Monday, June 18, 2018

طوفان - مٺل جسڪاڻي


طوفان
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
۱
قبلا، محترم سائين، اوھان بنگلي ۾ اندر، شايد اي سي واري ڪمري ۾ آرامي ھئا، ٻاھر ھانءُ وٺي ڇڏيندڙ، خوفناڪ طوفان آيو ھو.
۲
قبلا، محترم سائين، ڇوريءَ جو آھي دماگ کراب، ان نڀاڳي الاجي ڇا ڏٺو آھي، ٻاھر به ڪجھه ڪو نه ھو، بنگلي ۾ اندر، اھو به اي سي، ان ۾ ڪٿان طوفان آيو، ڪٿي وڄ ڪري، ڪٿي ڌرتي ڌُٻي... الله سان، اھڙو ڪجھه به نه ٿيو آھي... اوھان ڇو پيا پشيمان ٿيو... سائين، اڳي ڪجھه ٿيو، جو ھاڻي ٿيندو... اسان جي سسي ۾ ساھه آھي، اکين ڏٺا شاھد ويٺا آھيون، اوھان جي بنگلي ۾ ڪو مادي پکي به ڪونھي آيو... اھا ڇوري مکالفن جي چرچ تي دانھي پئي، سائين...

فرق - مٺل جسڪاڻي


فرق
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
پڙھڻ لاءِ رکيل ڪتابن کي غور سان ڏسندي، اوچتو اٿيو ۽ ھڪ ٻه ڪتاب کڻي، پُٽس کي ڏيندي چيائين ”ھي ڪتاب پاڻ کنيو ٿا ھلون، پڙھنداسين، چاچھين کي ته ھونئن ئي مفت ۾ اعزازي ڪاپي طور مليا ھوندا“!
مون اھي ڪتاب روڪڙا ڏوڪڙ ڏئي ورتا ھئا ۽ ڪتاب جي دڪان واري، جيڪو پبلشر جو سندو دڪان آھي، مون کي اھو چئي بنا رعايت ڪتاب ڏنا ھئا ته ”سائين! ڪتاب خريد ڪري پڙھڻ جو رواج تمام گھٽجي ويو آھي، ان ڪري ڌنڌو ئي ڪونھي، اوھان جھڙن کي ته رعايت جي ڳالھه ئي نه ڪرڻ گھرجي“!
مون سوچيو... ڇا ٻڌايان ته ڇا سوچيم؟ ٻڌائڻ سان فرق ڪھڙو ٿو پئي!

ارڙھن سالن جو - مٺل جسڪاڻي


ارڙھن سالن جو
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
آئون ته پنھنجي ڌُن ۾، پنھنجي طئه ڪيل ماڳ ڏانھن پئي ويس. مون کي ته اھا به خبر نه ھئي، ته منھنجي ساڄي يا کاٻي پاسي، ڇا ڇا آھي ۽ ڪير ڪير آھي!
اوچتو ڪنھن منھنجو نالو وٺي، مون کي سڏ به ڪيو ۽ ”پان کائي پوءِ اڳتي وڃو“ به چيو!
اھو سڀ ڪجھه اوچتو ٿيو ھو، پوءِ به جلدي ۾، منھنجو به مُوڊ ٿي ويو! آئون، سڏ ڪري صلاح ھڻندڙ سان مليس، ۽ کل خوشيءَ ۾ کيس چيم ”سچي دل سان ٿو چوين، ته مٺو پان ٺاھي ڏي، آئون به اھو سمجھي کائيندو ويندس، ته آئون به اڃا ارڙھن سالن جو آھيان“.

ٽماٽا ۽ بصر - مٺل جسڪاڻي


ٽماٽا ۽ بصر
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
گس ھلندي، اوچتو ھُن جي نظر سرن جي ٻوڙي وٽ پيل بوتل تي پئي. ھونئن ته ھي به عام بوتلن جھڙي بوتل ھئي، پر ھن ۾ ھڪ عجيب قسم جي ڪشش پڻ ھئي، جنھن ڪري ھُن جي اک بوتل تان نه ٿڙي، تان جو وڃي بوتل کنيائين.
بوتل جو منھن ته بند ھو، پر بوتل ۾ اندر اھڙو ڇا ھو، جنھن سبب ھن بوتل کنئي؟ ان سوال جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ ھن پھرين سوچيو ويچاريو، جنھن ڪري ٻالڪپڻ ۾ ٻڌل ھن کي ”بوتل جو جن“ ڪھاڻي ياد اچي وئي.

Saturday, June 16, 2018

دَت - مٺل جسڪاڻي


دَت
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
چنڊ چوڏھينءَ جو نه ھو، پر چمڪيو چوڏھينءَ وانگر پئي. مڇر شايد ان ڪري نه ھئا، ته سڄو ڏينھن لُڪ لڳي ھئي، پر سج لھڻ کان پوءِ به ھوا جي رفتار ساڳئين، پر ٿڌي ھئي. ھوندل ڪڻڪ جا لابارا لاھي، ٻن مھينن کان پوءِ گھر پھتو ھو. اڱڻ ۾ پيل ڇنل کٽ تي سندس ئي وني سان ويٺو ھو. جنھن کي ھُو ننڍي لاڪون چاھيندو ھو، پر اھا چاھت ھن من اندر ۾ ئي سانڍي رکي ھئي. جيڪڏھن ٻاھر ٻڙڪ ڪڍي ھا، ته کيس اھو رشتو مئي پڄاڻان به ڪو نه ملي ھا.

