Saturday, November 26, 2011

ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل پير - اخلاق انصاري


ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل پير
اخلاق انصاري

”ايتري ننڊ؟؟“ زالهنس زوري ننڊ مان اٿاريندي چيس. کن پل لاءِ وسامجي اوٻاسي ڏنائين.
”مان ننڊ به تنهنجي مرضيءَ سان ڪيان ۽ تنهنجي مرضيءَ سان جاڳان.“
هوءَ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري سٽ سٽ ڪندي بورچي خاني ۾ هلي وئي.
پوئين پهر جي سج جي سونهري ڪرڻن دريءَ جي شيشي سان ٽڪرائجي، ڇڻي بيڊروم ۾ گهڙي هلڪي روشني پکيڙي ڇڏي. دريءَ جي ٻاهران شيشي کان ڇت تائين چڙهيل واڱڻائي گلن جي ول، ساون پنن سان ڄڻ فريم ۾ مڙهيل تصوير پئي لڳي. ان مان ڪجهه گل ڪومائجي ويا هئا ته ڪجهه اڌ ٽڙيل هئا.
ول جي ٽاريءَ تي سانڊو ويٺو هو.
هِن جي نگاهه بنا اجازت ۽ بيزاريءَ منجهان نڪري وڃي، شيشي تي ٽڪ ٻڌي بيهي رهي.




