Sunday, December 31, 2023

اڱڻ چمان يا عجيب چمان - حسين ڪپري

اڱڻ چمان يا عجيب چمان!

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



”ادا مون غريب ڀاءُ جي دعوت کايو وڃجان، تنهنجي گس تي ويٺو آهيان!“ سومار ڪوريءَ چيو.

”ڀلا جي اسين اچون ته ڇا کارائيندين؟“

”سائين، جيڪو گهر ۾ ٻچا کائين ٿا سو کارائيندس.“

Saturday, December 30, 2023

تن طبيب نه گڏيا - حسين ڪپري

تن طبيب نه گڏيا

(ڪهاڻي)

حسين ڪپري



اوطاق جي اڱڻ ۾ نمن جي ڇانو لڙي وئي هئي. پوياڙيءَ جو پهر هو. اوڙي پاڙي جون ڳالهيون، مهانگائيءَ جون شڪايتون ۽ ٻيون اوڀاريون لهواريون هليون پئي. ساڳيون پراڻيون ڳالهيون هيون، مزو نٿي آيو. ڪچهري مچائڻ لاءِ خانو ماڇي موضوع بدلايو. ”ٻڌو آهي، ڪاڪي رمضان کي کنگهه ٿي پئي آهي ۽ بلغم ۾ رت اچيس ٿو.“

Thursday, December 28, 2023

آئون سان ملاقات - حسين ڪپري

آئون سان ملاقات!

(ڪهاڻي)

حسين ڪپري



ڪالهه، ”آئون“ سان ملاقات ٿي. ڪپڙا ميرا، منهن لٿل، نراڻ ۾ گهنج، حال کان بيحال ٿي لڳو! ڪنهن پراڻي قرضي وانگر نظر بچائي گذري وڃڻ ٿي چاهيائين پر ڊوڙي وڃي پڪڙيومانس.

سج لهڻ جو وقت هو، روڊ تي بيشمار گاڏيون، ريڙها، ٺيلا ۽ پيادل ماڻهو پي هليا. گرمي جام هئي، سڀني جا پگهر پي وهيا.  

”گتي تي ٿو وڃين ڇا؟“ پنهنجي ڪار ڏي ڇڪيندي پڇيومانس.

Wednesday, December 27, 2023

ڌوپار - حميد سنڌي

ڌوپار

مختصر ڪھاڻي

حميد سنڌي



باشو اڃا ورانڊي ۾ ئي هيو ته سندس وڏي ڀيڻ عائشا، جنهن مشين کي پئي ابتا سبتا ڦيرا ڏنا، ڪنڌ کي زور سان ڌوڻيندي آهستي آهستي ”هش! هش“ ڪئي، هو اتي ئي ڄمي ويو. سمجهي ويو ته ڪمري ۾ سندس چاچو پادر پسائي ويٺو آهي. هن لوڻو هڻي رخ ڦيرايو، سامهون ٽاڪ منجهند ٻي نٽهڻ اس، اڃ ۽ بک کيس اصل لوڏي وڌو هو. هو اڃان سوچي ئي رهيو هو ته کيس چاچي جي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي: ”آيو آهين، نواب جا پٽ! رلي پني ڌڪا جهلي، هاڻي آيو آ ته ماني ڏيو، ڌوتل ڪپڙا ڏيو، اڙي پڻهين ڪا ڌراوت ڇڏي ويو هو مان وٽ......... ڀيڻان ڏاري وجهندو سانءِ“ سٽ ڏيئي چاچي اچي ڳٿڙ کان جهليس.


