Saturday, June 16, 2018

دَت - مٺل جسڪاڻي


دَت
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
چنڊ چوڏھينءَ جو نه ھو، پر چمڪيو چوڏھينءَ وانگر پئي. مڇر شايد ان ڪري نه ھئا، ته سڄو ڏينھن لُڪ لڳي ھئي، پر سج لھڻ کان پوءِ به ھوا جي رفتار ساڳئين، پر ٿڌي ھئي. ھوندل ڪڻڪ جا لابارا لاھي، ٻن مھينن کان پوءِ گھر پھتو ھو. اڱڻ ۾ پيل ڇنل کٽ تي سندس ئي وني سان ويٺو ھو. جنھن کي ھُو ننڍي لاڪون چاھيندو ھو، پر اھا چاھت ھن من اندر ۾ ئي سانڍي رکي ھئي. جيڪڏھن ٻاھر ٻڙڪ ڪڍي ھا، ته کيس اھو رشتو مئي پڄاڻان به ڪو نه ملي ھا.


گھر جا ٻيا ڀاتي، ھاڻي کائي پيئي سمھي رھيا ھئا، پر ھوندل ۽ سندس وني جاڳيا پئي.
پاڻ ۾ ڪچھري ڪندي، ھوندل آھستي آھستي چيو؛ ”چري! پھرين تيل ميٽ جي مدد سان وارن مان چيڙھه ڪڍ، ائين نه نڪري ته لاڻي جي کار استعمال ڪر، پوءِ به ڪم نه ٿئي ته ليمن جي رس ۾ لوڻ وجھي ڌوءِ... وارن جي چيڙھه ختم ٿئي، ته تنھنجي لاءِ ڳاڙھو صابڻ آندو اٿم، ان سان ساڳئي وقت، ساڳئي ھنڌ، چار دفعا لاڳيتو وھنج... اصل ۾ سڄي برائي نه وھنجڻ ڪري ٿي آھي، ھاڻ موسم گرم اچي وئي آھي، روزاني صبح شام وھنجندي ڪر“...
ايتري ۾ گھر جي حد تي ٽانگر لوڙھي جي ٻاھران اوچتو ڪتا ڀونڪيا، ته متان ٻيا گھر ڀاتي جاڳي پون، ٻئي، ور ۽ وني، دَت ھڻي سمھي پيا. گھر ڀاتين جي خبر نه آھي، اھي جاڳيا به الئه نه، ھوندل ۽ سندس وني کي ننڊ اچي وئي..

No comments:

Post a Comment