Sunday, January 30, 2022

الڳ راهون - سندري اتمچنداڻي

الڳ راهون

(مختصر ڪھاڻي)

سندري اتمچنداڻي



خبر ناھي ڪھڙيءَ کنيو جو سڀدرا ديويءَ جي فوٽي کي ابتو ڪري ڇڏيم. روي گهر ۾ گهڙيو ته يڪدم سندس نظر اُبتي ٿيل فوٽي ٿي پئي. پڇيائين؛ “ھيءُ فوٽو ڪنھن اُبتو ڪيو آھي؟”

ھڪ پل لاءِ سوچيم، چوانس؛ ’بيبيءَ ڪيو آھي.‘ ليڪن منھنجي سچ ڳالھائڻ جي عادت، چيم؛ “مون”.

سواگت - سندري اتمچنداڻي

سواگت

(مختصر ڪھاڻي)

سندري اتمچنداڻي



اٺ ڏينھن گذري چڪا ھئا، جڏھن ومل ھڪ ڳوٺڙي ۾ پنھنجو خود درشن ڪري آيو ھو، کيس محسوس ٿيو ھو، سندس نرجيو سرير ۾ سجيو آتما جو چنڊ لٿو ھو. ان جي آنند جا ذرڙا، اڃا به سندس ساري سرير کي، ڪپھه جي ريشي جيان ويڙھي بيٺا ھئا.

رُڃ جو درياه - سندري اتمچنداڻي

رُڃ جو درياه

(مختصر ڪھاڻي)

سندري اتمچنداڻي



جلسي تي بلڪل سھج سڀاءُ گڏجي ويو. پنھنجي کيسي مان پاڻ ئي ڪارڊ ڪڍي منھنجي ھٿ ۾ پڪڙائي چيو ھئائين؛ “ست سال گڏ پڙھيل دوست، ائين منٽن ۾ ٿوريئي سڪ پوري ڪري سگهنداسين، فرصت وقت ھليو اچج ۽ پنھنجن شعرن جي ڪتابڙي به کنيو اچج.”

“اڄ ڪتابڙي منھنجي ھٿ ۾ آھي، پر ڪلاڪ کان ھن بيٺڪ جي ڪمري ۾ قيد ويٺو آھيان.” اھي اکر لکي، وري ھڪ ڀيرو سورج صاحب کي نوڪر ھٿان چٽ موڪلي ڏنم.

مُرڪ تي منع - سندري اتمچنداڻي

مُرڪ تي منع

(مختصر ڪھاڻي)

سندري اتمچنداڻي



لنبي عرصي کان پوءِ ٿي ھئي پڪنڪ. چترڀڄ ڪيترو وقت ٻيڙيءَ کان پرتي ويندڙ پاڻيءَ کي تڪي رھيو ھو. اوچتو راڻيءَ طرف منھن ڪري چيائين؛ “مون کي لڳي ٿو، تو کي منھنجي باري ۾ ڪا ئي غلط فھمي ٿي آھي...”

راڻيءَ جي پلڪن جا سورج مکي، اڌ گول ڪجھه دير، چترڀڄ کي تڪيندا رھيا. پڇيائين؛ “ڇو ٿو لڳي تو کي ائين؟”

“ائين ئي.... لڳندو آھي تون مون کي Avoid (نظرانداز) ڪرڻ ٿي چاھين.”

سَرءُ جي مُند - سندري اتمچنداڻي

سَرءُ جي مُند

(مختصر ڪھاڻي)

سندري اتمچنداڻي



تڏھن ھي سڀ ھئو ئي ڪين؛ ھيڏو ھال، اڌ ڀت تائين گولائيءَ ۾ ٺھيل صوفا، ڏائي پاسي اٺن ڪرسين سان ڊائيننگ ٽيبل، ڇت ۾ ٻه جھاز ۽ انھن جي وچ ۾ ھيڏو وڏو پکو. ائين ته ڏائي پاسي واريءَ ڀت ۾ ھڪ ائرڪنڊيشنر به ھڻائي ڇڏيو اٿم. مٿس فارميڪا جي پٽين وارو طاق ائين لڳل آھي ڄڻ ڏائي پاسي واريءَ ڀت جي ڪٻٽن مان ھڪ ڪٻٽ آھي... پر اھو وقت ئي ٻيو ھو، جڏھن سنڌ مان لڏي آيا ھئاسين.

