Wednesday, December 20, 2023

جعفر جي نئين ڪهاڻي - اڀياس

جعفر جي نئين ڪهاڻي

حفيظ ڪنڀر جي ڪهاڻين جي مجموعي تي مختصر راءِ

منظور ڪوھيار



ڪهاڻين جو مجموعو ”جعفر جي نئين ڪهاڻي“ ۲۰۲۳ع ۾ سامروٽي پبليڪيشن وارن ڇپرايو آهي. منجهس ڪل ڪهاڻيون پنجويھ آهن. اڳلي مهيني مان سعيد سومري جي ڪتاب گھر ”ڪنول پبليڪيشن حيدرآباد“ مان کڻي آيو هيس. پر منهنجي بدران پڙهي ڪير...؟ اڳي ئي مون وٽ ۳۵ کن ڪتاب پڙهڻ لاءِ پيا هيا. جن کي کاٻي اک ۾ Bubbles اچڻ ڪري، آهستي آهستي پڙهڻو پوي ٿو. بھرحال، حفيظ ڪنڀر ۽ سندس ٽيلينٽيڊ فرزند حفيظ اختر سان شناسائي هجڻ ڪري، سوچيم ته پڙهي ڇڏجي. ائين نه ٿئي ته رهجي وڃي. 


پڙهڻ کانپوءِ مون کي جنهن ڳالھ متاثر ڪيو. اهو هيو، حفيظ ڪنڀر جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيپڻي واري عنصر جو هجڻ. ڪهاڻي ٻڌائڻ يا لکڻ جا انداز ڀل تبديل ٿين. پر جيستائين ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيپڻو ناهي، تيستائين ڪهاڻي بي جان بت مثل آهي. ان ڪري ڪهاڻي ڪيڏي به سادي سودي هجي، پر جي ان ۾ ڪهاڻيپڻو موجود  آهي ته اها ڪهاڻي ڪوٺبي، ۽ ياد به رهندي. نه ته ٻي قسم جي ڪهاڻي، منهنجي خيال ۾ ته شيڪسپيئر جي ڊرامي مئڪبيٿ (Macbeth) ۾ چيل ان جملي جيان آهي آهي، ته:

It is a tale told by an idiot, full of sound and fury, signifying nothing.

(اها ان احمق جي ٻڌاايل ڳالھ آهي، جنهن ۾ سواءِ گوڙ گھمسان جي ٻيو ڪجھ به ناهي.)

دنيا جون قديم يا جديد ڪهاڻيون اوهان جي ذهن مان ڪڏهن به نه نڪتيون هونديون، جن ۾ ڪهاڻي پڻو موجود آهي. پوءِ اهي ٻڌ جون رچيل جاتڪ ڪٿائون هجن. پنچ تنتر يا ايسپ جون آکاڻيون هجن، يا الف ليله و ليلي جا قصه هجن. اسان وٽ اڄڪلھ پلاٽ ليس اسٽوري يا پوسٽ ماڊرنزم جي نالي تي افسانوي ادب ۾ جيڪا لفاظي ڪئي ٿي وڃي. ڇا انهن مان ڪا هڪ ڪهاڻي به آمريڪي ڪهاڻيڪار ايڊگر ايلن پوئي جي The Masque of the red، فرانس جي موپاسان جي The Necklace، يا روسي ڪهاڻيڪار چيخوف جي The Seagull يا سنڌي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪارن جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پيراڻي“، اياز قادري جي ڪهاڻي ”بلو دادا“ يا امر جليل جي ”اروڙ جي مست“ کان سرسي حاصل ڪري سگھي آهي؟....

منهنجي خيال ۾ ته هرگز نه!...

جي قدر جي نگاھ سان ڏسجي، ته هن مجموعي جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ ڪلاسيڪل درجو ماڻي سگھن ٿيون. پر بقول رحمت الله ماڃوٺي جي، ته: سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ ڪوئي ڪيڏي به خوبصورت ڪهاڻي لکي، نون ڪهاڻيڪارن کي پذيرائي ملڻ تي پابندي لڳل آهي. منهنجي خيال ۾ ته هن مجموعي جي ڪهاڻي ”سماني“ ان قابل آهي، جو کيس ڪلاسيڪل ڪهاڻيءَ جو درجو ڏئي سگھجي ٿو....

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ وال تان ۵ سيپٽمبر ۲۰۲۳ع تي کنيل)


 

جعفر جي نئين ڪهاڻي

سنڌي جون شاهڪار ڪهاڻيون

ڪليم ٻُٽ

ان کان اڳ جو سنڌي افساني جي هڪ اهم نالي حفيظ ڪنڀر جي ڪهاڻين تي ڳالهائجي، ۽ انهن ڪهاڻين مان جديد سنڌي ڪهاڻي ڳولڻ جي ڪوشش ڪجي، مان اهو ضروري ٿو سمجهان ته اهو سمجهجي ته ”نئين ڪهاڻي“ يا ”جديد افساني“ جهڙن لفظن مان ڇا مراد آهي؟ جيتري تائين انهن لفظن جي وصف سمجهه ۾ نه ايندي اوتري تائين اهو چوڻ ته هي ڪهاڻي جديد آهي يا نه تمام ڏکيو ٿي پوندو. ان کانپو مان ڪوشش ڪندس ته حفيظ ڪنڀر جي ڪهاڻين تي جديديت پُڄاڻا تنقيدي اصولن موجب اڀياس پيش ڪريان.

