Tuesday, March 3, 2026

ڳچيءَ پائي هارُ - عبيد راشدي

ڳچيءَ پائي هارُ

(مختصر ڪهاڻي)

عبيد راشدي


ھونئن ته مس رعنا کي پنھنجي زندگي ڪراچي شھر جي ٽرئفڪ جھڙي منجهيل ۽ گدلي محسوس ٿيندي ھئي، سچ ته ھوءَ جڏھن صبح جي پي اي سي ايڇ سوسائٽي مان ڪار ڊرائيو ڪندي صدر ٽائون جي ھڪ معياري گرامر اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ ويندي ھئي ته پراڻي نمائش محمد علي جناح روڊ جي ٽرئفڪ جو گوڙ ۽ گاڏين جي سيلينسرس مان نڪرندڙ دونهون پنھنجي زندگي جھڙو ڪڙو محسوس ٿيندو ھئس. سندس ننڍڙي آلٽو ڪار وڏين ڪارن ۽ بسن جي وچ ۾ بي امان ۽ جيتامڙي لڳندي ھئي. پر اڄ جڏھن ھن معمول جيان سوسائٽيءَ جي ساڳي ٽرئفڪ مان ڪار ڊرائيو پئي ڪئي ته ڏاڍيrelax هئي. بلڪه ھيڏي ڳُتيل ٽرئفڪ ۾ ڊرائيونگ مکڻ مان وار ڪڍڻ جيان پئي لڳس. آخر ڪالھه سندسclose friend مس فيروزه کيس ويساھ ڏياريندي پروپوزل جي حقيقت ٻڌائي ھئي ته پھرئين ته کيس اعتبار ئي نه پئي آيو، ڇو ته سندس زندگيءَ ۾ ڪيئي رشتا آيا ۽ خواب خيال ٿي ويا، پر پوءِ جڏھن مس فيروزه کيس پڪ ڏياري ته خوشيءَ مان ماپي نٿي. ھونئن صبح صبح سان سندس گھر جي ڏاڪڻ تي جھوليندڙ بوگن ولا جي ول ۾ جھرڪين ۽ بلبلن جو چھچٽو کيس وڻيو ٿي. مس رعنا جناح روڊ کان ايمپريس مارڪيٽ وڃڻ وارا سگنل کليل ڏسي ڪار ڪجھه اھڙي تيزيءَ سان ڪڍي جو سگنل تي بيٺل ٽرئفڪ سپاھيءَ ۽ اسڪول جي گيٽ ڪيپر کيس حيرت وچان ڏٺو. اسڪول جي پارڪ اڳيان ڪار پارڪ ڪندي ھن پھرئين شولڊر بئگ ڪلھي ۾ ڪيو. پارڪ مان تازا گل سندس نيڻن آڏو جھوميا ته ھڪ وار انھن منجھان ھڪ گلاب پٽي زلفن ۾ سَجائڻ لاءِ سوچيو، پر پوءِ اسڪول جي رُوڊ پرنسپال جو چھرو ياد ڪري پاڻ تي ضبط ڪيائين ۽ عادت موجب ٿڌو ساھ کڻي گرائونڊ طرف وک وڌايائين. اڄ سندس وک ۾ لاڏ ھو، ڊيل جي چال ھئي.


اسيمبلي جو بيل لڳي چڪو ھو. اسڪول جا ٻارڙا يونيفارم ۾ مئڊمن آڏو بيٺل ھئا. ھن پري کان مس فيروزه کي ڏسي فلائنگ ڪِس ڪرڻ چاھي، پر اسٽاف جو خيال ايندي خاموش بيھي رھي. ھونئن رُوڊ پرنسپال جو مک کيس ڏٺي ڪونه وڻندو ھئس، پر اڄ پرنسپال صاحبه جو مک به کيسgraceful پئي لڳو. ھيڏي وڏي نالي وارو اسڪول ۾ ڪيتريون ئي مئڊمون ھيون، سڀني سان ھيلو ھاءِ ھئس، پر مس فيروزه سان ته سندس عجيب قرب ھو! ھن سان سندس روح رُچنديون ھيون.