”هاڻي ٻڌاءِ، اڙي اهو روز روز توهان گهٽي ۾ اٽي ڏڪر ٿا کيڏو ۽ شمعدان جا شيشا شرطن تي ٿا ڀڃو. اڄ نوٽيفائيڊ ايريا وارن جو ماڻهو به آيو هو، نقصان پڻھين ڀريندو يا ماڻهين ڀريندي. سئو دفعا انهيءِ ڳالهه تي پادر ٺوڪيا اٿمانءِ پر ڪتي جو پڇ ڦڏو سو ڦڏو! ڀيڻس ڪنڌ هيٺ ڪري، مشين تي ويٺي هئي. نيٺ چاچس اچي ڌڪن، بجن ۽ چماٽن سان ورتس. هڻي سيڪاٽي وڌائينس ۽ پوءِ کٽ تي کڻي اڇلايائينس ۽ بڙ بڙ ڪندو ڪمري ۾ هليو ويو.

”ڀيڻان آئيندي جي ٻڌو اٿم ته اٽي ڏڪر کيڏي اٿو ته رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيندوسانءِ“.

باشو اتي ئي سڏڪندو رهيو. هن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو ته ماڻس رڌڻي مان ٻوڙ کڻي ورانڊي ۾ گهڙي. هن اٿڻ چاهيو پر ماڻس ڏانهنس نهاريو به ڪو نه، هوءَ سڌو ٻوڙ کڻي اندر ڪمري ۾ هلي وئي. جيئن ماڻس ڪمري ۾ گهڙي ته هن ڏٺو ته چاچس جيڪو هاڻ پٺا اگهاڙا ڪيو پينگهي ۾ پئي لڏيو ۽ پير سان پئي لوڏو ڏنائين، سو يڪدم اڀو ٿي ويو ۽ ماڻس کي ست سريون ٻڌائڻ لڳو. ماڻس جو ڀڻڪو به نه هو. باشي جو هاڻ سڏڪڻ بند ٿي ويو. هو ڪا گهڙي خاموش پيو رهيو. پوءِ الائي ڇا سوچي ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪري ويو. ڀيڻس آهستي سڏ ڪيس. پوءِ ڊوڙندي ڏيڍي تائين آيس؛ ”باشا، باشا، ٻڌ ته! ماني گرهه ته کاءُ، نٽهڻ ۾ ڪاڏي ٿو وڃين. او باشا! او باشا!“ پر هو خار ۾ ڏيڍي ٽپِي گهٽي ۾ نڪري آيو.

هو ڪا گهڙي بيٺو رهيو. گهٽيءَ ۾ ڪير به نه هو. ٻه ڪتا ناليءَ جي پاڻيءَ ۾ پاڻ پسايو سهڪي رهيا هئا. ويجهو وڃي انهن جي ڀرسان ويهي رهيو. هن ڪتن کي سهڪندو ڏٺو ۽ يڪدم زبان ڪڍي، پاڻ به سهڪڻ لڳو. پر ڪتن نهاريس به ڪو نه. هن کي اڪيلائيءَ جو شديد احساس ٿيڻ لڳو. هو اوستي علڻ جي جاءِ جي اوٽ ۾ ويهي رهيو. ڇانوڙي هئي پر سامهون واري اس به نٽهڻ هئي. ٿوري دير ۾ واقعي هو سهڪڻ لڳو. اڃ بک جو احساس آهستي آهستي ڪر موڙيندو اڳيان آيس. هو جيئن اٿيو ته کيس ياد آيو ته سندس اٽِي ڏڪر اتي ئي اوستي علڻ وارن جي سڪل ناليءَ ۾ لڪل هو. هن نئڙي اٽي ڏڪر ڪڍيو ۽ وڌي اچي اتي بيٺو جتي اٽي ڏڪر راند لاءِ هن ۽ سندس ساٿين گد کوٽي هئي. هو جهڪي گد مان مٽي ڪڍڻ لڳو. جيئن ئي هن ڪنڌ مٿي کنيو ته سندس نظر شمعدان تي پيئي. اهو شمعدان سندس گهر جي ڀت جي آخر ۾ مٿڀرو لڳل هو، جنهن ۾ روز ڀيو چمني ٻاري رکي ويندو هو. هن ڏٺو ته اڄ وري شمعدان جا چار ئي پاسا نون شيشن سان چمڪي رهيا هئا. هن کي خبر هئي ته اهي شيشا نه هجن ته انهن ۾ رکيل چمني هوا جي هڪ جهوٽي سان وسامي سگهي ٿي، پر الائجي هو جڏهن به شمن، گلڻ ۽ جمن وارن سان گهٽي ۾ اٽي ڏڪر کيڏندو هو ته سندس هٿ ۾ خارش لڳندي هئي. پنهجي واري اچڻ تي يڪدم چوندو هو؛ ”شمن گڏي اچئي ٿي. ڌوپار!.......... ۽ اٽي کي گد ۾ هڪ ڀيرو وري ڊل ٺاهي ڏڪر سان اٽيءَ کي ٿورو مٿي اٿاري وري جو زومائتو ڌڪ هڻندو هو ته اٽي شمعدان جا شيشا ٽوڙي پريان نڪري پٽ تي وڃي پوندي هئي. جڏهن ڪي ڏينهن شمعدان ٽٽل هوندو هيو ته گلڻ شمن وارا به اٽي ڌوپار ڪرڻ جي ڪندا هيا. پر شيشن پوڻ کانپوءِ اهو سندس ئي مرڪ هو ته شيشو ڀڃي اٽي ڌوپار ڪري. هن جو ڌڪ به ڌڪ هوندو هو. قد جو ننڍو، ڦيري پائي اٽي کي اٿاري ڌڪ هڻندو هو ۽ ڏسڻ وارا يڪدم دانهن ڪري چوندا هيا: ”واهه ڙي باشا! باشا اصل نشانچي آن!“