هڪ عام وصف طور جديد يا نئين ڪهاڻي جي سمجهاڻي ڪجهه هن ريت ڏني وئي آهي:

۱_ اهڙو افسانو جيڪو تبديل ٿيندڙ اهڙي دنيا جي ڳالهه ڪري جنهن جي توقع ئي نه هجي.

۲_ روائتي ڪهاڻي ڪجهه قائدن ۽ قانونن تي آڌريل هوندي آهي، جهڙوڪر غير روائتي بدلا ۽ واقعن جي پوري ڄاڻ، ان جي ڀيٽ ۾ جديد ڪهاڻي ڪجهه اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي نظر ايندي آهي، جنهن ۾ واقعن جي تفصيلي احوال بدران مختصر احوال ڏبو آهي.

۳_ جديد ڪهاڻي ۾ ليکڪ حقيقي ۽ افسانوي دنيا کي اهڙي نموني پاڻ ۾ ملائيندو آهي جو پڙهندڙ کي خبر ئي نه پوندي آهي ته ڪهڙي ڳالهه حقيقي آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه افسانو آهي.

۴_ جديد ڪهاڻي ۾ ليکڪ هڪ خال ڇڏيندو هلندو آهي جيئن پڙهندڙ ان بابت آخر تائين سوچيندو رهي.

۵_ جديد ڪهاڻي جي هڪ خوبي اها به هوندي آهي ته اها اسان کي ماڻهن جي زندگي جي حوالي سان ردعمل بابت ٻڌائيندي هلندي آهي، ان ۾ ڪنهن ڊرامائي واقعي يا حقيقي واقعي جي مدد وٺي سگهجي ٿي.

سٺي ڪهاڻي جي حوالي سان هڪ عام چوڻي آهي ته: ”سٺي ڪهاڻي هيرن جي لڙي جيان هوندي آهي، ان ۾ ڪيترائي پاسا هوندا آهن، جهڙوڪر اها سماج جي ڪيترن ئي پاسن کي نروار ڪندي آهي يا وري ڪردارن جي مختلف رخن کي ظاهر ڪندي آهي“ ۽ جڏهن حفيظ ڪنڀر جي ڪتاب ”جعفر جي نئين ڪهاڻي“ ۾ ڏنل ڪهاڻين تي نظر وجهجي ٿي ته اهي سچ ۾ سنڌي افساني جي موتين ۽ هيرن جي لڙي برابر آهن. هنن ڪهاڻين مان سماج جي هر رخ ۽ ڪردارن جي هر روئي جي خبر پئي ٿي. هي ڪتاب جنهن جو پهريون ڇاپو سن ۲۰۲۳ع ۾ سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر ڇپرايو آهي، ان ۾ ۲۵ ڪهاڻيون ڏنل آهن، جنهن مان هتي ڪتاب جي شورعاتي ڪهاڻين ”جانب يار جي قبر“، ”چاچي سماني“، ”جعفر جي نئين ڪهاڻي“، ”ابليس“ ۽ ”ڇُها“ جو اڀياس ڏجي ٿو ۽ هنن ڪهاڻين مان جديديت پُڄاڻا واري افساني جا جز پيش ڪجن ٿا.  ڪنهن به لکڻي ۾ جيڪڏهن هي جُز شامل هجن ته انهي افساني کي جديديت پڄاڻا افسانو سڏجي ٿو:

Magic Realism، Self-reflexive، Unreliable narrator ، Dark humor، Metafiction،Retelling ، Inter-textuality

جديديت پڄاڻا افسانن ۾ هنن مان ڪو هڪ يا هڪ کان وڌيڪ جُز شامل هوندا آهن.

جانب يار جي قبر: هن ڪهاڻي جو مک ڪردار لونگ هڪ سادو سودو ڳوٺاڻو آهي، جنهن جي دل ۾ پنهنجي جگري يار جانب سان ملڻ جي حسرت آهي، جانب ننڍي لا هن سان گڏ پڙهيو ۽ هاڻي هو وڏو ماڻهو ٿي چڪو آهي. لونگ کي لڳي ٿو ته هن جي يار جي سيني ۾ اڄ به اها ئي ننڍي لا واري دل ڌڙڪي ٿي، هن جي يار هن کي ڪڏهن به وساريو نه آهي. لونگ جي سادگي جو اندازو هنن جملن مان لڳائي سگهجي ٿو:

”جانب هن سان گڏ پڙهيو آهي. ولايت ۾ رهي ٿو، وڏو صاحب ٿي ويو آهي، پر منهنجو اڃان پڇي ٿو. شهر ۾ جڏهن بخشل سيٺ جي عذر خواهي تي آيو ته پنهنجي ڳوٺ سان به مليو هو. منهنجو انهن کان به جانب صاحب هر هر پڇيو هو.“

هنن جملن مان ئي لونگ جي سادگي ۽ سچائي جو اندازو ٿي وڃي ٿو. اهڙي ريت جڏهن جانب ڪنهن مائٽ جي مرتئي تي ڳوٺ اچي ٿو ته قبرستان ۾ لونگ کي سڃاڻي وٺي ٿو ۽ ٻئي يار پراڻن ڏينهن کي ياد ڪن ٿا. لونگ کيس گهر هلڻ لا زور ڀري ٿو پر هو ٻئي ڀيري ملڻ جو چئي واپس شهر هلي وڃي ٿو. ايئن جڏهن لونگ جو شهر وڃڻ ٿئي ٿو ته هو جانب سان ملڻ جو سوچي ٿو، پر هن جي غريبي جي ڪري کيس پنهنجي دوست سان نٿو ملڻ ڏنو وڃي، هو ٻه ٽي ڀيرا ايئن شهر ۾ هن سان ملڻ جي ڪوشش ٿو، جنهن تي جانب جو مائٽ هن کي سمجهائيندي چئي ٿو هو کين به پورو هٿ نه ڏئي جو هاڻي هو وڏو صاحب ٿي ويو آهي، هن کي لونگ جهڙي غريب دوست جي ڪهڙي پرواهه هوندي! پر لونگ ان ڳالهه تي ويساهه نٿو ڪري. ايئن هڪ ڏينهن لونگ کي خبر پئي ٿي ته جانب ڳوٽ اچي رهيو آهي پر ٻن ٽنگن بدران چئين ڪلهن تي... لونگ جيڪو ان وقت ٻني ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ڪلهي تي ڪوڏر رکي قبرستان ڏانهن ڀڄي ٿو جيئن ڪو ٻيو هن جي يار جانب جي قبر کوٽڻ نه شروع ڪري ڏئي. هن ڪهاڻي جي پڄاڻي هنن هان ڏاريندڙن جملن سان ٿئي ٿي:

”منهنجي جانب يار جي قبر آهي سا آئون خراب ٺاهيندس ڇا؟ مون هن جي قبر لا ڪوڏر به نئين آندي آهي، اوهان کي ڪهڙي خبر؟ هن کان اڄ پهريون ڀيرو مقام ۾ اوڇنگار نڪتي ۽ هو قبر ۾ ويهي رهيو.“

ايئن تي هي پڙهن ۾ سادي ڪهاڻي لڳي ٿي، پر هن ڪهاڻي جو ڪمال ئي اهو ته ان ۾ سادگي سان طبقاتي سماج کي ننڌيو ويو آهي، اميري ۽ غريبي جي فرق کي نروار ڪيو ويو آهي، هن ڪهاڻي ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته هن سماج ۾ ڪجهه ماڻهن جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته اهي غريب آهن، جنهن جي ڪري اهي امير ماڻهن سان دوست هجڻ جو سوچئين به نه، جيڪڏهن ڪو امير کين کلي ڏسي به اٿو تڏهن به انهن کي ڪنهن خوشفهمي ۾ نه رهڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهان جو دوست امير ٿي وڃي ٿو ۽ اوهان ڪن سببن جي ڪري غريب ئي رهجي ٿا وڃون ته اوهان کي سماجي وٿي کي برقرار رکڻو پوندو. هن ڪهاڻي جي هڪڙي خوبصورتي اها به آهي ته هن ڪمال مهارت سان ڊارڪ هيومر جو استعمال ڪيل آهي، ان جو هڪ مثال ڪهاڻي ۾ ڏنل هي جملو آهي:

”پر هن جي ڳالهه هر ڪنهن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ واقعي هو ته سچو پر غريب ماڻهو جي ڳالهه تي ڪير اعتبار ڪري؟ ڳوٺ جي وڏيري جو پٽ ڪوڙ به هڻي ته سڀ ڪو اعتبار ڪري وٺي.“ هن جملي مان اسان جي سماج جو مڪروهه چهرو صاف ظاهر ٿي پئي ٿو ته غريب جو سچ آنڪ به نه لهي ۽ امير جي ڪوڙ جو ملهه هزار ۽ اهو سچ به آهي جڏهن به اسان ڪنهن مسئلي ۾ ڦاسندا آهيون ته سڀ کان پهرين پڇيو ويندو آهي: ”ابا ڪو چڱو ماڻهو توکي سڃاڻي به يا نه؟“ هتي چڱي ماڻهو مان مراد اهڙو ماڻهو جنهن وٽ پيسو ڏوڪڙ هجي يا طاقت هجي! اهو ئي اسان جي سماج جو ڪنو چهرو آهي جنهن تان حفيِ ڪنڀر هن ڪهاڻي ۾ وڏي سولائي سان پردو کڻڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

چاچي سماني: پڌرشاهي سماجن ۾ جڏهن چاچي سماني جهڙي ڪنهن مائي جو ڪردار ڪهاڻين ۾ پڙهڻ لا ملندو آهي ته دل ۾ هڪ اميد جاڳي پوندي آهي ته هن سماج کي مٽائي سگهجي ٿو، ڀلي اهو ڪم سيسي فس جيان ڪلهي تي وڏو پٿر رکي جبل چڙهڻ برابر هجي پر اهو ڪم ڏکيو نه آهي. جڏهن چُنجهن اکين، چهٽل پڏرن، سانوري ۽ مضبوط بت واري چاچي سماني جي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪيم ته مونکي رسول حمزه توف جي داغستان جي اها پٽڻيون ڏيندڙ مائي ياد اچي وئي جنهن کان هر ڪو پيو ڊڄندو هو.

چاچي سماني جو ڪردار ان سنڌي عورت جو ڪردار آهي جيڪا سج چڙهڻ کان ويندي سج لهڻ تائين پنهنجي گهر وارن لا اڀي لڳي بيٺي هوندي آهي، پر ان جي ڪنهن کي به قدر نه هوندي آهي. اها عورت ان لاپرواهه روئي جي ڪري اهڙي ته مضبوط ٿي پوندي آهي جو جڏهن هلڪي ڦلڪي بيماري ايندي اٿس ته ان کي ليکي ۾ ئي ڪونه آڻيندي آهي، جيئن هن ڪهاڻي ۾ ڄاڻايو ويو آهي:

”اهڙي بيماري هوندي به هن لا منجو جهلڻ ميهڻو هو. سندس علاج ٿيو نه ٿيو هن جي حصي ۾ اهو ئي پاڻي ڀرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، راڳا روپا ڪرڻ، گاهه ڪرڻ، ٻار ۽ گهر سنڀالڻ رهيو.“

هن ڪهاڻي جي خوبي اها پڻ آهي ته چاچي سماني جي ڪردار هڪ مضبوط عورت طور ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو فيمنزم ڏانهن پڻ اشارو ڪري ٿو، جنهن جو بهترين مثال هنن جملن مان ملي ٿو:

”ڏٻي مينهن جي سڱن جهڙيون مڇيون لڙڪائي اچي بيهي رهيو ڪو ڪنڌ ڀڄيس، ڏاڙهي پٽي گوڏ ۾ اهڙي وجهنديسئين جو ماڻهين کي پيو سڏ ڪندين.“

هي جملا ان سنڌي عورت ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن جيڪا پنهنجي مان مريادا ۽ سيلف ريسپيڪٽ لا مرداڻي سماج ۾ به ڇسن مردن کي للڪاري ٿي ۽ مرد پنهنجو پٽڪو بچائڻ لا هن کان پاسو ڪندا رهن ٿا.

هن ڪهاڻي ۾ اسان کي انڌ وشواسن جي صورت ۾ جزوي طور جادوئي حقيقت نگاري ۾ به نظر اچي ٿي، ان جو مطلب اهو بلڪل به نه آهي ته ڪو هن ڪهاڻي ۾ ڪلي طور جادوئي حقيقت نگاري واري ٽيڪنيڪ تي لکيل آهي.

سادن لفظن ۾ جادوئي حقيقت نگاري مان مراد اهڙي غير معامولي ورتا کي چئجي ٿو جيڪا حقيقي دنيا ۾ ٿيندي ڏيکاري وئي هجي، جيئن ڪنهن ماڻهن جي سامهون اوچتو ڪا غيبات وغيره اچي وڃي، يا اوندهه ۾ هلندي اوچتو روشني ٿي وڃي ۽ ڪردار عجيب شيون حقيقي دنيا ۾ ئي ڏسڻ لڳي. ان جي ڀيٽ ۾ سررئيلزم ۾ اڻ ٿيڻي ڳالهه خوابن ۽ ڏيکالن جي وسيلي ڪيل هوندي آهي. جڏهن هن ڪهاڻي تي نظر وجهجي ٿي ته ان ۾ جزوي طور جادوئي حقيقت نگاري نظر اچي ٿي، هڪ هنڌ ان جو سڌو سئون واسطو انڌ وشواس سان آهي. چاچي سماني جي ڪردار لا مشهور آهي ته هو ڪاري زباني آهي: ”پاڙي ۾ چاچي سماني کي ڪار زباني ان ڪري چوندا هئا جو هو ڇتي ناظرو سمجهي ويندي هئي. علو وارن جي ٽيهاڻ به هن نظر هڻي ماري هئي. ايمڻان وارن جي ٻڪري به هن جي نظر جي ور چرهي هئي. حاجياڻي جي گابي لا رڳو چيائين؛ ”مچي مچي گڏهه ٿي آهي، ته ڪاتي به ڪو نه رسي.“

هاڻي عقلي طور ته اهو مڃڻ ممڪن نه آهي ته ڪنهن جي ڪني نظر جي ڪري يا زبان مان چيل لفظن جي ڪري ڪو ماڻهو يا جانور مري وڃي، جڏهن ته هنن مٿين جملن ۾ ٽي اهڙا واقعا ڏنل آهن جن ۾ چاچي سماني جي ڪني نظر جي ڪري جانور مري ٿا وڃن، يا انهن جي موت کي چاچي سماني جي ڪني نظر سان منسوب ڪيو ٿو وڃي، جڏهن پڙهندڙ ڪهاڻي جا اهي جملو پڙهي ٿو ته هو جادوئي حقيقت نگاري جو اثر ڏسي ٿو. جيئن ته ڳوٺاڻا کيس نظر وارو سمجهن ٿا ان ڪري جڏهن ڪنهن ٻار کي پيٽ ۾ سور پوي يا ڪو پهرو اڦرجي، جهٽ ۾ کانئس لوڻ پڙهائي سڳو وٽايو ويندو هو. ان سان گڏ ڪهاڻي ۾ ڪيترن هنڌن تي خوبصورتي سان ڊارڪ هيومر جو پڻ استعمال ڪيل آهي. هن ڪهاڻي کي جيڪڏهن جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ ڪلاسڪ چئجي تڏهن به وڌا نه هوندو.

ڪتاب جي ٽئين ڪهاڻي ”جعفر جي نئين ڪهاڻي“ آهي، جيڪا هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي آهي. هي هڪ نفسياتي ڪهاڻي سان گڏ عالمي ادب جي مشهور لوڪ ڪهاڻي ”دي بوا هو ڪرائيڊ وولف“ جي ريٽيلنگ پڻ آهي.

جديديت پڄاڻا ادبي تنقيد موجب ريٽلنگ ڇا آهي؟ ڪنهن به اڳ ٻڌايل ڪهاڻي کي نئين انداز ۾ بيان ڪرڻ واري فن کي ريٽيلنگ سڏجي ٿو ۽ اها گهڻي ڀاڱي ڪنهن مشهور لوڪ ڪهاڻي يا ديوملائي قصو هوندو آهي، جيئن اسان کي ”جعفر جي نئين ڪهاڻي“ پڙهندي محسوس ٿئي ٿو. اڪثر ڪري انهن قصن ۾ نئين سيٽنگ ڏني ويندي آهي ۽ ڪو نئون ڪردار به ان ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، ان سان گڏ ڪهاڻي جي مختلف صنفن کي گڏائي ڪا نئين ڳالهه ڪئي ويندي آهي مثال ڪنهن لوڪ داستان کي ڊسٽوپيائي مستقبل سان ملائيجي. اسان جڏهن هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي پڙهون ٿا ته خبر پئي ٿي ان ۾ ريٽيلنگ جي فن کي شاندار نموني استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن ڪهاڻي ۾ ڪردار جو جو نفسياتي پاسو به پڙهڻ لا ملي ٿو. جعفر هڪ اهڙو نوجوان آهي جيڪو ڌنار آهي، هو روز جهنگ ڏانهن ٻڪريون ڪاهي وڃي ٿو، پر ماڻهو هن تي شڪ ڪندا رهن ٿا ۽ کيس هر هر اهو چوندا رهن ٿا ته هو بي ايماني ڪري ٿو، جنهن جي خبر هن جملن مان پئي ٿي:

”ڪڏهن ڳوٺ وارن جي گلا به ائين ئي ٻڌڻي هوندي هئس، جيئن پڻس ٻڌندو هو.

”جعفر اڄ ٻڪري جهنگ مان ڏهائي آيو آهين.“ ۽ انهي گلا کان پو جعفر جا قسم، ڪاوڙون ۽ ٻئي ڏينهن ٻڪري نه ڪاهي وڃڻ جون ڌمڪيون هونديون هيون.

”اوهان کي ڪنهن تي اعتبار ڪونهي، ته سڀاڻي ٻڪري کڻي ڪلي تي ٻڌي پئي هجي ڪهانس!“

ڳوٺاڻن جي اهڙي شڪي روئي جي ڪري جعفر بيزار رهڻ لڳي ٿو ۽ هو نفسياتي طور پيرانائيڊ ٿي وڃي ٿو. نفسياتي ماهرن موجب هن قسم جي نفسياتي حالت ۾ ڪو ماڻهو سڀني کي اجايو پيو شڪ جي نگاهه سان ڏسندو رهندو آهي، هن کي لڳندو آهي ته سڄي دنيا هن جي دشمن آهي، ڪو هن کي ڪا چڱائي جي ڳالهه چوندو آهي ته ان تي شڪ ڪرڻ لڳندو آهي ته هن سان اها ڳالهه کيس گهٽ ڪرڻ يا دشمني ۾ ڪئي وئي آهي. جعفر جي ان ڪيفيت کي اسان هنن مٿئين جملن ۾ ڏسي سگهون ٿا. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ۾ هيٺيون چار نشانيون هجن ته ان کي پيرانائيڊ چئي سگهجي ٿو:

۱_ سماجي طور ميل جول کان ڪٻائي

۲_ ماڻهن جا جملا، ٺٺوليون وغيره برداشت ڪندو رهي

۳_ ڪنهن عام رواجي ڳالهه مان به اهڙي معني ڪڍي وٺي جنهن مان هن کي لڳي ته هن سان ساڙ يا دشمني ٿي رهي آهي.

۴_ هن کي جلدي ۾ ڪاوڙ اچي وڃي ۽ اها ظاهر به ڪري.

هنن ۾ جزن ۾ ٻه ٽي جز جعفر جي ڪردار ۾ ڏيکاريا ويا آهن ۽ نيٺ هو ڪاوڙ ۾: ” هي....هي.... ڪو بگهڙ پونئه.... هي....هي.... هي ته ڪو بگهڙ پونئه.“ جهڙيون رڙيون ڪندو ٻڪرين کي ڪهاڙي سان مارڻ لڳي ٿو.

هي ڪهاڻي ٻن حوالن سان جديد سنڌي ڪهاڻين ۾ هڪ اهم ڪهاڻي آهي، هڪ ريٽيلنگ ۽ ٻيو ان جو نفسياتي پاسو.

هن ڪتاب جي چوٿين ڪهاڻي ابليس پڻ جديد سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان هڪ اهم ڪهاڻي آهي، جنهن کي پڙهي ليکڪ جي بولڊنيس جو اندازو ٿئي ٿو. هن ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار هڪ اهڙو همراهه آهي جيڪو پنهنجي جنسي تسڪين مري ويلن مان حاصل ڪري ٿو، جنهن به قبرستان ۾ ڪو مردو دفنايو وڃي ٿو ته هن کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو ۽ هو اتي پهچي ان سان بدفعلي ڪري ٿو ۽ اهڙي عمل لا ڏوڪڙ به ڏئي ٿو. هي پڻ هڪ نفسياتي بيماري آهي جنهن کي نيڪروفيليا سڏجي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن نفسياتي بيمار ماڻهو کي رڳو مردا جسم سان جنسي عمل ڪندي تسڪين ملندي آهي، ان سان گڏ ويمپائر مطلب انسانن يا جانورن جو رت پيئڻ وارو ۽ ڪينبال مطلب انساني گوشت کائيندڙ به اچيو وڃن. نيڪروفليا جا ڪيترائي قسم ٿي سگهن ٿا، انهن مان هڪ قسم تازي مئل ماڻهن سان جنسي عمل ڪندڙن جو هوندو آهي، ٻيو قسم ممي ٿي ويلن سان قبرن ۾ لهي گڏ سمهي پوندا آهن ۽ ٽيو قسم وري هڏن ۽ ڍانچن سان جنسي عمل ڪندا آهن. هن ڪهاڻي جو ڪردار پهرين قسم جو نيڪروفليا ڏيکاريل آهي، جيڪو تازو مري ويل ماڻهن سان جنسي عمل ڪندو رهي ٿو، نيڪروفليا لاڳاپي دوران جنس جي قيد کان ٻاهر نڪري ويندا آهن، اهي مرد، عورت، يا تازو مري ويل ٻار سان به جنسي عمل ڪري سگهن ٿا. هن ڪهاڻي لا رڳو ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته هي لڱ ڪانڊاريندڙ ڪهاڻي آهي.

ڇُها: سنڌي افساني جي حوالي سان جيڪڏهن هن وقت تائين لکيل مختصر ڪهاڻين جي ڀيٽ ڪري انهن مان چونڊ ڪهاڻيون کڻجن ته انهي چونڊ ۾ ڇها ڪهاڻي کي شامل نه ڪرڻ هوند سنڌي ڪهاڻي سان ئي ناانصافي هوندي، منهنجو ذاتي خيال آهي ته جيڪڏهن ڇها جي مقابلي ۾ جمال ابڙي يا اهڙي ڪنهن وڏي نالي واري ڪهاڻيڪار جي ڪا ڪهاڻي اچي وڃي ته انهن جي ڪهاڻين کي ته رد ڪري سگهجي ٿو پر حفيظ ڪنڀر جي هن مختصر ڪهاڻي کي رد نٿو ڪري سگهجي. هي مختصر ڪهاڻي فلسفياڻي انداز سان گڏ ٽيڪنيڪ جي حوالي سان به هڪ اهم ڪهاڻي آهي ۽ ان ۾ جادوئي حقيقت نگاري جا الوڙا نظر اچن ٿا. ڪهاڻي جي سينٽنگ ڪئمپس جي پسمنظر ۾ آهي، جتي هڪ ڇوڪري وڻ هيٺان ويٺل هڪ همراهه کي ڏسي تجسس ۾ پئجي وڃي ٿي. هن جون سهيليون کيس ان همراهه بابت عجيب ڳالهيون ٻڌائين ٿيون، پر هن جو تجسس ويتر وڌي وڃي ٿو. نيٺ هو همت ڪري ان وٽ اچي ٿي. ان سان ڳالهائيندي هن کي خبر پئي ٿي ته همراهه عجيب ورتائن جو شڪار آهي، هن جو خيال آهي ته جيڪو به ماڻهو هن کي ڇُهي ٿو ته اهو مري وڃي ٿو، جيئن ڪهاڻي ۾ ڏنل آهي ته جنهن ڏينهن هو ڄمي ٿو ته هن جي ما هن کي ڇهڻ جي ڪري مري ٿي وڃي، پو کيس وڏي ڀيڻ پالي ٿي پر اها به ڪيتري تائين جيئري رهي ها جو اها به هن کي ڇهندي ٿي رهي. ايئن ڪمئپس ۾ هو جنهن پليٽ ۾ کائي ٿو ۽ ڇوڪري کي سڏي ٿو ته اها کڻي وڃي، ڇوڪرو پليٽ کڻي وڃي ٿو ۽ ٿيڙ کائي ڪري پئي ٿو ۽ پليٽ ڀڄي پئي ٿي. هن ڪهاڻي جو هي جملو ته ”مونکي جيڪو ڇهيندو آهي، اهو ورهائيجي ويندو آهي.“ هڪ گهڻ معنى جملو آهي، جنهن ۾ جسماني ورهاڱي سان گڏ روحاني ورهاڱي جي ڳالهه به ڪيل آهي، جنهن جي خبر اسان کي ڪهاڻي جي پڄاڻي واري جملي مان پئي ٿي: ”مون هن کي ڇهيو به ڪونه هو پر پو به هو مون کي ورهائي هڪ اڌ پاڻ سان گڏ کڻي هليو ويو هو.“

هن ڪهاڻي ۾ ايتريون ته اڻٿيڻون ڳالهيون ٿيندي ڏيکاريون ويون آهن، جن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هي ڪهاڻي جادوئي حقيقت نگاري واري انداز ۾ لکيل آهي.

حفيظ ڪنڀر جي ڪهاڻين جو هي ڪتاب سنڌي ۾ جديد ڪهاڻي جو هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ هنن مٿي ڏسيل ڪهاڻين کانسوا اٺون موڙ، چار ڪلاڪ، لسا ڇوڪرا، گهٽ ذات وغيره جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون به پڙهڻ لا ملن ٿيون.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ڇھن قسطن اندر ڇپيل مضمون جو مڪمل متن)




“جعفر جي نئين ڪھاڻي” جو جائزو

مشتاق جروار

انسان جي تصوراتي خاصيحت انسان کي ھن ڪائنات جي منفرد مخلوق بڻائي ٿي. انسان پنھنجي تخيل سان نه رڳو ھن ڪائنات ۾ رونما ٿيندڙ واقعن، لقائن تي سوچي ٿو انھن تي پنھجا پُور پچائي، انھن خيالن ۽ سوچن جو پنھنجي فن سان خوبصورت اظھار پڻ ڪري ٿو انسان پنھنجي تخليقي صلاحيت سان مستقبل بابت پنھنجي اُميدن، خواھشن، ۽ جذبن جو حسين تصور جوڙي ٿو جيڪي ھن سماج ۾ وجود نٿا رکن يا ۽ انھن جي حاصلات جي خواھش رکي ٿو۽ انسان نه رڳو جو اظھار ڪري ٿو پر انھن جي خواھش به ڪري ٿو ۽ انھن جي حاصلات لاءَ رٿابندي ڪري پنھنجي پاڻ کي عمل ۾ به آڻي ٿو اھو ئي سبب آھي انسان تاريخ ۾ سوين جينئيس پيدا ٿا جن پنھجي خواھشن، اُميدن، خوشين ۽ مُسرت لاءَ پنھنجو عملي ڪردار ادا ڪيو۽ تاريخ ۾ غير معمولي ڪرادار ادا ڪيو. ھڪ تخيقڪار جي تخليق سماج ۾ رونما ٿيندڙ واقعن، لقائن، پنھجي اميدن، محرومين، پيڙائن، ڏکن، خوشين جو خوبصورت اظھار ھوندو آھي ڪوبه تخليقار پنھنجي پاڻ کي سماجي اثر کان آجو نٿو ڪري سگھي. تنھن ڪري ليکڪ جون تخليقون ليکڪ جي ارد گرد جي ماحول مان ڦٽي نڪرنديون آھن تن کي ليکڪ ڪڏھن شاعري، ڪڏھن ناول، ته ڪڏھن ڪھاڻي جي صورت ۾ اظھاريندو آھي. تخليقون ليکڪ جي مشاھدي ۾ ايندڙ مختلف فردن جي اُمنگن، تڪليفن، ڪاميابين، ناڪامين، مونجھارن جون ڪھاڻيون ھونديون آھن.جيڪو ليکڪ، شاعر، ناولنگار ۽ ڪھاڻيڪار پنھنجي دور جي سماجي حالتن ۽ مسئلن کي پنھنجي تخليقن ۾ نروار ڪري ٿو اھوئي پڙھندڙ جي دلين تي حڪمراني ڪري ٿو. شيخ اياز، اُستاد بخاري، زاھد شيخ، امداد حسيني، علي بابا، ماڻڪ، جمال ابڙو، نسيم کرل نجم عباسي، امرجليل آغا سليم ۽ ٻين جون لکڻيون پنھنجي دور جون آئيندار ھيون انھن جون اُھي لکڻيون پنھنجي دور جي رائج فرسودا خيالن خلاف فڪري بغاوت ھيون.تنھن ڪري اُھي عوام ۾ مقبول ٿيا ۽ انھن جون لکڻيون ذھني اوثر جون سبب بڻيون ھاڻوڪي دور جو ادب ڪٿي بيٺل آھي؟ ھاڻوڪي دور جي شاعري ڪھاڻيون، ناول پڙھندڙ کي ڪيترو متاثر ڪن ٿا، پڙھندڙ جي ذھن جي ڪھڙي آبياري ڪن ٿا؟ اھو ھن دور جو وڏو سوال آھي جنھن تي سوچڻ ضرورت آھي.