اسڪول قومي تراني جي بئنڊ سان گونجڻ لڳو. اسيمبلي بعد مئڊمون پنھنجن پنھنجن ڪلاسن ڏانھن وکون کڻڻ لڳيون.

مس رعنا.

جي مس سونا!

مس رعنا کي سندس ويجھي سرتيءَ مس فيروزه ھيلو ته ڪئي ھئي، پر ھن کيس فيروزه بجاءِ ‘سونا’ پڪاريو.

آئون سونا...!

مس فيروزه مختصر چئي لھر لھر وکرڻ لڳي.

آئون ته وقت جي بٺي ۾ ڳري ويندڙ نه سون نه چاندي...

آئون ته زنگ ھاڻو تالو. منھنجو وجود ته اڪيلائي جي چلھي تي چڙھيل ڪا فرائنگ پين...! ظاھر ۾ ھو مرڪي پئي، پر سندس مرڪ جي ڪڙاڻ کي مس رعنا کان سواءِ ٻيو ڪوبه پروڙڻ وارو نه ھو. نه اسڪول ۾، نه ڪراچي جي جھنگ ۾.

مس رعنا مس فيروزه جي بنهه ويجھو ٿي سندس ھٿ پڪڙي ڪجھه اورڻ ٿي چاھيو، پر پريان رُوڊ قسم جي پرنسپال کي ايندي ڏسي پنھنجن پنھنجن ڪلاسن ۾ ھليون ويون.

مس رعنا اڄ بيخوديءَ مان ڪلاس ٿي ورتا. ھونئن انگلش ڪمپوزيشن ۽ مئٿس پڙهائيندي لھجو خشڪ ھوندو ھئس، پر اڄ ڪلاس وٺندي پنھنجو لھجو ڪيٽس ۽ شيلي جي شاعريءَ جھڙو نرم ٿي محسوس ٿيس، جنھن جو نوٽيس ٻارڙن به ورتو.

اسڪول ۾ بريڪ ٿي چڪي ھئي. سڀ ٽيچرس ڪامن روم ۾ ويٺل ھيون. مس رعنا ۽ مس فيروزه سڀني کان بي تعلق سُرٻاٽ ٿي ڪيا. اڪثر اسٽاف ميمبر ھنن جي پاڻ ۾ حد کان وڌيڪ بي تڪلفي ڏسي آڱريون کڻنديون ھيون، ڪن مئڊمن ته کين Lesbian ٿي سڏيو.

الحبيب جوئيلرس تي وئي ھئس

مس فيروزه ايلفيءَ جي مشھور جوئيلر جو نالو کنيو. مس رعنا عام عورتن وانگر جولري جو ٻڌي اتاولي ٿي پڇيو.

ڪو سيٽ ورتئي يا آرڊر ڏنئي؟

۽ پنھنجن ٻانھن ۾ پاتل سوني ڪنگڻ تي آڱريون ڦيرڻ لڳي.

عورت جي فطرت ۾ شامل ھوندو آھي ته جولري جو ٻڌي يا ڏسي حسرت جاڳي پوندي اٿس. عورت ذات آھي به حسرتن ۽ ارمانن جي تيز ڌار ندي! ھو پڙھيل لکيل ھجي يا عام گھرن ۾ ڪم ڪار ڪندڙ ڪا پورھيت، ھر چمڪدار ڌاتو کي پرکڻ بنا ھرکي پوندي آھي. ھو ته ارمانن ۽ حسرتن جي ھوائن ۾ اڏرندڙ ڪاغذ جھڙي ھوندي آھي، کيس دير سان خبر پوندي آھي ته حسرتن جي ھوا ٿيندي آھي چوماسي، آخر ھو ڪٿي به balance نه ٿي سگھندي آھي. بس حالتن سان مٺي ماٺ ۾ ٺاھ ڪريو ڇڏي.

ڪزن سان وئي ھئس، پنھنجي لاءِ چوڙين جو سيٽ پسند ڪري آئي آھيان. ايمان سان تنھنجين ڀورين ٻانھن ۾ ڏاڍيون سونھنديون

مس فيروزه چيو.

مس رعنا جيڪا ڪنھن خيال ۾ گم ھئي جيستائين ڪو جواب ڏئي، ان کان اڳ مس فيروزه کيس اک ھڻندي ڳالھايو،

ٻانھون ته ڇا پيرن کان وٺي سينڌ تائين سب جوئيلري تنھنجي.

مس رعنا اڻ لکو ٿڌو ساھ کڻي پنھنجي سرتيءَ کي عجيب نظرن سان ڏٺو ۽ کيس چيو،

ھينئر ته وٺڻ جي پوزيشن ۾ ناھيان، ممي جي بيماري تي اسڪول ۽ ٽيوشن جو پئسو خرچ ٿيو وڃي.

آنٽي کي بيمار به تو ڪيو آھي.

مس فيروزه ڳالھايو ته ڌيمو، پر سندس آواز پريان صوفا تي ويٺل مئڊمن جي سرلن ڪنن ۾ وڃي پيو. ھو کيس ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري پنھنجي ڪچهري ۾ لڳي رھيون. اسڪول جي ڊگھي ورانڊي ۽ گرائونڊ ۾ يونيفارم پھريل چنڊ ۽ ستارن جھڙا ٻارڙا ڏاڍي بي فڪري ۽ لاڏ ڪوڏ مان گھميا ڦريا ٿي.

ممي کي مون بيمار ڪيو آھي؟ مما کانسواءِ منھنجو ڪير آھي؟

ڪنوارو اولاد، خاص ڪري نياڻڪي ڌڻ جي وڌندڙ عمر مائٽ کي بيمار لاچار ڪريو ڇڏي.

مس رعنا ايڏي وڏي عمر ۾ به ڪانه ھئي، وڌ ۾ وڌ ليٽ ٽوئينٽيز، پر نياڻڪو ڌڻ ڄڻ مائٽن لاءِ سورن جو سامان.

ايئن به ڪونه ھو ته ڪو مس رعنا جي زندگيءَ ۾ ڪو ڪڪر نه گڙيو ھجي. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ ڪيئي  Boyfriendsآيا، پر اھي به مندائتا ڪڪر، جھڙا وسيا تھڙا نه، اھي به الائجي ڪھڙن ڪنڊن ۾ وڃي لڪي آسائتا ٿيا!

ڪراچيءَ جي روڊن رستن تي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موڪل جو ٽائيم ٿيڻ جي ڪري ڪجھه وڌيڪ رش ٿيڻ لڳي ھئي.

مس رعنا ۽ مس فيروزه گھر وڃڻ بجاءِ بوٽ بيسنKFC تي وڃي ويٺيون. ڪي ايف سي KFC تي ڪي Teenager به ھئا ته فيمليز به. ھو آرڊر ڏيڻ بجاءِ ڊيل چال ٽلنديون ڪنڊائتي ٽيبل تي وڃي ويٺيون. ڀر واري ٽيبل تي ڪو ڳڀرو جوڙو ڏاڍي بي نيازيءَ سان برگر سان گڏ اکين اکين ۾ واعدن اقرارن کي به نھايت ڏاھپ سان ھضم ڪري رھيو ھو.

اھو وقت زندگي ۾ خوابن جيان گھڙي پل اچي نه وسرندڙ خواب ٿيو وڃي.

الائجي مس فيروزه جي زبان جو گفتو ھو يا احساس جو سرٻاٽ.

ديوانگي سرءُ جي مند، سياري جي سج سمان، پر ھميشه نيڻن ۾.