هونءَ به باشو جنهن پاسي هجي انهيءَ ڌر جي هارائڻ جو سوال نه ٿي ٿيو. باشو جنهن ڏينهن شمعدان ڀڃندو هو ان ڏينهن الائي ڇو خوش ٿي ويندو هو. کيس خبر هئي ته گهر پهچندو ته پادر پُسيا پيا هوندس. پر باشي لاءِ اها نئين ڳالهه نه هئي. ڇاڪاڻ ته هونءَ به گهر ۾ چاچو گارين جو ۽ موچڙن جو زيپٽ لايو ويٺو هوندو هو.

باشي جي پيءُ جيئن مئو هو ۽ چاچي هن کي پاڻ سان لاچار رهايو هو. هن ڪڏهن سک جو ساهه نه کنيو هو. ماڻس ۽ ڀيڻس ته ڄڻ ان جون نوڪرياڻيون هيون. باشو ڪڏهن به گهڙِي پلڪ لاءِ چاچي مان قرب جي گهڙي ماڻي نه سگهيو هو. اسڪول ويندو هو ته ڪتابن يا ڪاپين نه هئڻ ڪري ماستر جا موچڙا، ڦاٽل ڪپڙن اڻڀي مٿي، ڇڳل چمپل سان هجڻ ڪري هميشه ڪلاس جا سيبتا، ماستر جا پيارا شاگرد ڀرسان نه ويهاريندا هئس. هن جي لڳندي هئي ته گلڻ، شمن ۽ جمن سان، جيڪي هن وانگر يتيم ته ڪونه هئا پر غريب جا ٻار ضرور هئا ۽ پڙهائڻ واري حالت کان پري نه هيا. هنن جو ساٿ اسڪول ۾ گهٽ، گهٽيءَ ۾ گهڻو هوندو هو. اٽي ڏڪر ته هنن لاءِ سڀ ڪجهه هيو. باشو گهٽيءَ ۾ گهڙندو هيو ته هوڪار مچي ويندي هئي. ”اچي ويو ڌوپار!“ ۽ جيئن ڌوپار جو نعرو لڳندو هو، سندس آنٽ تپندي ويندو هئي ۽ ٽڙڪو ٿيندو هيو. شمعدان جا شيشا پٽ تي هوندا هيا. ٻيا چار ڏينهن گذرندا هيا ته گھٽي وارا نوٽيفائيڊ ايريا وارن جو مٿو کائيندا هيا ۽ نوان شيشا لڳي ويندا هيا. جيئن ئي باشي جي نظِر شيشن تي پوندي هئي ته هٿ ۾ کيس خارش ٿيڻ لڳندي هئي ۽ هو دانهن ڪري سڏ ڪندو هو. ”شمن گڏي، گلڻ گاجي، جمن جتي، ڌوپار.“