پاڻ ٽيليفون کاتي ۾ ايس ڊي او ۽ زال ڊاڪٽر اٿس. اسپتال ٻهراڙيءَ ۾ آهي، جتي سندس زال نوڪري ٿي ڪري.
ڳوٺ جي چوڌاري ڪمند جو فصل ٿيندو آهي. رهڻ لاءِ مليل سرڪاري بنگلو جنهن جي چوڌاري چيلهه جيڏا سر هُئا، ان ڀڙڀانگ بنگلي کي اندران زالهنس ڊيڪوريٽ ڪيو ته ٻاهران پاڻ ڊاڪا گراس، موسمي گل، رات جي راڻي، چمپا، چائنا روز ۽ فوني گل جي واڱڻائي ول رکيائين. صبح جو ٻوٽن ۽ ڇٻر کي کرپيءَ سان گڏ ڏيندو، گاهه ڪڍندو، ڊڊوني جي وڌيل ٽارين کي هموار ڪندو ۽ پوءِ پائيپ سان پاڻي ڏيئي، پاڻ شاور باٿ وٺي آفيس ويندو.
جڏهن رات جو ڳوٺ کان ڏيڍ ميل پرتان شگرمل جي چمنيءَ مان دونهون آسمان ۾ ڦهلبو ۽ حوض مان نڪرندڙ ڦوهارن جي ٽيوب لائيٽس جي روشني پوندي ته ڦوهارا سنگ مرمر جي گنبذن جو ڏيک ڏيندا ان مهل زال سان گڏ رات جي راڻيءَ جي هلڪي خوشبوءِ ۾ لان تي نيٽ جي ڪرسين تي ويهي ڪچهري ڪندو آهي.
اڄ شادي کي پورو سال ۽ ٽي مهينا ٿيا.
”پر ڪيستائين ٻار لاءِ سِڪنديس.“
”تون چوندي آهين ته ميڊيڪل جي حساب سان ٻن سالن تائين ٻار نه ٿئي ته نارمل آهي.“
”ها..... پر کوٽ ته آهي نه.... تون پيشنٽس جي هسٽري ٻڌين ته.... وحشت ٿئي. ڪنهن کي سورنهن سالن کان ٻار ڪونهي، جڏهن ته ميڊيڪلي ٻئي فٽ آهن.... ڪنهن کي پٽ نه ٿو ٿئي ته ڪنهن کي ست پٽ آهن ته ڌيءَ ڪونهي.... مريضن جون مختلف ڳالهيون ٻڌي ماڻهو پاڻ ئي پيشنٽ ٿي پوي.... ذهني مريض.“
”نه ڪا ڳالهه ڪونهي، ٿي پوندو....“
”اڄ هڪ مائي آئي. حيرت آ! ته ڳوٺاڻين عورتن ۾ ايتري سگهه ڪيئن آهي.... ايبارشن ٿي وئي هئس جي جلدي D.N.C نه ڪيانس ته شاڪ ۾ هلي وڃي.“
”پوءِ؟“
”پوءِ ويچاري ڏاڍو رُني پئي.... ٻڌايائين ته ٻئي گڏ رهندا هئاسين. ڳهه ڳٺا ۽ ڍور ڍڳا وڪڻي سعودي عرب مان لوڙهي پيسا ڪمائي ٻني ورتيسين. ٻئي کيڙيون ۽ کائون پنهنجو مال متاع کير مکڻ..... پر سس سان نه ٺهيس رسي اچي پيڪين ويٺس..... پر سس به ڪا ماءُ ٿئي.
بابا تي اغوا جو ڪيس به ڪيو اٿس.... خبر پئي آهي ته ٻي شادي ٿو ڪري.... قسمت ۾ پهاڄ هئي اها به اکين تي رکان.... تر جي گٿي سو چوٽون کائي..... ڪاڏهون جي نه رهيس.... چڱو ٿيو ڇڪي آئي..... اڪيلي ئي مري وڃان.
”ٻڌ.... ٻار ٿيو ته نالو ڇا رکنداسينس؟“
جي ڌيءَ هوندي ته ”ڪوئل“ جي پٽ ته پوءِ ”عزازيل“.....
****
”سگريٽ ڇڏ“
”ڇو!؟“
”سگريٽ جو اثر اسان جي ٻار تي نه پوي“ هن ڏٺو سندس زال جي منهن تي فڪر جو تاثر اڀريل هو.
”سگريٽ ڇڏ نه؟؟“
”ڇڏيندس.“
”تون رڳو چوندو آهين.... دير تائين شاعري پڙهندين چانهه پيئندين ۽ سگريٽ ڇڪيندين..... پنهنجي صحت به خراب ٿو ڪرين ۽ ٻار ٿيو ته.....“
”بس.... ڇڏيندس ٻار تي اثر پوڻ نه ڏيندس.“
”ڀلا اسان جو ٻار ڪيئن هوندو؟“
چاهيان ٿو ته شڪل ۾ تو جهڙو هجي ۽ ذهن مون تي وڃيس.“
”ڇو؟؟؟“
”ڇو ته هو ڪتاب پڙهندو سڄي دنيا جي ڄاڻ رکندو.... جي نه ته پوءِ نيويءَ ۾ موڪليندوسانس ڇپ جهازن سان اجگر جيڏي سمنڊ کي چيري سڄي دنيا جي ملڪن جون موسمون، ڇوڪريون، منظر، نظريا سڀ ڏسندو، سکندو ۽ ...... ۽ جي نيويءَ ۾ نه ويو ته ايٿليٽ ڪري ميراٿن ڊوڙ لاءِ تيار ڪندوسانس.“
مسلسل ڳالهائي ڪجهه وقت چپ رهي زال کي ڏسي چيائين ”جي ڌيءَ هوندي ته ميوزڪ ۽ راڳ جي سکيا ڏياريندوسانس.“
”نه..... نه زالهنس ڪاوڙجندي چيو“ هو پنهنجي مرضيءَ تي ڪهڙي به فيلڊ ڏي وڃن.... پنهنجا خيال انهن تي نه مڙهينداسين.“
هو لئمپ جي روشنيءَ تي پڙهي رهيو آهي ”شاعري ٿو پڙهين؟“ سٽ ڏيئي ڪتاب ڦريائينس.
”ها.... تون ٻڌاءِ ته ننڊ نه اچي ته ڇا ڪريان؟“
”ڀلا ننڊ ڇو نه ٿي اچئي.... پڪ سان هوءَ ياد ايندي هوندئي.... تڏهن ته شاعري پڙهين ٿو.“
