Saturday, November 19, 2011

هــراس - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

هــراس

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



نيرڙي ٽپھريءَ جو وقت هئو. آسمان ۾ ڪڪر وسڻ لاءِ ڀرجي آيا هئا، ڄڻ مرضي ھجين ته ڪو ڌاڙو هڻندا. ڌاڙيلن ۽ ڦورن وانگي هٿيار کنيو سنبريا بيٺا هئا ته جيئن ئي وجهه ملين ته هڻي ملڪ جو گھڙيءَ ۾ صفايو ڪري ڇڏين. اسان بسن ۽ ٽانگن جي سفر کان ٿڪجي پيا هئاسون. پھچڻ جي منزل اڃا اڳتي ھئي.


اڳتي هلڻ لاءِ اسان کي جھنگ مان پنڌ ڪرڻو هئو. پھرين ته وک چڱي پِئي پَئي. پر ھڪڙا ڪُڙهيل، ٻيو گھاٽو جھنگ ۽ اڻ ڏٺو ديس ڏسي، ڏاڍا تنگ ٿياسين ۽ اڳين وک سا به پوئتي.

اسان کي ان ڳوٺ وارن خيرات جي دعوت ڏني ھئي. اتي مون کي تقرير به ڪرڻي ھئي. ٻئي ڪنھن ھڪ اڌ مولوي صاحب کي به دعوت ھئي. مان پنھنجي سؤٽ رستم سان ڳوٺان ٽانگي تي نڪري شھر پھتم. اتان ھڪڙي کٽاره بس ۾ چڙھي اچي پل وٽ لٿاسين ۽ ھاڻي جتي وڃڻو هئو، ان ڳوٺ ڏانھن جھنگ جو پنڌ هئو. اسان جي استقبال يا رھبريءَ لاءِ، پل تي ڪو به ماڻھو بيھاريل نه هئو. اسان کي وڃڻو به ضرور هئو. جيڪڏھن تقرير ڪرڻ جي دعوت نه مليل ھجي ھا ته شايد ھن خوفائتي جھنگل، مٿين ڪڪرن ۽ اڻانگي وقت کي ڏسي موٽڻ جا سانباھا ڪيون ھا! پر خدا جي راھ واسطي ۽ خير جي ڪم ڪري، سر تان هٿ کڻي، جتيون لاھي پوتڙن ۾ ٻڌيونسين. وَرَ ڪُنجي، اڳتي وڌياسين. جڏھن مٿي بيٺا هئاسين ته ڳوٺ نظر آيو پئي. هيٺ لٿاسين ته اکين کان اولو ٿي ويو. ڪو به پيچرو، هراس ڪري، سمجهه ۾ نه پئي آيو. هيڏي ھوڏي لامارا ڏيڻ سبب، طرف جو تعين به نه پئي ڪري سگھياسين. اڻتڻ ۽ ڳڻتيءَ ۾ منجهي پياسين. مٿان گوڙ جو ٽڙڪو، هلڪي هلڪي ھوا به هلڻ شروع ٿي وئي. وقت به، واري وانگر ھٿن مان وهي، اونداھيءَ جا نشان ڇڏيندو پئي ويو. اِھا حالت ڏسي دل صفا مايوس ٿي پِئي وئي.

گھڻي ھلاکيءَ کانپوءِ، صلاح ڪئيسين ته؛ ڪنھن کان رستو پڇڻ گھرجي. گھڻو هيڏي ھوڏي ڦرڻ ۽ واجھائڻ کان پوءِ، ھڪڙو ٻڪرار نظر آيو. کانئس پري کان ئي پڇيوسين؛ “ادا هيءُ پيچرو، رئيس بھرام خان وارن جي ڳوٺ ڏي ويندو؟”

يار جواب ته نه ڏنو پر اسان ڏي منھن کڻي به نه ڏٺائين. اسان سمجهيو؛ شايد پري هئڻ جي ڪري ۽ ڪڪرن جي گوڙ سبب، اسان جو ڳالھاءُ، ھن تائين نه رسيو آھي. تنھنڪري ٿورو اڳڀرو وڌي وڃي، ھڪل ڪري پڇيوسينس؛ “او! ٻڪرين وارا! هيءُ پيچرو رئيس بھرام خان جي ڳوٺ ٿو وڃي!”

اڃا به جواب نه ڏنائين.