يارن جو ميڙو ٿيو ناهي ۽ ٽڙڪو ٿيو ناهي. ٽڙڪي تي ها هاڪار مچي ويندي هئي. ڪو گهٽيءَ جو چڱو مڙس نڪرندو هو ته سڀ پاسيرا ٿي لڪي ويندا هيا. پر باشو اتي بيٺو ڏڪر ڦيرائيندو هو ۽ ان بزرگ ڏانهن منهن ڪري چوندو هو ”چاچا، ڌوپار!“ ڪنڊن پاسن کان ”کي-کي ۽ هي-هي“ جو آواز ايندو هيو. يا نعرو لڳندو هيو ”ڌوپار!“ ۽ بزرگ بڙ بڙ ڪندو هليو ويندو هو.

هينئر به باشي جون نظرون شمعدان ۾ کتل هيون ۽ نوان شيشا سندس اکين ۾ تروار پيدا ڪري رهيا هئا. سندس هٿ هر هر ڏڪر کي ڦيرائي رهيا هئا. هن ڌوپار جو نعرو هڻڻ چاهيو ٿي، پر سمجهيائين ته اڃا ٽيپهريءَ ۾ دير آ. يار ڪو نه نڪرندا. هن خشڪ زبان چپن تي ڦيري. کيس اڃ لڳي هئي. هن ڪتن ڏي نهاريو، هنن جي سهڪڻ کي ڏسي هو وڌيڪ سهڪي نه سگهيو. يڪدم اوستي علڻ جي گهر گهڙي ويو. اوستي علڻ وارا سندس ناناڻي لڇ ۾ هيا ۽ هو ڪو به ڀئه ڀولو نه ڀانئي وڌي ويو. اڱڻ ۾ ڪڪڙو ڪو لڳي پيئي هئي. سامهون نم جي ڇانو ۾ مٽ پيو هو. وڌي اچي مٽ تي بيٺو. هيڏانهن هوڏانهن لوڻو هنيائين. هڪڙي چٻي جستي گلاس تي نظر پيس، جيڪو منجيءَ تي پيو هو. هن سٽ ڏيئي گلاس کنيو ۽ ڊوڙي وڃي مٽ ۾ وڌائين. هن جي هٿ وڃي ترو کنيو. ڪا گهڙي سوچي آهستگيءَ سان تري جي پاڻيءَ کي ڏٺائين. هن هڪ دفعو خشڪ چپن تي زبان ڦيري، الاجي ڇو کيس ناليءَ جو پاڻي ۽ سهڪندڙ ڪتا اکين آڏو ڦري آيا. پر هن چپ چاپ گلاس چپن تي آندو. شايد هن جا چپ به آلا نه ٿيا هوندا ته هن آواز ٻڌو.

”اڙي باشا! اڙي باشا! پاڻي کپئي ته هيڏانهن اچي پيءُ! اهو ڪنو وٺين هاڻو پاڻي ڇو ٿو پين. ابا هيڏانهن ورانڊي ۾ ٿڌا دلا نه پيا آهن.“

هن گلاس هٿن ۾ آندو ۽ چپ چاپ ائين بيٺو رهيو. پوءِ لوڻو ڦيرائي اوستي علڻ جي گهر واريءَ ڏي ڏٺائين جا ورانڊي وٽ بيهي کيس سڏي رهي هئي. هو ڪا گهڙي ڏانهس نهاريندو رهيو. پوءِ ڀريل گلاس اتي ئي اڇلي، سٽ ڏئي ٻاهر نڪري ويو.

