي تيز وھڪري ۾ نہ لڙھيون آھن ۽ نہ وري قدرن جي ڌوڙ اڏائيندڙ منفي رويا سندس ڪھاڻين جي اھميت ۽ افاديت کان اڃا تائين انڪاري ٿي سگهيا آھن. سندس ڪھاڻين جون روشنيون منفي ذھنن کي سوجهري ڏانھن وٺي وڃڻ جو سَت سارين ٿيون. سماج جي عام ماحول مان سچيون سپيون ڳولن ٿيون ۽ پڇاڙَ جي سِٽن ۾ پڙھندڙن مان ڇرڪ ڪڍي وجهن ٿيون. ھُو پنھنجي سماج جي عام ماڻهن، عام مسئلن، عام ڏڪارن، عام سُڪارن عام ڏکن ۽ عام سُکن جو ڪھاڻيڪار آھي. سندس تخليقيت ۾ ڪردار گهڻي پيچيدگيءَ جا ھيراڪ نه آھن، پر جيون جي نفسياتي، سماجي، نفسياتي معاشي ۽ ثقافتي تسڪين جا ھيراڪ آھن. سندس اُھي عام ڪردار، ڪجهہ غير معمولي ڪارنامو سر انجام نٿا ڏين، پر فرديت کان اجتماعيت ۾ جذب ٿيڻ جي ٽيڪنڪ رکن ٿا. زندگيءَ جي مسرتن کان عاري، سندس ڪردارَ ڪنھن نہ ڪنھن طرح سان سڦلتائن ۽ اميدن جا تاڃي پيٽا اُڻيندي ٿڪجن نٿا. سندس ڪھاڻين جا ڪردار، زندگيءَ جي نااميدي تي بيھندي بہ نئين سج اڀرڻ جا تمنائي بڻيل آھن. جيڪڏھن ٻوليءَ جي سھنجائي، گهاڙيٽي جي سادگي، عنوانن سان ٺھڪندڙ ڪلائيمڪس ۽ سنڌي سماج جو آئيني ڏسڻ جي حسرت ھجي يا ڪردارن جي ڀوڳنائن جو جلد ذائقو چَکڻو ھُجي ته انور ڪليم جون ڪھاڻيون پڙھي ڏِسجن. انور ڪليم جو ھيءُ ڪھاڻي-مجموعو ”۳۲“ سندس پھريون ڪھاڻي-مجموعو آھي، جيڪو پڙھندڙن جي منشا موجب، ٻئين ايڊيشن ۾ آيو آھي. انهيءَ کان پوءِ سندس ٻيون ڪھاڻي-مجموعو ”بوءِ“ به ادبي حلقن ۾ اھم سمجهيو ويو آھي. ھاڻي ناول ”واپسي“ ۽ ”رجيم“ ناول پڻ سندس تخليقي سڃاڻپ ٿي بيٺا آھن. ھِن ڪھاڻي-مجموعي ۾ گھڻيون ڪھاڻيون پڙھڻ وٽان آھن. اڪثر ائين ٿئي ٿو ته ڪيترن ئي ڪھاڻي-مجموعن ۾ ويھن ڪھاڻين مان ھڪ يا ٻن کان ويندي بمشڪل چار معياري ڪھاڻيون ملن ٿيون. باقي ڪھاڻيون پڙھندڙ جو وقت ضايع ڪريو وجهن. انور جي ھِنن ڪھاڻين جي اندر وڃون ٿا تہ ٽيڪنڪ، ٻوليءَ، اسلوب توڙي گهاڙيٽي جي لحاظ کان سندس اڪثر ڪھاڻيون متاثر ڪندڙ ثابت ٿين ٿيون. مثال طور، تي سندس ڪھاڻين ۾ ڪِٿي ڪِٿي مزاح جي حِس نھايت دلفريب انداز ۾ آھي. مزاح مزاح ۾ ھُو دردن کي اُکولڻ جو فن ڄاڻي ٿو. ھُن وٽ سُورن جا تاڪيا کُولڻ جو آرٽُ آھي. سندس ڪھاڻيون لفظي اِشارن ۾ پيرائتو سفر ڪن ٿيون. ڪٿي ڪٿي لفظي نشانن سان سندس ڪھاڻين ۾ اڳ ڏنل اھڃاڻ Fore Shadows آھن. سندس ڪھاڻي”ڳاڙھا دٻا“ ۾ پُٽ جا مڪالما فور شيڊوئنگ ڏيندڙ آھن. Foreshadowing ھڪ اھڙي ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنڪ آھي، جنھن کي ڪھاڻيءَ جو مُکيہ جُزو Component پڻ سَڏبو آھي. فورشيڊوئنگ نہ صرف ڪھاڻيءَ ۾ پڙھندڙ لاءِ تجسس جنمي ٿو. پر پڙھندڙ جي اندر ۾ ھڪ تخليقي تمنا جاڳائي ٿو تہ ڪھاڻيءَ ۾ اڳتي ھلي ڇا ٿو ٿئي؟ پڙھندڙ وٽ شوق جاڳي پوي ٿو ته ڏِسجي ڪھاڻيءَ جا ڪردار ڇا ٿا ڪن؟ انور جي ھِن ڪھاڻيءَ ” ڳاڙھا دٻا “ جا شروعاتي مڪالما خود-ڪلاميءَ جي صُورت گَري ڪندي، فورشيڊوئنگ طور آيا آھن، جيڪي پڙھندڙ ۾ ڪردارن ڏانھن دلچسپي پيدا ڪن ٿا. اِشاراتي طور پڙھندڙ کي ائين محسوس ڪرائن ٿا تہ ڪجهه نہ ڪجهه عجيب ۽ غريب ٿيڻ وارو آھي. ! پاٺڪ ڪھاڻي پڙھڻ دوران ائين محسوس ڪري ٿو تہ ڪردارن جي عملن وسيلي ھنن لفظن تائين جيڪي ڪجهه ظاھر ٿيو آھي، سو اصل ۾ ائين نہ پر اڳتي ھلي ڪجهه مختلف آھي. اِھڙيءَ طرح پڙھندڙ، ڪھاڻيءَ کي آخري لفظن تائين تجسس سان پڙھي وٺي ٿو. بحيثيت ڪھاڻيڪارَ اھا سندس فني ھُنرمندي آھي. مثال طور ھِن ڪھاڻيءَ جا ڪي مڪالما ھِن طرح آھن، جيڪي پڙھندڙ کي ڪھاڻيءَ جي ايندڙ مرحلي ڏانهن اشارو ڪندي ورق اٿلائڻ تي پڻ آماده ڪن ٿا:

Friday, October 7, 2022

اڌڙ - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اڌڙ

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سڀئي کيس ”اڌڙ“ ڪري سڏيندا ھيا. پورو ڇا، منو ڇا، بس اڌڙ. قد جو بندرو جو ھيو. خبر ناھي ڪنھن نالو رکيو ھيس. ماءُ پيءُ ھجنس ھا ته انھن کان پڇون ھا. جڏھن کان سانڀر سان ٿيو آھي، اھو ئي نالو ٻڌو ھيائين ۽ اھو به نه ته ڪو ڪڏھن کيس ڏک به ٿيو ھجي. ھر وقت پنھنجي موج ۾ رھندو ھيو.

گدري واري چيس؛ ”اڌڙ! ٿورو دڪان کي ڏسجانءِ مان ماني کائي ٿو اچان.“ ۽ اڌڙ ڏاڍي مزي سان ڏنڊي ھٿ ۾ ڪيون ويھي رھندو ۽ ھوڪا پيو ڏيندو؛ ”اچو! اچو! مصريءَ جون تڙون آھن!“