اسان کي شڪ ڇا پڪ ٿي وئي ته گھلِ ٻوڙو آھي. تنھنڪري صفا ڀرسان وڃي، سندس هٿ ۾ جھليل لٺ ۾ هٿ وجهي لوڏيندي، چيوسينس؛ “ادا، هيءَ واٽ رئيس بھرام خان جي ڳوٺ ٿي وڃي؟!”

“ادا! ايڏانھن وڏيري جي اوطاق اٿو. اھو توھان کي رات ترسائيندو!” بي حوصلائيءَ مان جواب ڏنائين؛ “باقي مان ته غريب آھيان!”

“اڙي يار اسان کي دعوت آھي. اسان اوڏانھن وينداسين. اسان تو وٽ ڪو نه رھنداسين. تون روئين ڇو ٿو؟”

“نه ادا نه، ائين ڪڏھن نه ٿيندو! مان توھان کي ڪو نه ترسائيندس. اڃا سج آھي، توھان اِجهو اوطاق تي پھچي ويندؤ. هرڀرو منھنجو نه کائو.”

ڳالھائڻ ۾ صفا ليڪي کان ئي لنگھي ويو.

جواب ٻڌڻ سان ششدر ٿي وياسين. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.

دل چي؛ ھيڪر جوتو لاھي وٺانس، نوانوي تي اچي ڀلجي وڃانس. وري ھڪ کان شروع ڪيانس ۽ سو تائين ڪٽيندو رھانس. تيستائين نه ڇڏيانس جيستائين ڪارو گڏهه هينگ نه ڪري.

اسان پاڻ ۾ ھڪ ٻئي ڏي نھاريو. اشارن ۾ پڇيوسين؛ “ھاڻي ڇا ڪجي؟ هيءُ يار ته وٺ جو ئي ناھي. چئو ھڪڙي ته ٻڌائي ٿو تيرهين.

انھيءَ ٻُڏ-تَر ۾ ئي هئاسين جو پڙلاءَ سان گڏ ھڪ ھڪل جو آواز آيو. ڳالھائيندڙ اسان کي پاڻ ڏانھن متوجہ ڪندي ٻڌايو؛ “ادا، اھو ٻوڙو آھي. توھان جي ڳالهه نه سمجھندو. اچو ته مان توھان کي هلي واٽ ڏيکاريان.

سامھون ھڪڙو ڇوڪرو گاهه مان ڳاٽو ڪڍي، اسان سان ڳالھائي رهيو ھو.

وري چوڻ لڳو؛ “ٻه ٽي منٽ ترسو! مان گاھ مٺ ڪري وٺان ته گڏيا ٿا هلون.

ٿورو ترسياسين. گاهه ڪري بس ڪيائين. کيس گاهه کڻائي، سندس پويان، سندس پيرن تي پير ڏيندا هلياسين.

ڇوڪرو سڀاءَ ۽ ڏيکاءَ جو ڏاڍو ڀلو هئو. سندس ملڻ جي ڪري اسان جي دل جي مونجهه ئي ختم ٿي وئي. ھو رڳو هلڻ ۾ اسان جي رھنمائي نه ڪري رهيو هئو بلڪ ان سان گڏ اتان جون ڳالھيون ۽ حال احوال به ٻڌائيندو پئي هليو. اسان رڳو ھون، ھان ۾ جواب ڏيندا پئي هلياسين.

چي: “هتي چوراڪاري زبردست آھي. اھا رات خالي ناھي جنھن رات کاٽُ نه لڳي. اھي کاٽَ ۽ ڌاڙا ڄڻ ڳوٺ کي ڏاجي ۾ مليل آھن. هتان جا ماڻھو صفا ڄٽ، جاهل. نه وڏي جي شناس ۽ نه ئي ڪنھن ننڍي جي عزت، صفا موڳا. ٿوريءَ گھڻيءَ ڳالهه تي هروڀرو ھڪ ٻئي سان هٿ-کس ڪندي، ھڪٻئي جو پٽڪو ضرور لاھين”.

گوڙ جو خوفائتو ٽڙڪو ٿيو. ھو کبڙ جي هيٺان ڊونڊو ٿي لنگھندي، اھا ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽي تڪڙو نڪري ويو. اسان به سندس پويان تڪڙا نڪري آياسين.