”عجيب ڇوڪرو آهي! هن دروازي کان ٻاهر نڪرندي ٻڌو. هو ڪا گهڙي ٻاهر بيٺو ۽ کيس پنهجي ورانڊي جا ٿڌا ٿڌا ۽ ڪورا دلا اکين آڏو ڦري ويا. هو تکو تکو گهر ڏانهن هليو. ڏيڍي ٽپي جيئن اڱڻ ۾ داخل ٿيو ته چاچي جي رڙ پي پئي.

”اڦٽ ماري ڇڏيندومانءِ ڇوري ڪو پڻهين جو مال آهي ڇا جو ڀاڻين ڏي کنيون پئي وئينءَ. هلي آ ڀاءُ کي مال مليدا ۽ ڪٽيون کارائڻ مون سئو دفعا چيو آهي ته انهي نڀاڳي ڇوري کي گرهه به نه ڏيو، ڀلي پيو بک مري.“

”پر چاچا هو سڄو ڏينهن.............“ ڀيڻس جو ڪمزور آواز سندس ڪن تائين پهتو.

”اڙي سئو ڏينهن بکيو رهي. مون ڪنهن جو ٺيڪو نه کنيو آهي. سئو دفعا چيو اٿم ته پاڻ ڪمايو پاڻ کائو. مشين باقي ڌوڙ جي ڏني اٿمانو ته رڳو ويهي ابتا ڦيرا ڏيو، ڪهڙو سيبو ڪري ڪمائي ڏنو اٿو جو مان سڄي آڪهه کارايان. مون کي ڏي اها ماني، هلي آ ڀاءُ جو ڀڀ ڀرڻ...!“ هاڻ ڀيڻس جو آواز ڪجهه چٽيرو هو.

”پر چاچا هيءَ مشين ته ابي اسان کي وٺي ڏني هئي. اسين جيڪو ڪمايون ٿيون سو سڀ چاچيءَ کي ڏيون ٿيون. ٻيو ته اسان جو بابو به ته سڀ ڪجهه ڇڏي ويو هو. سڃو ته ڪو نه هو.“

زڙاپ جو آواز ٿيو. چاچي چماٽ وهائي ڪڍي هيس. اوچتو ٻوڙ جي وٽي، ماني ۽ دٻڪيءَ اچي اڱڻ ۾ ٽڙڪو ڪيو. پوءِ باشي کي هئا رڳو سٽڪي ڪٽڪي جا آواز ٻڌڻا، چاچو ڀيڻس کي ڪٽي رهيو هو. ”وات ٿي هڻين، جواب ٿي ڏين! پڻهين جي ملڪيت هئي نه. ها سڀ ڇڏي ويو هو. مان ڳهي ويم، ائين نه. سمجيهن ڇا ٿي ڙي، ٽڪي جي ڇوري هلي آ مون کي چور ڪرڻ، اڙي ڪتي جي ڌيءُ پڻهين پليو منهنجي ٽڪرن تي. قرضي هو منهنجو! سمجهيه! توهين سڄي عمر ڪمايو ته به قرض لاهي نه سگهو.“

باشي جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. هن جي زبان ٺوٺ ٿي وئي هئي. هو وڌيو، سندس نظر اڱڻ ۾ مانيءَ تي پئي. هو بيهي رهيو. سامهون کيس ٿڌا دلا نظر پئي آيا. هن جي ڪنن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. هو ڪا گهڙي ماني ڏانهن، ٻوڙ ڏانهن ۽ دلن ڏانهن گهوريندو رهيو. ايتري تائين جو سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. شايد هڪ هنڌ ڏسڻ جي ڪري. هن ڀيڻ جون رڙيون دانهون نٿي ٻڌيون. هو چپ چاپ پٺتي هٽيو، وري وڌيو، پوءِ وري هٽيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. هاڻ هو وري گهٽيءَ ۾ هو. سندس اکيون شمعدان ۾ هيون. هو شمعدان کي تڪي رهيو هو. خشڪ نڙيءَ کي ٿڪ سان آلو ڪري، وري ٿڪ ٿي ڦٽي ڪيائين. هو گد جي چوڌاري ڦري رهيو هو ۽ چپن ۾ هر هر چئي رهيو هو؛ ”ڌوپار........ ڌوپار!“

