Saturday, March 28, 2026

اسٽيٽس - حبدار جاگيراڻي

اسٽيٽس

(مختصر ڪهاڻي)

حبدار جاگيراڻي


صبح جو اڃا فجر جي اذان هوا ۾ ترندي پئي وئي، نسرين رڌڻي ۾ اڪيلي بيٺي هئي. رڌڻو ڪو وڏو نه هو؛ ٻه قدم کڻ ته چلهه، ٽيون قدم کڻ ته اٽي جو رکيل دٻو، ۽ چوٿين تي اسٽيل جا ٿانو، جيڪي کڙڪندي گھر جي تنگ-دستيءَ جو راز فاش ڪرڻ لڳا هئا. ڀت جي ڪنڊ تي ڪارا ٿيل تيل جا داغ هئا. نسرين چلهه تي پتيلي ۾ چانهه اوٻاري ٿي، پر کير گهٽ هئڻ ڪري مٿس رڳو هلڪو ڦوڳ پئي ٺهيو. نسرين اٽي جي دٻي جو ڍڪ کولي آڱريون اندر وڌيون؛ تري ۾ بس ايترو اٽو هو، جيترو ماڻهو هٿن مان وهندڙ وقت کي روڪي سگهي.

Wednesday, March 25, 2026

ڪهاڻيڪار عمران حفيظ ڳنڀير جي ڪتاب ”سڀاڳي“ جو اڀياس ساجد مسڻ

ڪهاڻيڪار عمران حفيظ ڳنڀير جي ڪتاب ”سڀاڳي“ جو اڀياس

ساجد مسڻ



عمران حفيظ ڳنڀير جو ڳاڻيٽو سنڌ جي اهڙن ڀلوڙ ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو جيڪي سماج کي نت نون لاڙن، مثبت ۽ موثر طريقي سان تبديل ڪرڻ جا خواهشمند آهن عمران حفيظ ڳنڀير شروع کان ئي اهڙن موضوعن جي چونڊ ڪئي آهي جن ۾ سماجي ناانصافي، ظلم، بربريت، ڏاڍ، پنهنجا نوازي، ميرٽ جي لتاڙ، احساسن، جذبن، براين توڙي محرومين کي شامل ڪيو آهي.

Tuesday, March 3, 2026

ڳچيءَ پائي هارُ - عبيد راشدي

ڳچيءَ پائي هارُ

(مختصر ڪهاڻي)

عبيد راشدي


ھونئن ته مس رعنا کي پنھنجي زندگي ڪراچي شھر جي ٽرئفڪ جھڙي منجهيل ۽ گدلي محسوس ٿيندي ھئي، سچ ته ھوءَ جڏھن صبح جي پي اي سي ايڇ سوسائٽي مان ڪار ڊرائيو ڪندي صدر ٽائون جي ھڪ معياري گرامر اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ ويندي ھئي ته پراڻي نمائش محمد علي جناح روڊ جي ٽرئفڪ جو گوڙ ۽ گاڏين جي سيلينسرس مان نڪرندڙ دونهون پنھنجي زندگي جھڙو ڪڙو محسوس ٿيندو ھئس. سندس ننڍڙي آلٽو ڪار وڏين ڪارن ۽ بسن جي وچ ۾ بي امان ۽ جيتامڙي لڳندي ھئي. پر اڄ جڏھن ھن معمول جيان سوسائٽيءَ جي ساڳي ٽرئفڪ مان ڪار ڊرائيو پئي ڪئي ته ڏاڍيrelax هئي. بلڪه ھيڏي ڳُتيل ٽرئفڪ ۾ ڊرائيونگ مکڻ مان وار ڪڍڻ جيان پئي لڳس. آخر ڪالھه سندسclose friend مس فيروزه کيس ويساھ ڏياريندي پروپوزل جي حقيقت ٻڌائي ھئي ته پھرئين ته کيس اعتبار ئي نه پئي آيو، ڇو ته سندس زندگيءَ ۾ ڪيئي رشتا آيا ۽ خواب خيال ٿي ويا، پر پوءِ جڏھن مس فيروزه کيس پڪ ڏياري ته خوشيءَ مان ماپي نٿي. ھونئن صبح صبح سان سندس گھر جي ڏاڪڻ تي جھوليندڙ بوگن ولا جي ول ۾ جھرڪين ۽ بلبلن جو چھچٽو کيس وڻيو ٿي. مس رعنا جناح روڊ کان ايمپريس مارڪيٽ وڃڻ وارا سگنل کليل ڏسي ڪار ڪجھه اھڙي تيزيءَ سان ڪڍي جو سگنل تي بيٺل ٽرئفڪ سپاھيءَ ۽ اسڪول جي گيٽ ڪيپر کيس حيرت وچان ڏٺو. اسڪول جي پارڪ اڳيان ڪار پارڪ ڪندي ھن پھرئين شولڊر بئگ ڪلھي ۾ ڪيو. پارڪ مان تازا گل سندس نيڻن آڏو جھوميا ته ھڪ وار انھن منجھان ھڪ گلاب پٽي زلفن ۾ سَجائڻ لاءِ سوچيو، پر پوءِ اسڪول جي رُوڊ پرنسپال جو چھرو ياد ڪري پاڻ تي ضبط ڪيائين ۽ عادت موجب ٿڌو ساھ کڻي گرائونڊ طرف وک وڌايائين. اڄ سندس وک ۾ لاڏ ھو، ڊيل جي چال ھئي.