”توکي ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ته يونيورسٽيءَ ۾ مون عشق نه ڪيو هو. دوستي هئي.... دوستي هئي. دوستي ان ڪري مشهور ٿي ته هوءَ منفرد هئي، فرينڪ هئي، سٺي سِنگر هئي. مان ليڊر ۽ شاعر هئس. ڪتاب پڙهندو هئس. هن کي مون سان نه منهنجن تقريرن ۽ اسٽيج تي شاعري پڙهڻ جو انداز.... ۽ ڳالهائڻ وقت ته لفظن جو بادشاهه هئم.... هن کي مون سان نه منهنجي لفظن سان عشق هو.... يقين ڪر“
”ڪيئن يقين ڪريان..... ڪيئن؟“
”توکي يقين ڪرڻ کپي.... هي جيڪو تنهنجي پيٽ ۾ ٻار آهي، اهو تنهنجو به آهي منهنجو به ان پٽ/ ڌيءَ جو قسم.... ٻار دنيا جو سچ آهن، ان سچ جو قسم يقين ڪر.“
”پر..... پر شاعري نه پڙهه.“
”ڇڏيان ٿو.... بس؟“
”الا.... يار مان ڇا ڪيان.... مان توکي ڏاڍو تنگ ڪندي آهيان.“
”نه بلڪل نه اهو ئي پيار آهي، پيار جي انتها تون منهنجي پيار ۾ ڪنهن جو به شيئر نه ٿي چاهين.....
مان تنهنجي پيار جو مانُ رکندس.... شاعري پڙهڻ ڇڏيندس، اهو ڪجهه وقت اڳ به چيو هو مانءِ يقين ڪر.“
”سگريٽ اڃا پئين ٿو؟؟؟؟“
”بس.... ڇڏيندس.“
”تون اڃا تائين ان کي وساري نه سگهيو آهين؟“
”ڇو؟؟“
”پوءِ ڇو ٿو پئين سگريٽ؟؟“
”شاعري به ان ڪري پڙهان.... سگريٽ به ان جي ياد ۾ ڇڪيان.... ائين نه!؟“
*****
پوءِ هيئن ٿو ڪيان.... اڃا به وڌيڪ سٺي مٽي گهرائي، رهيل زمين کي ٺاهيندس، ٻيا نوان گل ۽ لان رکندس.... صبح جي چانهه ڇڏيندس جيئن سگريٽ جي ٻاڙ نه لڳي پوءِ.... جيئن شاديءَ کان اڳ صبح جو جاگنگ ڪندو هئس، جاگنگ ڪندس.... محنت ڪرڻ سان ٿڪ ٿيندو. ڏينهن جو ننڊ نه ڪندس.
شام جو لان ته ڪچهري ڪبي.... سوير سمهبو.... ٺيڪ آ؟؟“
”ٺيڪ“
بس؟
بس.
”هاڻ مان مشيني ماڻهو آهيان، فيڊ ٿيل پروگرام تحت هلان ٿو.... تنهنجي ”ائين نه“، ”هونئن نه“، تي اٿان ويهان ٿو. لڳي ٿو ته منهنجو ذهن ڪتي جيان ۽ جسم گڏهه وانگي ٿي ويو آهي“ هو ڪاوڙ ۾ ڳالهائيندو ٿو وڃي.
شاديءَ کان اڳ سائيبرين پکيءَ جيان هئس. جت پاڻي، اتي سڪون. جي ٻئي ڪنهن هنڌ جي پاڻيءَ ڇڪ ڪئي ته ٿيلهو ڪلهي تي اوڏانهن اُڏار.... ۽ هاڻي ”هائوس اريسٽ“ آهيان خوبصورت بنگلو، تنهنجو خوبصورت چهرو، گل، سٺي ماني ۽ خواهشون شاديءَ جي ”بي ڪلاس“ ۾ قيد آهن.
”روئڻ“
”روءِ نه مان غلط هجان ته اڃا به صحيح ڪر.... ڪجهه فيڊ ڪر.... نه ڪندينءَ ته ائين نه ٿئي ته رات جي اونداهين ۾ گم ٿي وڃان.... ٻار تون چڱي نموني نپائي سگهندينءَ.... جي مان رات جي تاريڪن ۾ گم ٿي وڃان ته.... تون، تون موٽي شهر جي وڏي اسپتال ۾ نوڪري ڪري اتي پاڻ کي گم ڪري ڇڏجانءِ.“
روئڻ
ڏس.... روءِ نه مان سوشل اڪٽِوٽِيز ڇڏيون.... ۽ هن ڳوٺ ۾ ان ڪري اچي رهيم ته پنهنجي اندر کي اگهاڙو ڪري تو ۾ پناهه وٺان.... ۽ هاڻ ڇا ڪيان؟؟؟؟؟
زالهنس جي پيرن جا آواز ويجها ٿيندا پئي ويا هن ڪمري ۾ چوڌاري ڏٺو جتي هيپي مئرج جي شوپيس ۾ شاديءَ جو فوٽو مڙهائي ڇڏيو هئائين فوٽوءَ ۾ ٻنهي جون اکيون اکين سان مليل هيون ۽ چپن تي هلڪي مرڪ ۽ ٻي ديوار تي ميجي مِلڪ وارن جو ڪلينڊر جنهن ۾ گول گپي جهڙو گول مٽول چيني ٻار پانڊا رڇ سان کيڏي مرڪي رهيو هو.
”هان وٺ“..... چانهه جو مگ سائيڊ ٽيبل تي رکندي چيائين“ ”ايڏانهن ڇا ٿو ڏسين؟؟“
زالهنس ڪنڌ ورائي دريءَ ڏانهن ڏٺو جتي واڱڻائي گل ڪومائجي ويا هئا. سج جي سونهري ڪرڻن ڪري سانڊو چٽو پئي نظر آيو، سانڊي ٿوري چرپر ڪئي، سائي رنگ مان ڪاٺيءَ رنگو ٿيندو پئي ويو. هن کان ڇرڪ نڪري ويو ڄڻ ڪمري ۾ اڪيلي رهجي وئي.... تڪڙ ۾ دريءَ کي پردي سان ڍڪي ٽيوب لائيٽ جو بٽڻ آن ڪيائين. روشني چانڊوڪيءَ جيان ڦهلجي وئي، مڙس جي منهن ۾ ڏٺائين سندس منهن ڳاڙهو لڳس.
ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ اکين تي ڌنڌ چاڙهي ڪوهيڙي جيان پيرن کي وڪوڙي ڇڏيس.

No comments:

Post a Comment