هن ڏاڍي پاٻوهه سان اٽي گد ۾ اڀاري رکي، کيس نه وڻي، وري اٽي کي ٺاهيائين. هو هر هر اٽي ٺاهي ڊاهي رهيو هو. ڪنهن مهل ڏڪر زور سان ڀت سان ٿي هنيائين. سندس منهن ڳاڙهو هو. ڪنن جون پاپڙيون وڌيڪ ڳاڙهيون ٿي ويون هيس. لوندڙين جون رڳون ظاهر ٿي آيون هيس. ڪنهن ويل ڊُل ٺاهي، گد جي چوڌاري ڦيريون ٿي پاتائين. ڪا مهل هو ڀڻڪندو رهيو؛ ”ڌوپار.! ڌوپار! ڦيريون پائيندو رهيو. اٽي کي ٺاهيندو ڊاهيندو رهيو. هن کي ڪنهن ويل آرام نه هو. ڪا گهڙي شمعدان کي ٿي ڏٺائين وري نظرون اٽي ۾ ٿي هنيائين. ائين سندس چاچي گهران بدڪي کاڌي. چاچس کيس نه ڏٺو ۽ گهٽي لتاڙي بازار ڏانهن وڃڻ لڳو. باشو ڪا گهڙي کيس تڪيندو رهيو ۽ جڏهن هو شمعدان هيٺان پهتو ته باشي جي اکين ۾ ترورا جاڳيا. هن زور سان ڏڪر ڦيرايو ۽ دانهن ڪئي.

”شمن گڏي، گلڻ گاجي، جمن جتي، اچي ٿي ڌوپار!“ چاچي يڪدم لوڻو هڻي پٺيان ڏٺو. يڪدم مٿان نهاريائين ته شيشا ڀڳل ته نه آهن ۽ نوان شيشا ڏسي هن يڪدم دانهن ڪئي: ”باشا نه. اڙي نه. شمعدان نه ڀڃجانءِ، ڀيڻا ڪتي جا پڇ نه ڀڃجانءِ”

باشي به يڪدم دانهن ڪئي.

چاچا ڌوپار ! چاچا ڌوپار!

هن ڌڪ هنيو. باشو ڌڪ هڻي ۽ نشاني تي نه لڳي. اٽيءَ وڃي چاچي جو دون ورتو. پهرئين ڌڪ ۾ چاچو بولاٽي کائي ڪريو. رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس ۽ سندس رڙ مٿان رڙ پي پئي.

باشي، چاچي ڏانهن گهور تڪيو. هن جو ڪنڌ مٿي هو. هن کي ائين پئي لڳو ته هو قد جو ڊگهو ٿي ويو آهي. رڙين تي اوستو علڻ ٻاهر نڪتو. باشي کڙڪي تي ڪنڌ موڙي ڏانهس، گهوري نهاريو ۽ ڏڪر تي هن جي مٺ وڌيڪ ڀڪوڙجي وئي.