هڪ ڊنل ماڻهو - شوڪت شورو

هڪ ڊنل ماڻهو

(مختصر ڪھاڻي)

شوڪت شورو



هو فوٽ پاٿ تي رکيل سيڪنڊ هئنڊ ۽ ردي ڪتابن جي اسٽال تي واري واري سان بيهندو ڪتاب جاچڻ لڳو. هڪڙي هنڌ هن کي “گاڊ فادر” ناول نظر آيو. قيمت پڇيائين؛ ويهه رپيا. هن حيرت مان اسٽال واري ڏانهن ڏٺو.

“دڪان تي هي ڪتاب اوهان کي چاليهه پنجاهه رپين ۾ ملندو!” اسٽال واري چيو.

“اُهو ته سٺي حالت ۾ هوندو. هن جي حالت خراب لڳي پيئي آهي.

ميندي لھڻ کان پوءِ - اسد علي

ميندي لھڻ کان پوءِ

ڪھاڻيڪار محمد علي پٺاڻ جو ڪھاڻي ڪتاب

تجزيو: اسد علي



محمد علي پٺاڻ جتي بهترين شاعر آهي، اتي ئي هو معياري ڪهاڻيون لکي ادب ۾ پاڻ کي ھڪ سٺو ڪهاڻيڪار پڻ ثابت ڪري چڪو آهي. سندس ۲۰۱۶ع ۾ آيل ڪتاب “ميندي لهڻ کان اڳ ۾” پنهنجي طرز جو منفرد ۽ انوکو ڪتاب آهي. ڇهويهه ۲۶ ننڍين وڏين ڪهاڻين تي مشتمل هن مجموعي ۾ ليکڪ جنهن فڪر جي تبليغ ڪئي آهي، اها اڄوڪي سماج جي پهرين ضرورت آهي. ڪاروڪاري، سماجي اڻ برابري، وڏيرا شاهي، ڏاڍ جبر، عورت جي ازلي مظلوميت ۽ مرد جي بيمار ذهنيت هن جي ڪهاڻين جا بنيادي موضوع آهن. هن گهڻي قدر ڳوٺ جي زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلن کي وائکو ڪري سجاڳ ذهنن کي سماجي سڌار جي دعوت ڏني آهي. هو “جيڪو آهي، جتي آهي، جيئن آهي” جي بنياد تي شين کي تسليم نه ٿو ڪري. هو غلط کي غلط چئي پنهنجو فرض پورو ڪري خاموش ويهي نه ٿو رهي بلڪه هو غلط کي صحيح ڪرڻ جا اشارا به ڏيئي ٿو.اهڙا ڪيترا ئي معنيٰ خيز اشارا هن ڪتاب جي ڪهاڻين ۾ به موجود آهن جن کي شعور جي اک سان پرکي لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو.

نيٺ ته برف ڳرندي - مجيب اوٺو

نيٺ ته برف ڳرندي

مجيب اوٺو



هن مختصر مضمون ۾ امر لغاريءَ جي ڪهاڻين جي مجموعي “برف جون بيساکيون” جي ڪهاڻين تي مختصر نظر وجهنداسين. هيءُ ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر ۲۰۱۷ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ۱۵ ڪهاڻيون شامل آهن. هنن ڪهاڻين جو موضوع سنڌي سماج آهي. اهڙو سنڌي سماج جيڪو انسانن توڙي ٻي جيوت لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي چڪو آهي. ائين چوڻ به غلط نه ٿيندو ته هن ڪتاب ۾ سنڌي سماج جون خوفناڪ تصويرون ئي آهن. اهڙيون تصوريون، عڪس ۽ اولڙا پاڻ اڪثر ڏسندا رهندا آهيون، پر اهو سڀ ڪجهه گهڻن جي اکين کان اوجهل به هوندو ته سندن سوچ – سمجھه کان ڪوهين ڏور به هوندو. هنن ڪهاڻين ۾ ڳوٺ رڙيون ڪري روئندو رهي ٿو ۽ شهر آهون ڀريندو رهي ٿو. ڳوٺن ۽ شهر جان ڪردار اسان ڏانهن واجهائين ٿا، اسان کي سڏ ڪن ٿا، پر اسان ٻوڙي مخلوق بڻجي ويا آهيون. اسان کي هاڻ ڪنهن تي به رحم نه ٿو اچي، پنهنجي پاڻ تي به نه. هنن ڪهاڻين ۾ ڳوٺن جا وڃائجي ويل رنگ، منظر ۽ ماحول آهن، جن کي پڙهندي تازگيءَ جو احساس به ٿئي ٿو. پر اتي جڏهن انهن ڳوٺن جي سماجي براين، جبريت ۽ انڌيرنگريءَ جا داستان پڙهجن ٿا ته سوچجي ٿو: “آخر ائين ڇو آهي؟”

