Showing posts with label ھڪ وکري ليکڪ جي ليکن جو ليکو، حميد سومرو، ھاريءَ جو پٽُ، عبدالرحمٰن پيرزادو،. Show all posts
Showing posts with label ھڪ وکري ليکڪ جي ليکن جو ليکو، حميد سومرو، ھاريءَ جو پٽُ، عبدالرحمٰن پيرزادو،. Show all posts

Thursday, October 27, 2022

ھڪ وکري ليکڪ جي ليکن جو ليکو - حميد سومرو

ھڪ وکري ليکڪ جي ليکن جو ليکو

حميد سومرو

“ھاريءَ جو پٽُ” عبدالرحمٰن پيرزادي جو افسانن ۽ نئين چوڻين جو ڪتاب آھي. جنھن کي مارڪيٽ ۽ مفادن جي دنيا ۾ پبلشر جي تلاش آھي. ھن ڪتاب ۾ ۳۴ پتڪڙا افسانا، ۹۳ نيون چوڻيون، ۲۴ ٽي لفظ ڪھاڻي، جڏھن ته ۲۰ ھڪ لفظ ڪھاڻي شامل آھن.

جيئن ته ھر ليک ۾ ليکڪ نه صرف پاڻ شامل ھجي ٿو بلڪ عمومي طور تي ليکڪ ئي پنھنجي ليک ۾ مرڪزي ڪردار ھجي ٿو ايئن ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنھجي ويچارن کي ھر صنف ۾ نروار ڪري بيھاريو آھي.