 

*

(ويريون تان ورتل)

امن ۽ آشتي جو پيامبر - منظور ڪوھيار

امن ۽ آشتي جو پيامبر

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



هڪڙي جذباتي ٽيبل کي ڌڪ هڻندي چيو ته: ”اسان جو سردار صاحب، هيءَ اليڪشن ضرور کٽندو. جدي پشتي سردار ۽ نواب آھي. ترڪن، ترخانن ۽ مغلن به سندس وڏن کي وفاداري جي بدلي نوابي ڏني. ته انگريزن به کين سر جي خطاب سان نوازيو. ھر دؤر ۾ الله ۽ طاقت ور ڌرين سندن شان ۽ مان وڌايو آھي.“

Saturday, December 23, 2023

ڳاٽي ڀڳا نقاد - منظور ڪوھيار

ڳاٽي ڀڳا نقاد

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



اڄ ڪکو خان جو رويو ڪجھ عجيب قسم جو هيو۔ هوٽل ۾ ويٺلن تي خوامخواه جا ڪمينٽس پئي پاس ڪيائين۔ 

ڪو کليو پئي ته چيائين پئي؛ ”کلي ائين ٿو ڄڻ روئي ٿو!“

ڪنهن جي ويهڻ تي طنز پئي ڪيائين؛ ”ويٺو ائين آ ڄڻ ملڪ جو والي هجي!“

ڪنهن جي لباس تي اعتراض پئي ڪيائين ته: ”ڄڻ گڏھ کي گج پاتل هجن!۔۔۔“

ڪنهن جي هٿ ۾ ڪتاب ڏسي پئي چيائين ته؛ ”هي به پاڻ کي اديب ٿو سمجھي!“

”خير ته آھي اڄ ھر ڪنهن تي ٻريو پيو آن۔“ پڇيومانس۔

بي پاڙِي وَلِ - رزاق سهتو

بي پاڙِي وَلِ

مختصر ڪھاڻي

رزاق سهتو



آسمان جي انگاس تي ڪارو سج ٽنگيل، سج جي شڪل دانگيءَ جي تري جهڙي. هٿ نه ڏسي هٿ کي، گُھلندڙ هوا جا تيور ئي تبديل، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽن جو رنگ ڪارو، چوطرف سڄي ماحولَ ڪارو چولو پائي ڇڏيو. ڦڦڙن جو رنگ Chain Smoker (لڳاتار سگريٽ پيئندڙ) ماڻهوءَ جي ڦڦڙن جهڙو. ايڏي وڏي مقدار ۾ ڪاراڻ آئي ڪٿان؟ هو سوچي ٿو. اڳ ئي ڳاڙهو رنگ اڻهوندو، ويتر اڻلڀ ٿي ويو. ٿورو گھڻو جن وٽ هئو، لڪائي ڇڏيائون. ماڻهن ڪوشش ورتي ته ڳاڙهي رنگ کي عام ڪجي. ڳاڙهي رنگ جو مقدار وڌائجي. گھٽتائيءَ جو سبب ڳولڻ نڪري پيا. گهڻي کوجنا کانپوءِ نتيجو نڪتو ته ڳاڙهو رنگ ٺاهڻ وارا گھڻائيءَ ۾ ڪارخانا بند ٿي ويا آهن. ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي ڪٿي بچيا آهن. حيران ٿيا ته ان رنگ ۾ ڪهڙي خوبي آهي جو گم ٿيندو ٿو وڃي؟ ان جي ابتڙ ڪارو ۽ سائو رنگ جَجھي تعدا ۾ موجود آهي. سائي رنگ ۾ ماڻهن جي دلچسپي ڏينهون ڏينهن گھٽبي ٿي وڃي. جڏهن کان ڪاراڻ سماج ۾ آئي ته سائو رنگ ان ۾ لڪندو ٿو وڃي. منهنجو دوست پرڏيهه ۾ رهندو هئو. ڳاڙهي شرٽ جو تحفو موڪليائين. پائي ڏاڍي شان مان سان ٽهليم پئي، رستو ڪجهه سنسان هو. پويان ڪِن سڏ ڪيو، جن کي سائي رنگ جو لباس هئو. مان بيهي رهيس. اچي پڳا، چيائون؛