ڪتاب “ڪجلي” جي ڪهاڻين جو جائزو - بشير جتوئي

ڪتاب “ڪجلي” جي ڪهاڻين جو جائزو

بشير جتوئي



ڪهاڻيون مون ۾ رقص ڪنديون آھن ۽ آئون ڪهاڻين ۾ رقص ڪندو آھيان.

هينئر منهنجي هٿن ۾ جهانگير عباسي جو  ڪتاب “ڪجلي” آھي، جيڪو مطالعو ڪري پورو ڪيو اٿم.

آئون چاهيان ٿو ته جيڪو مون پڙھيو ۽ سمجهو آھي ان مان ڪجھ اوهان سان به ونڊ ڪريان.

هيءُ ڪتاب سورهن ڪهاڻين تي مشتمل آھي، ۽ هي سائين جهانگير جو پهريون ڪهاڻي مجموعو آھي، هن ڪتاب جي هر ڪهاڻي ساھ کڻندي محسوس ٿيئي پئي، ۽ سماج جي عڪاسي پڻ ڪري ٿي.

رند پروڙين راز - نصرت سڪندر

رند پروڙين راز

مختصر ڪهاڻي

نصرت سڪندر



هوء خوبصورت گول اسٽڊي ٽيبل تي بيزاري ۽ بيقراري ۾ ويهي هٿ ۾ جهليل پين کي هوريان هوريان لوڏڻ لڳي. ٽن ڏينهن کان هوء انهي ڪيفيت مان گذري رهي هئي.

ڪجھ ڏينهن کان هن ڪا ڪهاڻي لکڻ ٿي چاهي پر لفظن سندس ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. جڏهن به هوءَ ڪجهه لکي نه سگهندي هئي ته ائين ئي بيقرار ٿي پوندي هئي. هن بيزاري مان اسٽڊي ٽيبل تي کولي رکيل گلابي پنن واري ڊائري ڏانهن ڏٺو. پنن جي ڪنڊن تي گلابي رنگ جون دليون ٺهيل هيون.

حقيقت نگاريءَ واري سرئيلزم کان، تصوف واري سرئيلزم تائين

حقيقت نگاريءَ واري سرئيلزم کان، تصوف واري سرئيلزم تائين

تنقيدي مطالعو

خليق ٻگھيو



مُنور سراجَ جون ڪَھاڻيون لاشعوري روين کي پڌاري، فرد جي لڪل ڪيفيتن کي اُڀارين ٿيون. ڪِردارن جي اندر واري ڪائنات ۾ جھاتي پائي، حياتيءَ جي وڃايل رومانس کي ڳولين ٿيون. سماجي انقلاب واسطي غير انقلابي ھئڻ جي باوجود، خوابن جي رستن وسيلي فرد جي اندر کي ڇُھاءُ بخشين ٿيون. ھِنن ڪَھاڻين جي ھڪ وڏي خاصيت يا خامي ھي به آھي ته اُھي تَڪڙ ۾ پڙھي نٿيون سگھجن، ڇاڪاڻ ته ھِنن ڪَھاڻين جي مڪالمن جو آرٽُ پڙھندڙ کي ٿانيڪو ڪري، ترسائي وٺي ٿو، ڪِن ٻولي جي جملن جو رومانس پڙھندڙ کان ڪجھ لمحن جي سانت گُھري ٿو ۽ سوچَ جي گَھرائي طلبي وٺي ٿو، جنھن ڪري سندس ڪَھاڻيون خاص خوض سان پڙھڻيون پَون ٿيون. جيستائين سندس ڪَھاڻين ۾ تحليل نه ٿبو، تيستائين سندس آرٽسٽڪِ ائپروچ/ پُھچ تائين نه پُھچبو!