Thursday, June 7, 2018

هلو هلو لنڊن هلو - زيب سنڌي


هلو هلو لنڊن هلو...!
ڪالم-ڪهاڻي
زيب سنڌي
”هلو هلو... موهن جي دڙي هلو...“
هو موهن جي دڙي هليو ويو.
”هلو هلو... رني ڪوٽ هلو...“
هو رني ڪوٽ هليو ويو.
”هلو هلو... مڪليءَ هلو...“
چيائين، ”مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان!“
چيائونس، ”پنهنجن تاريخي ماڳن بابت شعور بيدار ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي.“
هو مڪليءَ هليو ويو.
”هلو هلو... ڀنڀور هلو...“
چيائين، ”مون کي ڇڏيو ته مان ڪجهه ڏينهن آرام ڪيان.“
چيائونس، ”پنهنجن تاريخي ماڳن جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني جو گڏيل فرض آهي.“
هو ڀنڀور هليو ويو.

ٻي شاديءَ جو شوق - زيب سنڌي


ٻي شاديءَ جو شوق
زيب سنڌي
سترهين گريڊ جي سرڪاري نوڪري ڪندڙ انهيءَ شخص جڏهن ويهارو دوستن جي محفل ۾ ٻي شاديءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو ته، ويهارو دوستن منجهان ٻن دوستن ئي ٻي شاديءَ جي حمايت ۾ ڳالهايو هو. ٻي شاديءَ جي حمايت ۾ ڳالهائيندڙ انهن ٻن دوستن به ذاتي تجربي جي آڌار تي اهڙي ڳالهه نه ڪئي هئي، جو انهن ٻنهي مان ڪنهن به ٻي شادي نه ڪئي هئي. انهن ٻنهي حمايت ڪندڙ دوستن جي اندر ۾ به شايد ٻي شاديءَ جي خواهش لڪل هئي، جو انهن ٻنهي ذاتي تجربي کان سواءِ ئي ٻي شاديءَ جي حمايت ٿي ڪئي ۽ دوست کي اهڙي عمل لاءِ همٿايائون پئي، جڏهن ته محفل ۾ موجود باقي سڀ دوست ٻي شاديءَ جا مخالف هئا. جنهن دوست ٻي شاديءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو، انهيءَ لاءِ ارڙهن دوستن جي مخالفت کان وڌيڪ ٻن دوستن جي بنا تجربي واري حمايت اهم هئي، تنهن ڪري هن ٻي شاديءَ جا فائدا ڳڻائڻ شروع ڪيا هئا. موقعو ملڻ تي مان انهيءَ چاليهن سالن کان وڏي عمر واري ٻي شاديءَ جي شوقين، ٽن ٻارن جي پيءُ جي ڀرسان وڃي ويٺو هئس. کيس سندس ٽن ٻارن جي مستقبل کان وٺي گَهرُو مسئلن ۽ ذهني مونجهارن تائين جا حوالا ڏئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، پر سندس شوق اڳيان منهنجا سڀ دليل هن لاءِ بي معنيٰ بڻجي پيا هئا. هن وڏي واڪي اعلان ڪيو هو ته، مان ٻي شادي ضرور ڪندس، تڏهن مون کلي چيو هو، ”ارڙهن جي ڀيٽَ ۾ توکي فقط ٻن دوستن جي حمايت حاصل آهي، يعني اها حمايت فقط ڏهه سيڪڙو آهي. اهڙي حمايت سان جيڪڏهن تون اليڪشن ۾ بيهندين ته تنهنجي ضمانت به ضبط ٿي ويندي!“ ۽ پوءِ اها محفل چرچن ۽ ٽهڪن سان پڄاڻيءَ تي پهتي هئي.

يارھون نمبر - رياضت ٻرڙو


يارھون نمبر
ڪھاڻي
رياضت ٻرڙو
‌”مان عظيم آھيان.“
”عظيم ته مان آھيان.‌“
”تون ننڍو عظيم آھين، مان وڏو عظيم آھيان.“
” عظيم ته عطيم ئي ٿيندو آھي. اھو به ننڍو ۽ وڏو ٿيندو آھي ڇا؟ تون ڳالھائڻ ۾ ئي بيوقوف آھين. ان ڪري مان ئي وڏو عظيم آھيان.“
”تون ڳالھائڻ جو منطق نه سمجھندين. چڱو ڀلا! تون به عظيم آھين، پر ٻڌ! ھڪ کان ڏھين نمبر تائين مان عظيم آھيان. ان کان پوءِ تون آھين. يعني تون يارھون نمبر عظيم آھين. بس، ھاڻي ته خوش ٿئين نه!“