Wednesday, December 20, 2023

توتا - انور علي - ننگر چنا

توتا

پنجابي ڪھاڻي

انور علي

ترجمو: ننگر چنا



جي اڄ فرائيڊ جيئرو هجي ها تہ خبر ناهي تہ انهيءَ بابت ڇا چوي ها، پر مون کي توتا زَهرُ لڳندا آهن. پھريون توتو سليم هو، خبر ناهي تہ ڪنهن هُنَ جو نالو توتو رکيو هو، پر هُنَ جو نَڪُ صفا توتي جي چُنھُنبَ جھڙو هو. هُو پڙهڻ لکڻ ۾ ڏاڍو هوشيار هو. ڇوڪرا ڇون ٿا تہ هُو اڌ اڌ رات تائين پڙهندو رهندو هو، پر جڏهن کيس ماستر مانيٽر بڻايو ۽ هُنَ جي باقي بچيل اڌ راتِ وچ ۾ ئي مارجي وئي ۽ هُو سڄي رات انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ جاڳندو رهندو هو تہ جنھن ڏينھن هُنَ پنجٽيھن کان گهٽ شڪايتون پھچايون، انهيءَ ڏينھن ماستر سندس مانيٽري کسي وٺندو ۽ اختيار هٿ ڪرڻ لاءِ ماڻهو ڇا ناهي ڪندو!؟ هُنَ منھنجيون ڪي ڏهن هزارن کان وڌيڪ شڪايتون ڪيون هونديون. منھنجو جيڪڏهن وَس هلي ها ته هُنَ کي پراڻي درياءَ جي سڀ کان پراڻي ڪُنَ ۾ ڌڪو ڏئي اچان ها. هُو اڄ ڪلهہ ولايت منجهہ آهي ۽ انگريزن جي ٻارن کي انگريزي پڙهائيندو آهي. هُو جڏهن بہ لاهور ايندو آهي تہ مون سان ملڻ ضرور ايندو آهي. ائين جيئن ڄڻ تہ ڪڏهن ڪجهہ ٿيو ئي نہ هو. سليم پاڻ تہ ولايت هليو ويو پر منھنجي پويان توتا ڇڏيون هليو ويو. توتن اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي تہ اُهي هُنَ جيون ۾ مون کي سُکَ سان جيئڻ ڏيندا ئي ڪو نہ ۽ مون کي لڳندو آهي تہ منھنجي مُئٖي کان پوءِ اِهي منھنجي قبر تي آکيرا ٺاهي ويھندا.

جھلم اداس آهي - تلوِندر سَنگهہ - ننگر چنا

جھلم اداس آهي

پنجابي ڪھاڻي

تلوِندر سَنگهہ

ترجمو: ننگر چنا



مَسِيتِ ۾ ايندڙ پھرين ٻانگَ رات جي پوري ٿيڻ جو سنيھو ڏنو. خطري جو هڪ پھر ٽري وڃڻ تي ڪِشنَ کي تسليءَ جو جهيڻو احساس ٿيو. هُنَ اوجاڳي ماريل اکين کي تَريُنِ سان مَھٽي، ڪَرائيءَ ۾ ٻڌل واچَ ۾ ٽائيم ڏٺو، ساڍا ٽي. مطلب تہ چار وڄي چڪا آهن. هُو چاٻيءَ ۾ نَنھُن ڦاسائي ٽائيم سَھِي ڪرڻ لڳو تہ هَٿُ اوچتو بيھي ويس. ڪالهہ شام جو گَهڙِين ٺاهيندڙَ ئي اِنَ جو وقت اڌ ڪلاڪ پوئتي ڪري ڇڏيو هو. هُنَ گَهڙِي دڪانَ جي دخل تان کڻندي ٻين واچن سان ٽاڻو ملائي ڏٺو هو ۽ فرق محسوس ڪَندي گَهڙِي ورائي ڪاريگر ڏي موٽائي هئي، “ٽائيم اڃا بہ پوئتي ٻُڌائي رهي آهي؟”