وري چوڻ لڳو: “هتي قتل ته عام آھي! جيڪو ٿو گھر مان رسي، سو به قتل ڪرڻ لاءِ بھانا جاچيندو ٿو وتي. هر ڪو پنھنجي غيرت جي اظھار لاءِ ۽ هروڀرو ماڻھن ۾ پنھنجو نالو مشھور ڪرڻ لاءِ، اجايو سجايو ڪتي تان، ٻلي تان، ٺڪر تان، ٺوٻر تان، ٿانءَ تان جهيڙو ضرور ڪري. جي ٻيو نه ته پاسو ضرور هڻي لنگھندو. من ڪير نه ڪير ساڻس هٿ اٽڪائي. مڙيئي حق يا ناحق، پر خونن ڪرڻ جي سڌ هميشه دل ۾ ھوندن. شرافت جي زندگي گذارڻ ۾ ته مزو ئي نه ايندن”.

اڳيان، ھڪ ڪريل کبڙ جي ٿڙ مٿان ٽپو ڏئي لنگھيو. اڳڀرو ھڪ ڊونڊي کبڙ جي هيٺان لنگھندي، ھن وري اسان کي ٻڌائڻ شروع ڪيو: “انھن ڳالھين جو ڪو داد فرياد به نه ٿئي. پوليس ته ڄڻ اچي ئي ڪا نه. جي اچي ته رڳو پنھنجي ڦُرڻ کائڻ لاءِ. ماڻھن کي انھن ڳالھين سان پنھنجي سر منھن ڏيڻو ٿو پئجي وڃي”.

گوڙ جو ڪڙڪو ٿيو. ڳالھائڻ بند ڪري، اڳيان ديوين جي وچ ۾، نانگ وارا وٽَ کائيندڙ سوڙهي پيچري مان، گاهه جي ڀريءَ ۾ ٻئي هٿ مضبوط وجهي، تڪڙو نڪرڻ لڳو. اسان به ڪپڙا بچائي سندس پويان وکون ڀرڻ لڳاسين.

ڳالھ کي وڌائيندي چوڻ لڳو: “ڌاڙيل پيا گھمندا ڦرندا، مجال آھي جو پوليس نالو وٺين. جيڪڏھن ڪنھن پوليس واري جي نظر ڌاڙيل تي پئي، ائين اچي ٻٽڪو ڪندو، جيئن گدڙ جي اڳيان ڪڪڙ”. انھيءَ چر مان نڪري ھڪڙي ٻني تي هلندي چيائين.

ڪڪرن مان اوچتو، ڌماڪي سان، گوڙ جو آواز آيو. ان اسان جي لڱن ۾، ڄڻ سيئاندو وجهي ڇڏيو.

لاڳيتو ٻيو ڌوڙيو ٿيو. ڏڪڻي وٺي وئي.

گھڙي رکي ٿوري سانت ٿي. اڳتي وڌياسين. ٿوري پنڌ کانپوءِ، ٻني تان لھي، تازي کيڙهيءَ مان هلڻ لڳو. ڇو جو ٻني سان پنڌ ڊيگھارو هئو ۽ وچان ويجھو هئو.

کيڙهيءَ ۾ لھڻ وقت ٻڌائڻ شروع ڪيائين؛ “سائين باقي جيڪڏھن پوليس کي ڪو غريب ماڻھو هٿ اچي وڃي ته اُنَ ڪري ڇڏيس. بنا ڏوهه جي به غريبن کي گھران ڦاسائي ويندا. چوندس؛ اڙي ڪالهه هتان تو واري گھر جي ڀرسان اڇي ڪار لنگھي آھي. اسانکي به اطلاع نه ڪيو اٿئي. تو ڌاڙيلن لاءِ رند ٺاھي ڇڏيا آھن. مانيون ٿو کارائين. تر ۾ ڌاڙا ٿو هڻائين. هل ٿاڻي تي، صوبيدار صاحب گھرايو اٿئي. پوءِ ڀلي انھيءَ وقت جو ويلو، ڌاڙيلن کي صوبيدار صاحب پاڻ ئي کارايو ھجي.”

 آسمان ۾ گوڙ جو ٽڙڪو ٿيو. همراھ ڳالھائڻ بند ڪيو. کيڙهيءَ مان، بار جي ڪري، هلڻ تي ٿيڙ کائڻ جي انديشي کان، سڄو ڌيان اوڏانھن ڏيڻو پئي پيس. تنھڪري ڳالھائڻ گھڙي سوا لاءِ بند ڪيائين.

کيڙهي ٽپي، اڳيان ٻني تي چڙهياسين. اھو ٻنو، ھڪ سنھيءَ واٽ ۾ پيو. اھا واٽ ڏِنگُ هڻي، ڳوٺ ۾ گھڙي وئي. اتي سج ٽٻي ھنئين. آسمان الھندي کان صفا ڳاڙھو ٿي ويو هئو. ڄڻ ڪنھن ڪنوار جي شاديءَ واري رات جي پاتل پوتي ھوا ۾ اڏامي، سج کي ويڙهي وئي ھجي.