مس رعنا جي احساسن اظھار کانسواءِ شاھدي ٿي ڏني.

مس رعنا عادت موجب ٿڌو ساھ ڀريو. ساھن جي ڏور ۾ سدا ياد رھندڙ اھو Cupid ڏوريل ھئس. جو جڏھن به سنڌ جي ننڍڙي شھر مان ڪراچي موٽندو ھو ته واٽ ۾ ايندڙ ثقافتي شھر مان سُوسي، ڀرت ڀريا گج ۽ اتان جو خاص مائي جو تحفو ضرور کڻي ايندو ھئس.

مس فيروزه آرڊر کڻڻ لاءِ اٿي ۽ گھڙي کن ۾ ڪائونٽر تان ڀريل ٽري کڻي اچي ٽيبل تي رکي. ھو ٽشو ھٿ ۾ ڪري برگر سان گڏ پيپسي مان سپ ڀرڻ لڳيون.

الحبيب جوئيلر تي چوڙين ۽ دھري جو سيٽ پيو ھو، قسم سان توتي ڏاڍو سونھندو.

 I mean beauty does not need ornaments

مس فيروزه پيپسي ٽيبل تي رکي مس رعنا جي ڀوري ٻانھن ۾ پيل ڪنگڻ تي ھٿ لائيندي چيو.

 I can’t afford

You can... Even you can afford the whole of the jewelry shop

مس فيروزه ڪجھه ڏاڍيان وراڻيو ته نه رڳو مس رعنا کيس حيرت گاڏڙ پيار مان گھوريو، پر ڀر واري ٽيبل تي ويٺلTeenage جوڙي به کين مرڪي ڏٺو. ٻاھر بوٽ بيسن جي رستي تي ڊوڙندڙ ٽرئفڪ جي عڪس ٽنٽيڊ شيشي مان ھنن تي ليئا ٿي پاتا.

تون ڪرسمس وارن ڏينھن ۾ الحبيب جوئيلرس تي مون سان ھلي ھئينءَ نه. آئون نه رڳو ھنن جي ڪسٽمر آھيان، پر اسان جا فيملي ٽرمس به آھن. اڳئين ڀيري آئون پنھنجي لاھوري ڪزن سان وئي ھئس، جوئيلر جي وچين پٽ ور ور تنھنجو پڇيو پئي.

مس فيروزه ڄڻ سرپرائزنگ گفٽ پيڪ جي ربن کولي ڇڏي.

منھنجو...!؟

مس رعنا خاموشي جي رڻ ۾ ڀٽڪندي سسئيءَ وارو سڏڪو ڀريو. چپن جي اوٽ ۾ زندگي جي ھيڪلائين ۽ چڙھندڙ وھي جو ماتم ھئس. سندس زندگي ۾ ڪيئي پروپوزلس آيا جي وقت جي بي حس ھٿن ۾ مروٽجي ڪنھن ٽشو پيپر جيان حالتن جي ڊسٽ بن جي نذر ٿي ويا ھئا. پر پوءِ به الائجي ڇو ڪنھن آسري سنيھي جي اوسيئڙي ۾ ھوندي ھئي. ھونئن به ھوءَ Optimistic هئي. فطرتن ائين ھئي يا پوڙھي بيمار ماءُ جي خيال کان ھوءَ نا آسودين حالتن سان جھڙيندي ٿي وئي ھئي.

ته الحبيب جوئيلري واري جي وچين پٽ جي پروپوزل تي تو ڇا سوچيو؟

مس فيروزه ڏاڍي ڌيرج سان پڇيو.