ناول “واپسي” جو تنقيدي اڀياس - ممتاز بخاري

ناول “واپسي” جو تنقيدي اڀياس

ممتاز بخاري



انور ڪليم جو لکيل ناول “واپسي” جو موضوع پريمي جوڙي واري شادي ۽ ان جي ڊراپ سين کي فوڪس ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سنڌي ۾ ان موضوع تي مضمون ۽ ڪهاڻيون لکبيون رهيون آهن ۽ پريمي جوڙا ناولن جا موضوع به رهيا آهن. اخبارن ۽ ٽي وي چينلز جون عام خبرون، ڪورٽن ۾ پريمي جوڙن جون پيشيون ۽ ڪن پريمي جوڙن جون شاديون هاءِ پروفائيل ڪيسن تي پهتل رهيون آهن، ان ڪري ناول ۾ اهو موضوع پڙهندي نئون نه ٿو لڳي ۽ ان جي ڪهاڻي توڙي ڪردارن جو مزاج ۽ ماحول به ساڳيو محسوس ٿئي ٿو. ناول جو پلاٽ به موضوع سان ئي سلهاڙيل آهي ۽ ان ۾ ڪي سب پلاٽ يا گهڻا واقعاتي مونجهارا به ناهن. ڪهاڻي انتهائي سادگي سان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪنهن وڏي الميئي بجاءِ سادگي سان هڪڙي اميد ڀرئي ڏک تي پڄاڻي تي پهچي ٿي. ناول ۾ ڪي گهڻا ڪردار به ناهن. سراج انجنيئرنگ ڪري گهر ۾ بيروزگار ئي آهي ته سندس تعلق پنهنجي دوست فاروق معرفت ثمرين سان ٿئي ٿو. اڳتي هلي خبر پئي ٿي ته ثمرين فاروق جي سوٽ آهي جنهن فاروق جي زال جي چوڻ تي فاروق جو امتحان ٿي ورتو ۽ فاروق اڻڄاڻ هو ان ڪري هن اهو نمبر سراج کي ڏنو. سراج هڪ ميچوئر شخص آهي. پر پوءِ به هو ان نمبر تي ٽراءِ هڻي ٿو ۽ نيٺ ثمرين سان هن جو پهريائين ايس ايم ايس ۽ پوءِ فون وسيلي تعلق جڙي ٿو جيڪو ملاقاتين تائين پهچي ٿو. ان دوران سراج لاءِ ٻه انڪشاف ٿين ٿا هڪ ته هوءَ فاروق جي سوٽ آهي ۽ ٻيو ته هوءَ اڳ ڪٿي مڱيل به آهي. سراج سان محبت ٿيڻ سبب هوءَ ساڻس ڀڃي شادي ڪرڻ جو زور ڀري ٿي. ثمرين سان شادي ڪرڻ بعد سراج پنهنجي دوست رشيد معرفت  نصير پور روانو ٿئي ٿو. ثمرين جا مائٽ ان رشتي کي نه ٿا مڃن ان ڪري ٻئي نئين شهر اچن ٿا جتي پڻ اهي رشيد معرفت اختر حسين سان ملن ٿا جيڪو سندن رهائش جو بندوبست ڪري ٿو. اختر جڳاڙي ڪم ڪندڙ آهي. سراج سبزي واري جلال وٽ مزدوري شروع ڪري ٿو جتي سندس ملاقات صوفي سان ٿئي ٿي جنهن جون ڳالهيون کيس متاثر ڪن ٿيون ۽ وٽس اچ وڃ شروع ڪري ٿو، اهو کيس هڪ پرائيوٽ اسڪول ۾ نوڪري وٺي ڏئي ٿو. صوفي جو آستانو به آهي جتي هو ويندو رهي ٿو. اسڪول ۾ هن جي ملاقات فوزيه ٽيچر سان ٿئي ۽ ان جي درد ڪهاڻي به کيس متاثر ڪري ٿي. هن ناول ۾ فوزيه جي ئي ڪهاڻي هڪ نئون ايونٽ آهي جنهن جي ماءُ اغوا ٿيڻ بعد وڪرو ٿي هتي پهتي هئي. ثمرين به خانگي اسڪول ۾ نوڪري ڪري ٿي. ثمرين کي اهو خوف سوايو آهي ته ڪٿي ماڻهن کي خبر نه پئي ته انهن لڪي شادي ڪئي آهي. پوئتي سندس اغوا جو ڪيس به داخل ٿي چڪو آهي. ثمرين ۽ سراج ۾ نيٺ اڻ بڻت شروع ٿئي ٿي پر ان جي شدت ظاهر ناهي. ثمرين کيس واپس هلڻ جو چئي ٿي پر هو انڪار ڪري ٿو ۽  ثمرين واپس هلي وڃي ٿي ۽ اتي بيان ٿي ڏئي ته هن مرضي سان سراج سان شادي ڪئي. ان حصي دوران صوفي وسيلي کيس خبر پئي ٿي ته هڪ مزدور بکن سبب خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ هو گهرن مان بچيل کاڌو ضايع ٿيندي ڏسي ٿو ۽ پوءِ صوفي سان گهرن مان بچيل کاڌو حاصل ڪري بکايلن کي کارائڻ جو ڪم ڪن ٿا. ان مان سراج جي ڪردار جي هڪ ٺڙڪباز مان ٽرانسفرميشن ٿئي ٿي ۽ هو انسانيت جي ڀلي واري ڪم ۾ لڳي وڃي ٿو.