ڏِنگُ هڻي، ڳوٺ ۾ داخل ٿيندڙ واٽ مان، ھڪ ٻي گھٽي نڪتي. ڇوڪرو اسان کي اتي پنھنجي منزل جون گھٽيون سمجھائي، پاڻ ان گھٽيءَ ۾ هليو ويو. اسان انھيءَ ڏس پتي تي اندر آياسين. ماڻھن جي هجوم، اسان جو استقبال ڪيو. تڙ تڪڙ ۾ وضو ڪيوسين ۽ مغرب جي نماز ادا ڪئيسين.

نماز کان پوءِ لنگر شروع ٿيو. خبر ناھي ڪيتريون ديڳون لٿيون. ٿالھن ۽ پاٽوڙن جي هڻ هڻان ھئي. ڳوٺ ته ننڍو هئو، پر خلق الائي ڪٿان پئي آئي، جنھن ايڏو ڀتُ پِئي گھليو.

ڀتُ به کٽڻ جو نه هئو ته کائڻ وارا به کٽڻ جا نه هئا. ماڻھو ماڪوڙن وانگر ڄڻ ٻرن مان نڪتا پئي. ويڙھ ويڙھان، دس دسيان، لٺ لٺيان لڳي پئي ھئي. ڪو ڪيڏانھن پاٽ جھلي بيٺو آھي ته ڪو ڪيڏانھن. ڪيڏانھن پاڻيءَ جي دانھن ته ڪيڏانھن ٻوٽين ۽ ڀت لاءِ رڙيون. مٿان کنوڻ ۽ گوڙ جي راڙو راڙ. ايترو ته چرٻروٽ لڳو پيو هئو جو ڀرواري جو به آواز سمجهه ۾ نه پئي آيو.

اھو حشر ۽ ماحول، عشاءِ جي نماز پڙهڻ کان به گھڻي دير وئي تائين پئي هليو. نه ماڻھو پيا کٽن، نه پئي ڀت کٽو. ڳوٺ جا ماڻھو ته ٺھيو پر ٻين ڀروارن ڳوٺن جا ماڻھو به انگوڇن ۾ ڀت جون پُٺارڪون ٻڌي، ڳوٺن ڏي کڻي پئي ويا. اسان انھيءَ آسري ۾ هئاسين ته ڪھڙي وقت ٿو ڀت ختم ٿئي ۽ ڪھڙي وقت ٿو اسان کي انھيءَ ڪم جو حڪم ملي، جنھن لاءِ اسان آيا هئاسون.

ڀت هليو ئي پئي ته اوچتو ‘ڍڙام، ڍڍ ....... ڍڙام’ جي آوازن ماڻھن کي ڇرڪائي وڌو. گوڙِ جي آواز ۾ بندوق جا ٺڪاءَ پڌرا ھيا. ڀت وارن ۾ چُپِ ڇانئجي وئي. سڀ ڇَڙھ ٿي ويا. ڄڻ ته اھي بندوق جا ٺڪاءَ نه پر انصاف جي ڪورٽ ۾ ڪنھن جج جا ٽيبل تي لڳايل هٿوڙا هجن ۽ جن سان گڏ ھن “آرڊر، آرڊر” جا لفظ به ادا ڪيا هجن. ٽڙڪاٽ سان ڪڪرن مان گوڙ جو آواز آيو. ٺڪائن واري طرف کان ڪوڪريا شروع ٿي ويا. ڪتن ۾ باھوڙ پئجي وئي. کنوڻ جو ڀيانڪ چمڪاٽ ٿيو. ڪنن تي تاڙيون ۽ اکين اڳيان اونداھُ ڇانئجي ويو.

ماڻھن ۾ ڊِيھاڙُ پئجي ويو. ڀت ھٿن مان ڇڏائجي وين. جنھن طرف کان ‘خون ڙي خون’ جون رڙيون ۽ ڪوڪون آيون پئي، سڀئي اوڏانھن وٺي ڀڳا.

سڄي ميدان ۾ ڀت گانبولبو پيو هئو. ڪو پاٽوڙو ڪاٿي اونڌو ته ڪو گلاس ڪاٿي ڪريو پيو هئو. ڪا ديڳ اڃا چلهه تي ئي سڙي پئي ته ڪو پادر ۽ پٽڪو ڪٿي ڪريو پيو هئو. ٿوري لڪڙ جھڪڙ شروع ٿي. ھوا ۾ مٽي به ھئي ۽ ٿوري تيزي به ھئي. ڀت ڀت ٿي ويو، واعظ واعظ ٿي ويو.