فيروزه جي ڳالھائڻ تي مس رعنا سوچن ۾ وچڙندي کيس پيار مان ڏٺو ۽ پنھنجي من اندر ليئو پائڻ لڳي. سچ ته سندس اندر ڪنھن اھڙي ماٿري جيان ھو جو وقت جي محرومين ۽ اڻپورين خواهشن جي پٿرائين ھيٺ مٿانھينءَ سان ڀريل ھو. جن سندس شعوري لاشعوري ڪيفيتن کي ھر وقت گھليو ٿي. سندس اندر اھڙي واديءَ جيان ھو جت ڪيئي ننڍڙا گس گام ھئا، پر سڀ کُهرا! ۽ انھيءَ اجاڙ اندر ۾ جي ڪٿي ڪو نرم گاھ جھڙو گداز پيچرو ھو به ته مختصر، چند وکن جيترو جو سنڌ جي ڪنھن ٻھراڙيءَ جي ماڻھو جو ٺاھيل ھو. بلڪل ٻھراڙيءَ جي ڪنھن کليل گيڙوءَ رتي ٿڌي شام جھڙو پيچرو، سو به اڳتي ھلي آخر پنڊ پھڻ ئي بڻجي پيو. ھاءِ ھاءِ...

اڳئين ڀيري جڏھن آئون جوئيلر وٽ ويس ته مون سان گڏ منھنجي لاھوري ڪزن ۽ سندس ھسبنڊ به ھو. منھنجي ڪزن جي ھسبنڊ کي ڏسي جوئيلر چيو.

ھي اوھان جي فئملي جو ته نٿو لڳي؟

 ائين چئي ھن ور ور ڪري تنھنجو ٿي پڇيو. پروپوزل سٺو اٿئي، لحظي ۾ سڀ سور لھي ويندئي. آنٽي جي ھوندي شينھن ڪلھي چڙھ نه ته ڏاڍي اڪيلي ٿي پوندينءَ.

مس فيروزه ڳالھه ٺپي موبائل تي جوئيلر سان ڳالھائڻ لڳي.

ھيلو

ڇا حال آھي؟

اسين بوٽ بيسن واريKFC تي ويٺيون آھيون.

ڪنجوس، لڪي لڪي پيون کائو.

مس فيروزه موبائل يڪدم مس رعنا جي ڪن تي رکي ڇڏي ۽ پوءِ ساڳئي گھڙي ۾ جوئيلر سان ڀوڳ ڪرڻ لڳي.

ھڪدم سو به مفت درشن نه ڪرائينديس.

پريان جوئيلر ٽھڪ ڏنو.

توھان وٽ جوئيلري شاپ تي ڪروڙن جو سون ھوندو، پر مون سان ھن وقت ڪروڙن اربن کان به قيمتي پلاٽينم بلڪه پارس آھي.

مس فيروزه ڀوڳ جو ڀوڳ، سچ جو سچ ڳالھايو.

شھر ۾ اھڙي مھانگي ڪلاسڪ شيءِ ته نه کڻي گھمو ڪٿي...!

آئون ڪوشش ڪندس اھا  Uniqueشيءِ وٺڻ جي، پر ھفتو ڏيڍ ترسو. آئون في الحال بزنس ٽرپ تي ابوظھبي پيو وڃان.

جوئيلر ڳالھايو.

ھفتو ڏيڍ ھو ته ڏاڍو مختصر مس رعنا لاءِ ورھيه ٿي پيو، نيٺ اھا شام به آئي. مس رعنا مھانگي بيوٽي پارلر تان فيشل ڪرائي ايلفيءَ تي ڪار پارڪ ڪئي ۽ ماڻھن جي تيز نگاھن کان پاڻ بچائيندي جوئيلر جي دڪان تي وڃي نڪتي، دڪان اندر تيز روشنيءَ ۾ نه رڳو جوئيلري، پر ڪسٽمر به چمڪيا پئي. جوئيلر ڪسٽمرس کي سيٽ ٿي ڏيکاريا ۽ مس رعنا دڪان اندر ھر ديوار ۾ لڳل شفاف شيشن ۾ پنھنجو عڪس ٿي ڏٺو.

جي فرمايو... ڇا وڻيو آھي؟

جوئيلر بي خيالي ۽ ڪمرشل لھجي ۾ پڇيو.

