Monday, June 18, 2018

ٽماٽا ۽ بصر - مٺل جسڪاڻي


ٽماٽا ۽ بصر
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
گس ھلندي، اوچتو ھُن جي نظر سرن جي ٻوڙي وٽ پيل بوتل تي پئي. ھونئن ته ھي به عام بوتلن جھڙي بوتل ھئي، پر ھن ۾ ھڪ عجيب قسم جي ڪشش پڻ ھئي، جنھن ڪري ھُن جي اک بوتل تان نه ٿڙي، تان جو وڃي بوتل کنيائين.
بوتل جو منھن ته بند ھو، پر بوتل ۾ اندر اھڙو ڇا ھو، جنھن سبب ھن بوتل کنئي؟ ان سوال جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ ھن پھرين سوچيو ويچاريو، جنھن ڪري ٻالڪپڻ ۾ ٻڌل ھن کي ”بوتل جو جن“ ڪھاڻي ياد اچي وئي.


ڪھاڻي ياد اچڻ تي ھن کي ڏاڍي خوشي ٿي، ڇو ته ھن کي پڪ ٿي وئي، ته ھي به اھڙي ئي بوتل ھوندي، جنھن ۾ جن ھوندو، ڍڪڻ کولڻ سان اھو جن ٻاھر ايندو ۽ اھو جن چوندو ”حڪم ڪر آقا! جيڪو به ڪم چوندا، اھو ڪم ڪندس! ڪو به ڪم نه چوندا، ته ڪچو کائي ڇڏيندس“.
ھُن سوچي ورتو ته جن کان ڪھڙا ڪھڙا ڪم به وٺبا ۽ ضرورت جي بنياد تي ھو ڪيئن جن کي پنھنجي مرضي سان قيد به ڪندو رھندو، آزاد به ڪندو رھندو ۽ ڪم به وٺندو رھندو؟
ھاڻي ھو گھڻو خوش ھو، ان ئي خوشي ۾، جيئن ئي بوتل جي منھن تان ڍڪڻ لاٿائين، ته ٻُڌل ڪھاڻي وانگر ئي، جن مخاطب ٿيو.
ھُن جن کي چيو؛ ”اجائي تڪڙ جي ضرورت نه آھي، تو کي بيشمار ڪم چئبا، پر سڀ کان پھرين ھڪ ھڪ ڪلو ٽماٽا ۽ بصر حاضر ڪر“.
جن، پنھنجي آقا جو چيل ڪم ٻڌي، تمام گھڻو مايوس ٿي، بوتل ۾ اندر وڃي چيو؛ ”ڪجھه ڏينھن لاءِ اوھان بوتل جو منھن بند ڪري، مون کي قيد ڪري ڇڏيو، ٽماٽا ۽ بصر پاڻ ڳولي ھٿ ڪريو“.

No comments:

Post a Comment