مُئي پُڄاڻان - جعفر شاهاڻي

مُئي پُڄاڻان

ڪهاڻي

جعفر شاهاڻي



گهر جي اڱڻ وچ ۾ پيل کٽ مٿي ٽُڪ واري رلِيءَ تي حاجي سڳوري جي ٿڌي بُت چوڌاري ويجهن مٽن مائٽن ۽ سندس خاندان جي مردن ۾ سوڳ جو عالم هو ۽ ورانڊي ۾ ويٺل عورتن جو روڄ راڙو ڪيتري وقت کان جاري هو... ٻاهر حاجي سڳوري جي اوطاق تي ماڻهن جي هَڻ هَڻان، وٺ وٺان ۾ ڪن شاميانو پئي لڳايو، ڪنهن پَٽ پئي ميڙيو، ڪنهن پاڻي پئي ڇنڊڪاريو، ڪنهن وري ناديون پئي صاف ڪيون، ڄڻ ڪنهن ڪاڄ جي تياري پئي ٿي.

ممتاز مهر تنقيدي ادب جو حوالو - نصير سومرو

ممتاز مهر تنقيدي ادب جو حوالو

نصير سومرو



ممتاز مهر سنڌي ڪهاڻي ۽ ادبي تنقيد جو اهم نالو آهي. خاص طور تنقيد ۾ نالو بطور حوالو چئجي ته اهو وڌاءُ نه ٿيندو. اُپکنڊ جو اڃا ورهاڱو نه ٿيو هو، هن سکر ۾ محمد سليمان مهر، جيڪو پوليس عملدار هو، جي گهر ۹ مارچ ۱۹۴۲ع تي جنم ورتو. ڀاڳوند چئبو، جو سکر توڻي ڪراچي جي شهري وايو منڊل ۾ تعليم ۽ تربيت جا موقعا نصيب ٿيس. شهري سهولتن مان لاڀ وٺندي، ۱۹۶۶ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪيائين. فلسفي ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان فلسفن، نظرين ۽ تنقيدي راين نه صرف آگاهي مليس، پر اهو ويچارڻ، ڳالهائڻ، لکڻ جي معقول انداز اختيارڻ ۾ ڪم آيس.