جي...!

مس رعنا جي چئي دلبرانه انداز ۾ شوڪيسن ۾ پيل سيٽ ڏسڻ لڳي.

سوناري جي اک پرکڻ واري، ھن مام پروڙيندر ساڳيءَ گھڙي کيس وش ڪئي ۽ ملازم کي ڪولڊ ڊرنڪ آڻڻ جو چيو.

ڇا ٺهرائڻ جو موڊ آھي؟ ڪنگڻ، چوڙيون يا ھار؟

جوئيلر ڏاڍي ھجت ۽ پيار مان پڇيو. مس رعنا جواب بجاءِ چوڌاري شيشن ۾ پنھنجو جائزو وٺندي ڄڻ پنھنجي حسن جو اشتھار ٿي پئي. ھن ھر سوني سيٽ کي حسرت سان ٿي ڏٺو.

جوئيلري ڏاڍي مهانگي ٿيندي پئي وڃي!

مس رعنا چپ چوريا.

جي عالمي منڊي ڏينھون ڏينھن ڪاسٽلي ٿيندي پئي وڃي.

جوئيلر وراڻيو.

ھر شيءِ مھانگي، پر ڪير انسان جو به قدر ڪري!

مس فيروزه جيڪا ڪسٽمرس جي پيھه ۾ خبر ناھي ڪھڙي مھل دڪان اندر گھڙي آئي ھئي، تنھن وڃي آخر ڳالھايو.

ڇو ته ماڻھو بي بھا آھي، ڪا قدر ڪرڻ واري، پرکڻ واري نظر ھجي، اسين ھر شيءِ کي پرکيو وٺون.

جوئيلر چيو.

ته توھان مون کي پروپوز ڪيو ٿا؟

سوال ڏاڍو غير متوقع ھو جو جوئيلر جي سماعت کي ڌوڏيندو، ٻين ڪسٽمرس جي گوڙ ۾ دٻجي ويو، يا شايد ٻاھر ٽرئفڪ جي لڙ ۾ لڙاٽجي ويو.

جوئيلر حيرت گاڏڙ مرڪ مرڪي ٻين ڪسٽمرس ڏي ھليو ويو ۽ مس رعنا کي Ignore ڪرڻ لڳو.

انھيءَ رات مس فيروزه جوئيلر کي SMS ٿي ڪيا.

سون کي شرمايندڙ حسين چھرو توھان جي آڏو... ۽ سوناري جي اک پرک ڪندڙ، توھان ڇا سوچيو؟

ٻئي طرف کان جواب آيو،

بيشڪ انسان سون کان وڌيڪ قيمتي ۽ حسين. مون جڏھن پھريون ڀيرو پنھنجي دڪان ۽ پوءِ توھان جي دعوت ۾ مس رعنا کي ڏٺو ته سندس نيچرل بيوٽي ۽ سادي سودي ادا موھيو ھو، پر اڄ شام سادگيءَ ڀريل معصوم مک تي بيوٽي پارلر جا اجايا ٺاھ ٺوھ ڏسي حيرتن مان اڃان جان ئي آجي نه ڪرائي ھئم جو مٿان ڇوڪريءَ پاڻ کڻي رشتي جي ڳالھه ڪئي، وائڙو ٿي ويس....!

مس فيروزه،

اھو سون ئي گھوريو، جو ڪن ڇني.

انھيءَ رات ڪراچيءَ جي آلوده فضا ۾ ڪڪر پوريءَ رفتار سان ٿي ڊوڙيا، الائجي ڪھڙي ڪنڊ جي ھوا ھلي ھئي جو ڪڪر ڪيھون ڪندا، ڪنھن ٻيءَ ڪنڊ ۾ وڃي وسڻ جا ويس ڌاري چڪا ھئا.

***

 

(ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي مارچ ۲۰۲۶ع واري شمار ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment