Monday, November 30, 2020

پاڻ وهيڻي پَري - محمد ابراهيم جويو

پاڻ وهيڻي پَري

(سنڌ جي هڪڙي لوڪ ڪهاڻي)

محمد ابراهيم جويو



ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو ڪو غريب شخص هو، تنهن کي گذران جي تنگيءَ اهڙو ته اچي ورايو،جو لاچار ٻي ڪا واهه نه ڏسي، گهر واريءَ کي چيائين ته ”اٽي لپ ڪا پلاند ۾ ٻڌي ڏينم ته پرديس ۾ وڃي ڪٿي قسمت آزمايان- باقي هتي ته ويٺي ويٺي بنهه ويلا ٿا پئجي وڃنسون!“ جوڻس تنهن تي اندر اُٿي وڃي ٿانو ٿپا اٿلايا پٿلايا، پرتس ۾ هٿ گهمائي کڻي جو ڏسي ته اَٽي جي ان ۾ چپٽي به ڪا نه لڀي! دل ڏاڍي ڪري، چُلهه مان ڇار جون ٻه چار مٺيون ڀري، اجرڪ جي پلو ۾ ٻڌي، آڻي مڙس کي هٿ ۾ ڏنائين ته ”هي اٿئي مانيءَ ٻن جو اٽو! پرتين الله کي! پٺيان جي تو کان لڪل ڪانهي: ورجانءِ مڙيو ئي سيگهڀرو!“

واڀيڙو - م ع ڏيپلائي

واڀيڙو

(ڪڇيءَ ۽ ٿريءَ ٻوليءَ ۾ هڪ سچو عبرت خيز ناٽڪ)

م ع ڏيپلائي



]جيئن سنڌ ۾ ڪي هندو ”ر“ کي ”ڙ“ ۽ ”ڙ“ کي ”ر“  ڳالهائيندا آهن. مثلاً ”جهڙو“ کي ”جهرو“ ۽ ”ڪرڻ“ کي ”ڪڙڻ“ تيئن ڪڇ ۾  گهڻو ڪري ”ج“ يا  ”ز“ جو اچار ”جهه“ وانگر ڪندا آهن ۽”جهه“ جو وري ”ج“ وانگر مثلاً، هو ”عجب“ کي ”عجهب“چوندا آهن ۽ ”جهليءَ کي ”زلي“: ک کي ڪ، د کي ڌ، هه کي ئـ، ڳ کي گ، ب کي ڀ، گهه کي گ، ۽ بعضي ته ”هه“ کي پڙهندا ئي ڪو نه آهن مثلاً ”ٻاهر“ کي ”ٻار“ چوندا آهن. ڏکڻ خواهه ڪڇ ٻنهي ۾ هي به رواج آهي ته جمع جي ”ن“ کي ”ين“ اچاريندا آهن مثلاً؛ ”کيٽن“ کي ”کيٽين“، ”ڪتابن“ کي ”ڪتابين“.

هيٺ ناٽڪ ۾ آيل ڪن اهڙن لفظن جي معنيٰ هتي ڏجي ٿي، جي سنڌين لاءِ نوان آهن:

ڀؤ = ها؛ جيٻو (جي ڀؤ) = جي ها؛ هيور = هينئر؛ ڪرو = ڇا؛ ني = ۽؛ ٻاوا =ميان؛ سائين؛ ڪين = ڪنهن، پڻ = پر؛ دوجڪ = دوزخ؛ ڀيشت = بهشت؛ زلي  جهلي؛ پرڙڻ = گهٽڻ؛ رونسڻ = مارڻ؛ عاجرود = عاجز؛ کينچو = کيسو؛ واڀي = وهابي؛ جيڪو پيرن جون ڪرامتون نه مڃي (واڀيڙو – اسم تصغير)؛ يوري = جهوري؛ ڪُٽي ماري؛ ڪارئين = ڪارهين؛ يارهين، گمايو = وڃايو؛ ٻهون = تمام گهڻو؛ مون = منهن؛ نون = نهن؛ مڙي = سڀيئي؛ نيتارو=ڇوٽڪو؛ اگهڙڻ= اُڪلڻ، کُلڻ؛ ڀنڀوٽيو = لاٽئون؛ هوا ۾ ڦرندڙ چيز؛ ميل= مـَر ُ؛ چمتڪاري= ڪرامتي؛ موئا ڀي = محابي؛ جهور = زهر؛ موڀتون= محبتون؛ اينڦلونجا = انفلوئنزا؛ نتان = نه ته؛ ترهوڙو = ريت مرجات؛ کِرڇ=وحشي؛ ڏيڪر = ڏيکاءُ؛ سئي = سڀيئي.[

چنڊ ڏٺو..........؟ - ”ش“ مظفر پوري

چنڊ ڏٺو..........؟

”ش“ مظفر پوري

سنڌيڪار: ث م ”ثنائي“



رات ڪافي گذري چڪي هئي.

ان رات جو چنڊ زياده چمڪندڙ ۽ حسين هو. هوا ۾ ڪافي مستي هئي، ۽ شبنم ۾ ڪافي خنڪي. اشرف دريءَ وٽ بيهي، ٻاهر حد نگاهه تائين ڦهليل سرسبز زمين ۽ گهاٽن وڻن تي هڪ نظر وڌي. چنڊ جاڳي رهيو هو. ڄڻ اشرف کي چئي رهيو هو –

”مون ڏٺو آهي........... مون ڏٺو آهي.......“

چنڊ ڇا ڏٺو هو؟

چنڊ ڏٺو ته هڪ نوجوان دوشيزه آهستي آهستي قدم کڻندي، اچي دريءَ جي ڀرسان بيٺي، ۽ دريءَ جي تاڪ کي آهستگيءَ سان کڙڪايو. اشرف معنيٰ خيز نظرن سان هن کي ڏٺو، ۽ جلدي ئي پنهنجي ڪمري جو پويون دروازو کوليو. دوشيزه تيزيءَ سان ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ دروازو وري بند ٿي ويو....... هو ٻئي ڪجهه عرصو خاموش رهيا ۽ هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا. دوشيزه ڏاڍي گهٻرايل هئي. هن جو سينو ڌڪ ڌڪ  ڪري رهيو هو، ۽ ساهه منجهي رهيو هو. هوءَ گهڙيءَ گهڙيءَ، ڪڏهن دريءَ جي طرف ۽ ڪڏهن دروازي جي طرف ڏسي رهي هئي. ڄڻ هن کي خوف هو ته ڪوئي اچي نه وڃي........ کيس ڏسي نه وٺي. ان وقت دوشيزه جي اکين ۾ هڪ عجيب وحشت هئي. جهنگل جي ان نازڪ ۽  پاڇي کان به ڊڄندڙ هرڻيءَ وانگر، جنهن کي ڄڻ شڪاريءَ جي آهٽ ڪَنِ پئي هجي – هوءَ پنهنجي حلق ۾ گهڙيءَ گهڙيءَ ساهه کڻڻ وقت ڪا رڪاوٽ محسوس ڪري رهي هئي. جڏهن اشرف هن کي ڏٺو ته هن جي چپن ۾ جهٽ گهڙيءَ لاءِ لرزش پيدا ٿي – ڄڻ هن ڪجهه چوڻ پئي گهريو. الاجي هن ڇا پئي چوڻ چاهيو.......... خبر نه آهي ته هوءَ اشرف جي اکين ۾ ڇا ڏسي رهي هئي، جو يڪدم ڪجهه چوڻ لاءِ بيقرار ٿيندي پئي ويئي. الاجي اشرف جي خاموشيءَ ۾ ڪهڙو آواز هو، جنهن کي ٻڌي دوشيزه تي خوف پئي طاري ٿيو. هن جي جسم ۾ هڪ دفعي ته اهڙي لهر ڊوڙي آئي، جو ڄڻ ڪنهن تي چولي هيٺ پٺيءَ جي هڏي تي هڪدم ڪو جيت چڙهي ويو هجي.

گل نرگس جو جنم - قادر بخش نظاماڻي

گل نرگس جو جنم

(يوناني ديو مالا جو هڪ ورق)

قادر بخش نظاماڻي



]گل نرگس جي پيدائش بابت يوناني ديو مالا ۾ دلچسپ قصا آهن، جن مان قديم روم جي مشهور  شاعر اوويد جي قصي جي بنياد تي ٻڌل ڪهاڻي هيٺ پيش ڪجي ٿي.[

قديم زماني ۾، ”نرگس“ جي نالي سان هڪ بيحد حسين، خوبرو ۽ نو عمر جوان هوندو هو. نرگس اهڙو ته سهڻو ۽ سوڀياوان هو، جو جيڪا به نوجوان ڇوڪري کيس ڏسندي هئي ته هڪدم مٿس ڇڪن ٿي پوندي هئي، ۽ سندس محبوبه بنجڻ لاءِ پئي تڙپندي هئي. مگر هن نو عمر نينگر جي دل ۾ ڪنهن لاءِ به جاءِ نه هئي: هن جي ڪنهن تي اک ئي نه ٿي ٻڏي. پنهنجي حسن تي کيس ڏاڍو ناز هو. سهڻي کان سهڻيون ڇوڪريون پاڻ ڏي سندس ڌيان ڇڪڻ لاءِ وس ڪنديون هيون، پر هو نيڻن جي نگاهه کان کين سڪائيندو، ائين سندن اڳيان لنگهي ويندو هو، ڄڻ هنن جو ڪو وجود ئي نه آهي. هنن دل ڀڳل ۽ بيقرار ڪمارين لاءِ هن کي ڪا به ڪشش ڪا نه پئي ٿي.

طوفان - هادي بخش لاڙڪ

طوفان

اصل: پ پدما راءُ

سنڌيڪار: هادي بخش لاڙڪ خيرپور (سنڌ)



طوفان جي تيزي وڌندي رهي، ۽ ريل پڻ ليٽ آئي هئي. جئن هن سيڪنڊ ڪلاس گاڏي ۾ قدم رکيو، تئن کيس پنهنجي گهر جي آرام ۽ آسائش جي يادگيري دل تي تري آئي. طوفان جي سوساٽ سندس خيالات ۾ رخنو وڌو ۽ وري کيس پنهنجن چئن پٽن ۽ گهرواريءَ جو خيال ستائڻ لڳو. ”شايد هو منهنجي سک سلامتيءَ بنسبت سوچيندا هجن!“

گاڏيءَ جي چئني بئنچن تي مسافر براجمان هئا، ۽ راءُ سندن چهري مان ئي پروڙي ورتو ته هو گاڏي ۾ وڌيڪ مسافرن داخل ٿيڻ جي بلڪل خلاف هئا. راءُ هن گاڏي مان نڪري ٻئي ڪنهن خالي گاڏي ڏانهن جڳهه ڏسڻ جو خيال ڪيو، پر هڪ ته ڪوليءَ سندس سامان اڳ ۾ ئي گاڏي اندر رکي ڇڏيو هو، ۽ ٻيو ته گاڏيءَ جي سيٽي پڻ وڄي چڪي هئي. پنهجي ڇٽي، ٿرماس ۽ ٽفن باڪس مٿينءَ سيٽ تي سنڀالي رکندي، راءُ هڪ سمهيل مسافر جي پيرن کان ويهي رهيو. سڀيئي مسافر شايد ڪنهن ڏورانهين منزل تي اُسهڻا هئا. هن ڏٺو ته سندن بوٽ بئنچن هيٺان پيل هئا، هنن پنهنجا ڪوٽ لاهي ڪلين ۾ ٽنگي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ رات جي ڪپڙن ۾ ڊگها ٿيا ليٽيا پيا هئا. ڀرسان واري سيٽ تي هڪ نوجوان مرد ۽ عورت پاڻ ۾ سنهيون سنهيون ڳالهيون ڪري رهيا هئا- هو زال مڙس ٿي ڏٺا. سامهون واريءَ سيٽ تي هڪ ڪَرڙوڍ اخبار پڙهي رهيو هو، ۽ باقي راءُ واريءَ سيٽ تي سمهيل نهايت مزي سان کونگهارا هڻي هيو هو.

ناڪام محبت - عبدالرزاق ”راز“

ناڪام محبت

عبدالرزاق ”راز“



تمام پري شرناءِ تي لاڏو ٿي وڳو. لوهي ٽاٽ بگي، اونداهيءَ رات ۾، پيچرن کي چيريندي، اڳتي ٿي وڌي. ابلخ گهوڙي ڪڏهن ڪڏهن هڻڪيو ٿي. ڊرائيور رين کي ڍرو ڪري. هن جي پٺيءَ تي ٿڦڪي ٿي ڪئي. بگيءَ ۾ هڪ نوجوان ڪنهن ڳوڙهيءَ سوچ ۾ ويٺو هو. هڪ ننڍڙو هنڌ ۽ هڪ ٽين جي ڪاري پيٽي بگيءَ ۾ رکيل هئا. ڊسمبر جي شروعات هئي. آسمان تي جهڙ هو. ڪجهه وڌيڪ ٿڌ ڪا نه هئي، پر اتر جي هوا ڪري بدن ۾ سياٽو ٿي اڀريو. ڊرائيور کنگهي، نڙيءَ کي صاف ڪري، پنهنجي ڳلي تي زور ڏيئي ڳائڻ لڳو. ”تنهنجي ياد ستائي ٿي“ آواز اهڙو بي سـُرو هو، جو طبيعت تي ڄڻ بار ٿي معلوم ٿيو. نوجوان جا خيالات منتشر ٿي ويا. هو راڳ جي لفظن تي غور ڪرڻ لڳو.ڊرائيور جي انهيءَ راڳ ڏيڍ منٽ کن جٽاءُ ڪيو، وري اچي کيس کنگهه ورايو. نوجوان ”کئون کئون“ ڏي تمام گهٽ ڌيان ڏنو. وري ڪنهن ماضيءَ جي ياد ۾ مبتلا ٿي ويو. شرناءِ تي ”هو جمالو“ وڄي رهيو هو، ليڪن آواز جهيڻو ٿي لڳو. هوا سوساٽ ڪري ٿي لڳي. دهل جو آواز ڪنهن وقت بي سرو ٿي ٿي ويو. گهوڙو پنهنجي تيز رفتار سان منزل جي طرف ڊوڙي رهيو هو. ڊرائيور کيس ٻچڪاريون ڏيئي رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس وات مان ”هئي هئي من“ جو پيار ڀريو ٻول ٿي نڪتو. هلندي هلندي گهوڙي جو جوت ڇڄي پيو. ”خدا جي شل مار نه پويئي؟“ ڊرائيور چيو، ۽گهوڙي کي ٻچڪاري ڏيئي بيهاريائين. گاڏيءَ تان لهي، جوت سان نوڙيءَ جو ٽڪر ڳنڍي، وري گاڏيءَ تي چڙهيو ۽ گهوڙي کي هڪل ڪري چيائين، ”هل پٽ هل“، پيسينجر ڏانهن نظر ڦيري چيائين، ”مان به هي رستو پهريون ڀيرو آيو آهيان“. نوجوان جو خيال ٽٽي ويو، ۽ جواب ڏنائين، ”هي ڳوٺ ٽن سالن کان آباد ٿيو آهي. جڏهن مون ڳوٺ ڇڏيو هو، تڏهن فقط ڏهه گهر هئا. هاڻي پنج ست وڌيا هوندا“. ڊرائيور پڇيو، ”تو ڪڏهن ڳوٺ ڇڏيو هو؟“ مسافر جواب ڏنو، ”ادا اٽڪل اڍائي سال کن ٿيندا. مان ڪراچي ۾ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو آهيان. هاڻي اتان ٿو اچان.“ ڊرائيور چيو، ”ڀوتار! ڪراچي ته ڏاڍو وڏو ملڪ آهي، چوندا آهن ته جاين جون پنج پنج ماڙيون ٺهيل آهن. موٽران لاريون ۽ ٽرامان ته جام آهن – چئن پئسن ۾ ڪاڏي جو ڪاڏي وينديون آهن. بگين وارا ته ويچارا مٿو پٽيندا هوندا!“مسافر جواب ڏنو، ”بگين وارن کي به چڱي ڪمائي ٿيندي آهي. سرڪاري ڪامورا ۽وڏا ماڻهو بگين تي چڙهندا آهن. زالاڻو عالم به گهڻو ڪري بگين ۾ چڙهندو آهي.“

لوئي تنوير- عباسي

لوئي

تنوير عباسي



مون هن کي سڃاتو ئي ڪين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه هو، واقعي هو ڪافي بدلجي ويو هو. مليو به سالن کان پوءِ هو. هن جي مٽن ۾ کڏون پئجي ويون هيون، وار ڦٽل هئس، جن ۾ شايد ڪن ڏينهن کان تيل نه وڌو هئائين. سندس رنگ ڪنهن اس ۾ پيل پن جيان لهسجي ويو هو. ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئس، ۽ قميص جا بٽڻ کليل هئس، اندران سندس پگهر ۾ ميري ٿيل گنجي ظاهر ٿي رهي هئي.

هڪ گجراتي گيت جي آڌار تي لکيل - گوورڌن محبوباڻي

(هڪ گجراتي گيت جي آڌار تي لکيل)

ڪهاڻي

گوورڌن محبوباڻي – اجمير



ڳوٺ جي الهندي ڇيڙي تي صرف اهو ئي هڪ کوهه هو. ڳوٺ جون سندريون گهڻو ڪري ان کوهه تان پاڻي ڀرڻ اينديون هيون. صبح يا شام جي وقت، جڏهن سورج پنهنجي لالي آڪاس جي نيلي اڱڻ  ۾ ڦهلائي ڇڏيندو هو، تڏهن کوهه جو ڀروارو وايو منڊل انهن ڇٻيلين جي ٽهڪن ۽ چوڙين جي مڌر جهنڪار سان گونججي اٿندو هو. انهن چنچل ڇورين جو روپ، رنگ، جوڀن ۽ لوڏ ڏسي، کوهه جي اندر ۾ عجيب هلچل مچي ويندي هئي. هن جي هرديي ۾ هڪ انوکي جذبات جون لهرون اٿنديون هيون. سوچيندو هو، ”ڇو مون سان ڪا ٻه اکر به ٻولي نه ٿي – الائي ڇو؟ سڀ پنهنجي مستيءَ ۾ محو آهن. پاڻ ۾ ئي مذاق ڪري، ٽهڪ ڏيئي هلي ٿيون وڃن!“ ويچاري جي دل جون تمنائون دل ۾ ئي رهجي وينديون هيون. هو البيليون ته موٽي وينديون هيون ۽ ويچارو کوهه لاچار دل جي امنگن کي دٻائي سانت ٿي ويندو هو.

Sunday, November 29, 2020

اکڙيون - الاهي بخش لاڙڪ

اکڙيون

اصل: ڪ. ٽ. محمد جو ملايالم ٻوليءَ ۾ لکيل

انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ: سشيلا مرزا

سنڌيڪار: الاهي بخش لاڙڪ



جن کي به الله اکيون ڏسڻ لاءِ ڏنيون آهن، سي مونکي ڏسي کلندا آهن، ۽ ڪي ته بنهه ليڪو لنگهي اچي ٽهڪن ۾ پوندا آهن. هنن جي ڏندن جي نمائش ۽ گڏهه وارين هينگن جو هڪ هي به راز آهي، ته مون به هڪ دلبر سان نينهن اٽڪايو هو ۽ توڙ نباهي وڃي شادي رچائي هيم. هو هن ڳالهه تي اچرج کائيندا آهن ته آءٌ ڪيئن عاشق ٿيس؟

جيڪڏهن اوهان هنن کان هن بي موقعي هينگڻ جو سبب پڇندا، ته هو يڪدم اوهان کي چوندا، ’ذرا ڪنڌ ورائي هوڏانهن ته نهاريو!‘ چڱو هينئر مان اوهان جي اڳيان آهيان. اوهين امين ٿي فيصلو ڏيو ته مون ۾ آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن لاءِ مون تي کل جي ايتري ٺٺري کڻي ٻڌي اٿن! آخر  آءٌ به ته الله جي پياريءَ اشرف المخلوقات جو هڪ فرد آهيان.

پاشا - جمال ابڙو

پاشا

اصل، مئڪسم گورڪيءَ جو، روسي زبان ۾ لکليل

انگريزي ترجمي تان سنڌيءَ ۾ آڻيندڙ: جمال ابڙو



روز صبح ساڻ گگهوءَ جو ڀوائتو آواز لهرون هڻندو، رانڀاٽ ڪندو، مزورن جي بستيءَ تي ڇانئجي ويندو هو. ڳوٺ جي گريءَ ۽ تيل هاڻيءَ فضا کي ڄڻ ته وڪوڙي کڻي مٺ ۾ ڪندو هو. سڄو ڏينهن هڏ هڻي، مزور به گودڙين ۾ اونڌا ابتا ٿيو، ڪنڊن ۾ ڪريا پيا هوندا هئا. ننڊئي ته سندن ٿڪل لڱن جي خوراڪ هئي! گگهوءَ جي بي وقتو ۽ بي هودو حڪم کين اڌ ننڊ مان ڇڪي اٿاريندو هو. اکيون مهٽيندا، ٿيڙ کائيندا، ڦيريون پائيندا اٿندا هئا. بس ڄڻ ته ڪئا ٻرن مان نڪتا. اوندهه، پوسلو ۽ ٿڌ ڪرڪندا، گاريون ڏيندا، رئي اڏائيندا، گهٽيءَ مان گڙڪندا ايندا هئا پيا هڪ ٻئي جي مٿان ڊهندا ۽ ٿاٻڙندا هئا. ڪارخاني جون بي خوف ڀتيون لاپرواهيءَ سان جبل بڻيون بيٺيون هونديون هيون. مزور ويندا هئا گڏ ٿيندا. گپ سندن پيرن هيٺان پي چڪ چڪ ڪندي هئي. گوڙ ۽ شور ويندو هو وڌندو. ڦٽ لعنت ۽ گارين جو ڌوڙيو لڳايو بيٺا هوندا هئا. لوهي پرزن جي کٽ کٽ ۽ ٻاڦ جو ڦرڙاٽ ويندو هو زور وٺجندو. دونهي جا ڪڪر اٿندا، وڌنڌا، ديو وانگر سڄي ڳوٺ تي ڇانئجي ويندا هئا.

درياءُ شاھ - خواجه غلام علي ”ناشاد“

درياءُ شاھ

خواجه غلام علي ”ناشاد“



”سائين، درياهه بادشاهه جي ڳالهه پري آهي!“.... ٻڍي ڌٻندي، لٺ پٽ تي رکندي ۽ وهندي وراڻيو، ”جواني ديواني آهي.... مون تي به زوري اجائي سڄو ڳنڍيو پيو هوس. هيءَ (اشاري طور) ڇاتي ٻه هٿ مس ڪرائيءَ تي ورن، بت جهڙو راڳيو پيو هوم. ڪپڙن ۾ ٺهيل، شين به شيني جتي  جنهن جو رونگٽ پري ٿي ٻڌو. ڪانچ سورهن پوتي هرک جي، جنهن ۾ اٺاڳ ڄاريءَ وارو، جنهن جا ڇيڙا، مقي ڀريل، لڙڪيا پئي. ڏوري واري وائلي جي صدري، جنهن تي به ڀرت- ٻه پڙي ٺٽي جي اجرڪ، لوڙهه پرهه کن، جنهن ۾ لوهه ڪڙيون، ناڻو ڪهڙي وڄا سان خبر ڪا خير: ڄاتم واڻئي جي ڏاڙهي اڄ هوندي صبح نه! دنيا ڇا رتيءَ ماتر ڪل ڪا نه هئم.

زندگيءَ جي ڪنارن تائين....! - سراج الحق ’بسمل‘

زندگيءَ جي ڪنارن تائين....!

سراج الحق ’بسمل‘



دريا جي ڪناري تي، مٽيءَ ۽ ريتيءَ جون ڍڳيون ڍڳيون ٺاهنيدي، ڦٽائيندي، هو سوچي رهيو هو: ’ڇا منهنجي لاءِ زندگيءَ جي جهولي ايڏي خالي ٿي چڪي آهي، جو مون کي ڪجهه به نه ٿو ملي، يا زندگي ايڏي ڪوتاهه بين ٿي چڪي آهي، جو منهنجي هر ڪنهن تقاضا، هر ڪنهن ضرورت کي ڪا اهميت ئي نه ٿي ڏيئي سگهي؟‘ دريا جون لهرون ڪناري تائين اچي، وري موٽي وڃڻ لڳيون. هو سوچڻ لڳو: ’ڇا زندگيءَ جو اهوئي جواب آهي ته آءٌ به پنهنجي گذريل زندگيءَ ڏانهن موٽي وڃان!‘ ۽ هو وري به انهن لهرن جي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڪئين لهرون آيون ۽ واپس موٽي ويون.... هن جي ذهن ۾ به ڪئين سوال اڀريا ۽ واپس موٽي ويا!

جوابدار ڪير - ”اياز“ قادري

جوابدار ڪير

”اياز“ قادري



هن جي تقرير، تاڙين ۽ نعرن جي شور ۾ ختم ٿي. هن کي هار وڌا ويا. ايتري قدر جو سندس منهن به گلن جي وچ ۾ نظر نٿي آيو. اڄ هرڪنهن جي وات ۾ هن جي واکاڻ هئي. هو قوم جو صحيح ترجمان هو. اهوئي سبب هو جو ماڻهن جي دلين ۾ هن جي لاءِ بيحد عزت هئي، پيار هو. اڄ به سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي جمع ٿيا هئا. هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پئي ٿيا. ميدان ۾ پير پائڻ جي به جاءِ نه هئي، پبلڪ پارڪ سڄو ماڻهن سان سٿيو پيو هو. اونهاري جي سخت گرميءَ ۾ ماڻهن جو دم پئي گهٽيو. ماڻهون پگهر ۾ شل ٿي ٿيا، مگر جيئن پوءِ تيئن ڀيڙ وئي ٿي وڌندي. سندس تقرير شروع ٿيڻ کان اڳ ٻن چئن هنڌن ڌڪا مڪي به ٿي مگر وري سانت ٿي وئي.

نئين زندگي - علي احمد بروهي

نئين زندگي

علي احمد بروهي



خيراتي اسپتال جي وچين وارڊ ۾، لوهي چارپائيءَ تي ليٽندي، ظفر سوچيندو رهيو. بيماريءَ کي اچي ٻه هفتا کن گذريا هئس. علاج معالجو به ڪافي ڪجهه ڪيو ويو هو، ليڪن الاجي ڇو، ڪنهن به ڦڪيءَ فرق نه ٿي ڪيو. ڊاڪٽرن طرفان دوا سان گڏ دستوري دلداري ۽ ڏڍ به ڏنو ٿي ويو، ليڪن ظفر کي بخوبي ڄاڻ هئي ته سندس زندگي ۽ موت جي دنگل جو آخرين نتيجو ڪهڙو نڪرڻو هو۽ آخرين فتح ڪنهن کي حاصل ٿيڻي هئي ليڪن ان لاءِ کيس ڪابه ڳڻتي يا فڪر هرگز نه هو.

شيدو ڌاڙيل - غلام رباني سنڌي

شيدو ڌاڙيل

غلام رباني سنڌي



(۱)

سج ٻه ڪانا کن مٿي چڙهي آيو هو. اڱڻ ۾، ڇنل کٽ تي، ڦاٽل رلهيءَ ۾ ويڙهيو سيڙهيو، هو ستو پيو هو. کٽ جي چوڌاري اسڪولي ٻارن جو ڊنب مڙيو بيٺو هوس.

”شيدو، شيدو، سائين ٿو سڏيئي!“

”اڙي ائين ڪونه اٿندو: هلو ته سائينءَ کي سڏي اچون،“ ٻئي واڪو ڪيو.

پر شيدو اهوئي ستو پيو هو.

تنهن تي، ٽئين ڇوڪر وڌي سندس منهن تان رلهيءَ جو پلئه لاٿو. ڇوڪر جو پلئه لاهڻ ۽ شيدوءَ جو واڪو ڪري اٿڻ، ”وڃي پنهنجي بابي ماستر کي ٻڌايو! مان ڪونه ايندس، ڪونه ايندس“ ۽ سٽ ڏيئي رلهيءَ جو پلئه ڇڏائي، هو وري ويڙهجي سيڙهجي سمجهي پيو.

ڇوڪرا چپ چاپ هليا ويا.

چهڙي - بشير مورياڻي

چهڙي

بشير مورياڻي



(۱)

هوءَ ڏاڍي وڻندڙ نينگري هئي ڀنگياڻي هئي ته ڇا!

هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ماءُ سان گڏجي ايندي هئي، ماءُ جي پڙي جي پلؤ کي پڪڙي، ان جي پٺيان لڪندي، لڄي ٿيندي، ڪڏهن مرڪندي ۽ ڪڏهن منهن هيڏانهن هوڏانهن ڦيريندي ايندي هئي. ويڻين ۾ ننڍڙيون ڪاريون ڪانچ جون ڪنگڻيون پيل هونديون هيس. ماڻس، ڪاڪوس صاف ڪرڻ ويندي هئي، ته هوءَ اسان جي گهر جي پڌر ۾ ڪنهن فڪر ۾ ٻڏل بيٺي هوندي هئي. ڪڏهن انهن ڪنگڻين کي ٻانهن ۾ پيئي ڦيرائيندي هئي، ته ڪڏهن وري گهر جي ڀتين کي چتائي بيٺي ڏسندي هئي. اهي حرڪتون تيسين جاري رهنديون هيس، جيسين ماڻس ڪاڪوس صاف ڪري موٽندي هئي.

Saturday, November 28, 2020

زندگيءَ جو روڳ - بشير مورياڻي

زندگيءَ جو روڳ

بشير مورياڻي



”جيل موڪليوس!“

”يا اهڙي سيکت ڏيوس، جو عمر ڀر ياد ڪري!“

”ٻار ٻچار به اٿس؟“

”انهن جو خيال به ڪونه ٿيس؟!“

”ڏاڍو ڪو چنڊال ٿو ڀائنجي!“

اهي سڀ ڳالهيون صدروءَ جي باري ۾ ٿي رهيون هيون، ۽ هو ڪنڌ جهڪائي ماڻهن جي انبوه جي وچ ۾ بيٺو هو. هن جو چهرو هر قسم جي جذبات کان خالي هو. هو رڳو تڪڙو تڪڙو ساهه کڻي رهيو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاٺ مڏيءَ جي مالڪ غوث بخش ڏانهن پئي ڏٺائين، جيڪو ماڻهن جي ميڙ ۾ بيهي ساڻن ڳالهائي رهيو هو.