پنڌ ۽ پيچرا ڪهاڻيءَ تي هڪ نظر - جعفر شاهاڻي

پنڌ ۽ پيچرا ڪهاڻيءَ تي هڪ نظر

جعفر شاهاڻي



ڪهاڻيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا جيترا مشڪل آهن، اوترا ئي ڪهاڻيءَ جا پارکو به آهن سو ڪڏهن ڪڏهن فني پختگي سان سرشار ڪنهن ڪهاڻيء تي ٻه اکر لکڻ لاء دل به چوندي آهي ته اهڙي ڪهاڻيڪار محترم جهانگير عباسيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب “ڪجلي” ۾ “پنڌ ۽ پيچرا” هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، جيڪا هونئن ته اسان جي سماج ۾ ذاتي انائن ۽ مفادن خاطر ڪارو ڪاريءَ جي آڙ ۾ ٿيل هڪ وارتا جي پسمنظر ۾ لکيل آهي پر ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻيءَ جي ابتدا ۾ سٽون جنهن ڪاريگري سان سان رکيون آهن سي مون کي ڪتاب ۾ شامل سڀني ڪهاڻين کان منفرد تجسس سان ڀرپور محسوس ٿيون آهن، ته مجموعي طور مون کي اها ڪهاڻي ان مجموعي ۾ سڀني ڪهاڻين کان فني پختگي جي حوالي سان مضبوط به لڳي سو کڻي اوهان به هتي ان ڪهاڻيءَ جون شروعاتي سٽون پڙهي وٺو.

من اندر جون ڳالهيون - عابد مظهر

من اندر جون ڳالهيون

(ڪهاڻي-مجموعي “گم ٿيل محبتون” ۾ پنهنجي پاران طور لکيل)

عابد مظهر



زندگي ۾ ڀل ڪيتريون به مشڪلاتون اچن پر پوء به زندگي ڏاڍي سندر آهي ساروڪن جو ٻيو عقيدو آهي ته زندگي جو فرض سڃاڻڻ ۽ ان کي نڀائڻ سکي ٿو بنائي هن عظيم انسان جو ٽيو عقيدو آهي ته ظلم، نفرت ۽ بي انصافي سان دنيا ۾ ڪڏهن به روحاني، اخلاقي ۽ مادي خوشحالي ڪونه ايندي سک ڏانهن فقط هڪ شاهي واٽ آهي پيار جي.....

الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن - صائمه کتري

الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن

(ننڍڙي ڪھاڻي)

صائمه کتري



لا الٰه الا الله محمد رسول الله، لا اله الا الله محمد رسول الله هن جي ڪن ۾ ننڍڙي ڌيءُ جي ڪلمي پڙهڻ جو آواز وڃي رهيو هو. هن جو هڪ هٿ مضبوطي سان وڏي ڌيءُ جي هٿ کي جھلي ويٺو هو جيڪا ڊاڪٽر کي فون ڪري گهرائي رهي هئي. ٻنهي ڌيئرن جي اکين مان ماءُ جي هن آخري سفر کي ڏسي لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا. پنهنجي هنن آخري گهڙين ۾ ڄڻ هو ڪپهه جي گڏي هجي پيرن مان نڪرندي ساهه آهستي آهستي پنهنجي ابدي منزل ڏي روان دوان هو. روح جنهن جو هو انهي وٽ وڃي رهيو هو. خدا کي خبر ملڪ الموت هن کي ڪنهن شڪل ۾ ڏسڻ آيو، جو ويندي ويندي هو مسڪرائي رهي هئي. ننڍي ڌيءُ پيالي ۾ ماکي لاهي هن کي چمچي سان چٽايو جيڪو هن وڏي خوشي سان چُسڪا ڏئي ائين چٽيو جهڙوڪ هو ڪا مکڻ ملائي کائي رهي هجي.

Saturday, January 29, 2022

قَداوَرُ - غني پرواز - ننگر چنا

قَداوَرُ

(بلوچي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار؛ غني پرواز

سنڌيڪار؛ ننگر چنا



نادر قَدَ جو بِندرو همراھ هو. هُنَ جي بِندرائپ کي ٻين ايترو محسوس نه ڪيو، جيترو هُنَ پاڻ محسوس ڪيو هو. هُو پنھنجي بِندرائپ تي سدائين ڏُکارو رهندو هو ۽ اِنَ ڳَڻتيءَ ۾ ڳَرندو رهندو هو ته الائي ڪنھن دوا دارونءَ سان سندس قد وڌي سگهي ٿو اَلائي نه؟

گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ نيٺ هڪڙي ڏينھن هُنَ پنھنجو قد وڌائڻ جي سلسلي ۾ اسپتال وڃي ڊاڪٽرن سان ملڻ جو فيصلو ڪيو. هُو ٻئي ڏينھن اسپتال ويو. اسپتال مريضن سان سَٿِي پَئي هئي ۽ سمورا ڊاڪٽر مريضن کي چَڪاسِڻَ ۽ کين پرچيون لکي ڏيڻ ۽ رَکَ ڪرڻ جي هدايتون ڏيڻ ۾ رُڌَلَ هيا.