ڪلاڪ اڌ جي طوفان کانپوءِ، ٿوري ڦُڙُ ڦُڙُ پئي. رکي رکي نيٺ طوفان بند ٿيو. مٽي به ختم ٿي. جيڏانھن تيڏانھن زندگي سُنِ ٿي وئي. ايتري ۾ ٻه چار ماڻھو جاءِ واردات تان ٿي موٽي آيا. خبر ڏنائون ته؛ ڪن هٿياربندن دلاور جي گھر تي حملو ڪيو ۽ کيس گوليون هڻي، ماري ڀڄي ويا.

اسان جون وايون بتال ٿي ويون. وائيسر ڦري ويا. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. ھڪ پرديس ۾ ۽ مٿان هھڙي واردات. اچي رڦڻيءَ ورتو. صفا ششدر ٿي وياسين.

مسجد جو پيش امام اچي اسان جي کٽ تي ويٺو ۽ دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ آٿت ڏيڻ لڳو. ٻڌايائين؛ “دلاور جي وڏي ڀاءُ احمد، ھڪ دفعي ڪن چورن کي گھر ۾ کاٽ هڻندي پڪڙي وڌو هئو. بندوق سان سندن مقابلو ڪيائين. ھڪڙو ڌڪي ٿي پيو ۽ ٻئي کي ماري وڌائين. اھي، اتفاق سان، سندن ئي ذات وارا هئا. هتان جا ته نه هئا پر ٿورا پري جا مائٽ به هئن. ھونئن به هر ڪو چوري ٿو ڪري ڏس تي. پوءِ انھن جي وارثن، احمد کي ڌمڪي ڏني ھئي، ‘اسان تو کي ضرور مارينداسين.’ انھيءَ ڀؤ کان، احمد ته گھر ڇڏي خبر ناھي ڪاڏي گم ٿي ويو آھي پر اڄ پلاند ۾ سندس ڀاءُ دلاور کي گھر ۾ هلان ڪري ماري وڌائون”.

ساري رات اڻتڻ ۾ گذري. بيقراريءَ جي عالم ۾ هر هر اٿي به پوان پيو. دل تي وڏو ھائث ڇانيل هئو. نيٺ، خدا خدا ڪندي، رات گذري ۽ صبح ٿيو. نماز کانپوءِ ناشتو مليو. زورين مسين، ڪلاڪ اڌ ترسايائون ته جيئن جنازي نماز پڙھائي، پوءِ وڃون.

اسان کي ھڪڙو خوف، ٻيو تڪڙ. چئون ته؛ اسان جو رسو نڪري ته اسان هينئر ڳوٺ پھچون، پوءِ ٻي ڳالهه ٿئي. اسان جي منٿُن تي اسان کي اجازت ملي. اڃا هلياسين پئي ته ماڻھو جنازو به کڻي آيا. دل ۾ خيال آيو ته؛ ڀلا منھن ته ڏسندا وڃونس. لاش جي مٿان آياسين ته ھڪڙي ماڻھوءَ، ڪفن کولي اسان کي منھن ڏيکاريو. ميت جو منھن ڏسڻ سان، ڌرتي پيرن هيٺان ڇڏائجي وئي. ھوش ۽ حواس باخته ٿي ويا. زبان مان ڪو به لفظ نه اُڪليو. اھو لاش، انھيءَ ساڳئي ڇوڪري جو هئو، جنھن ڪالهه اسان کي ھن ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مدد ڪئي ھئي.

جنازي جي نماز پڙھائڻ لاءِ مجبور ٿي وياسين. نماز کانپوءِ ائين گولي ٿي وياسين جو گس جي به خبر نه پِئي پَئي. کيڙهيءَ مان ٿا هلون يا ڪانڊيرا پيرن ھيٺان آھن. ٻني تان ٿا ھلون يا لوڙھن مان ڌوڪيندا ٿا وڃون. ڪا خبر نه پِئي پَئي. نيٺ ڪپڙا ڦاڙائي اچي الائي ڪٿان رستي تي چڙهياسين. بس آئي. هٿ ڏئي چڙهياسين.

بس رستي تي ڊوڙندي رهي ۽ اسان جي دل جو ڌڙڪو، اڳ جي ڀيٽ ۾، گھٽجندو رهيو.

No comments:

Post a Comment