حفيظ ڪنڀر سنڌ جو اھو تخليقار آھي جنھن پنھنجي تخليقن ۾ سنڌي سماج جي عام ڪردارن تي ڀرپور لکيو آھي ھن جا ڊراما، ھن جي آتم ڪٿا سنڌ جي حقيقي زندگي جون حالتن جو ڀرپور اظھار آھن امر جليل، نجم عباسي، ماڻڪ، زيب سنڌي، منظور ڪوھيار، ضراب حيدر کان پوءِ حفيظ ڪنڀر جي ڪھاڻين مون کي تمام گھڻو متاثر ڪيو آھي. “جعفر جي نئين ڪھاڻي” ۾ حفيظ ڪنڀر جون ڪھاڻيون ھن سماج جون عام ماڻھن جون ڪھاڻيون آھن جيڪي اسان جي ارد گرد جي ماحول جو حصو آھن جيڪي اسان جي سامھون ھوندي به اسان جي اکين کان اوجھل آھن حفيظ ڪنڀر پنھنجي فن سان ھن سماج جي ۾ پيڙجھندڙ ڪردارن جي پيڙائن، تڪليفن، مونجھارڻ، مسئلن، سورھيائي، صبر، انھن سان ٿيندڙ ناانصافين کي اڳيان آندو ته ٻئي طرف شييطان صفت ماڻھن جي حرام پائن، ڪڌن ڪرتوتن، انھن جي عيشن پڻ ظاھر ڪري ٿو. حفيظ ڪنڀر جون ھي ڪھاڻيون سنڌي عورت جي سورھيائي، بھادري، جفاڪشي، وفاداري، پنھنجي عزت لاءِ پدرانه سماج جي ھڪ ھٺي کي ٽوڙڻ جون به ڪھاڻيون آھن. ته طبقاتي سماج جي چڪي ۾ پيڙھجندڙ پورھيت تي ٿيندڙ ذھني ۽ نفسياتي اذيت جون به ڪھاڻيون آھن. حفيظ پنھنجي ھنن ڪھاڻين ۾ منٽو جيان وحشي جنسي ابنارمل ماڻھن جي اصلي چھري کي به ظاھر ڪيو آھي ته ٻن ڏوڪڙن عيوض بي جان نياڻين سان جنسي ڏاڊائي ڪرائندڙ ابليس انسانن جي مڪروھ چھرن کي به ظاھر ڪيو آھي. ته منھن ۾ موسي اندر ابليس جھڙن انسان کي به وائکو ڪيو آھي جيڪي دين، ايمان ۽ خدمت خلق جون خبرون ڪندا آھن. حفيظ ڪنڀران سوُد خور ڀائي لوگن کي به وائکو ڪري ٿو جيڪو ڪرونا جي لاڪ ڊائون جو فائدو وٺي ڪفن به تمام وڏي منافعي سان وڪڻي ٿو. تنھن ڪري چئي سگھجي ٿو ته حفيظ ڪنڀر ھن سماج جي حقيقي نفسيات کي سمجھي ٿو ۽ ان جو فني جرئتانه اظھار ڪرڻ به ڄاڻي ٿو، جيتوڻيڪ حفيظ ڪنڀر جي ھن ڪتاب ۾ ڪل پنجويھ ڪھاڻيون آھن جن مان پاڻ ھتي ڪجھ ڪھاڻين جو جائزو وٺنداسين.

جانب يار جي قبر سماج ۾ طبقاتي فرق جي موضوع تي آھي طبقاتي سماج ۾ ھڪڙن انسان وٽ سھولتون وڌيڪ آھن ته ڪن وٽ سھولتن جي کوٽ آھي ھڪڙي ئي ڳوٺ ۾ ھڪڙي ئي اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردن مان، ھڪڙا حالتن بھتر ھجڻ ڪري، سھولتون وڌيڪ ھجڻ جي ڪري. معاشي ذريعا بھتر ھجڻ جي ڪري پوري دنيا کان اڳتي نڪري وڃن ٿا پر پورھيت جو ٻارسھولتن جي اڻ ھوند، حالتون بھتر نه ھجڻ ۽ سماجي اڻ برابري سبب پٺتي رھجي وڃن ٿا جانب يار جي قبر جو مرڪزي ڪردار لونگ به طبقاتي نظام جي اڻ برابري جي ور چڙھي وڃي ٿو پر ھن سان گڏ پڙھندڙ ھن جو دوست جانب ولايت ۾ پڙھڻ کان پوءِ ولايت ۾ وڏو آفيسر بڻجي وڃي ٿو ۽ ھُن جي زندگي تبديل ٿي وڃي ٿي لونگ جيڪو ھاري جو پُٽ ھاري ئي رھيو ھن جي زندگي ڍڳا جوٽڻ ۽ ھر ھلائڻ تائين محدود ٿي وئي ۽ ٻني ۾ ڪم ڪندي ھيءَ پنھنجي پاڻ کي ڍڳو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو، ھن جي زندگي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي جڏھن ته ھن جو جانب يار ولايت مان، ڪڏھن ڪڏھن مرڻي پرڻي تي ڳوٺ جو پڻ چڪر لڳائي ٿو. لونگ جيڪو سادڙو آھي جنھن ۾ سچائي آھي تنھن ڪري ھُو پنھنجي ھم ڪلاسي جانب جي باري ۾ ماڻھن کي فخر سان ٻڌائي ٿو ته جانب منھنجو ھم ڪلاسي آھي ۽ اڃا تائين مون کي سڃاڻي ٿو. پر ھر ھڪ ماڻھو ھن جي ڳالھين کي ٻڌو ۽ اڻ ٻڌو ڪري ٿو ڇوته ھُو ھڪ پورھيت آھي ھن سماج ۾ پورھيت جي ڳالھ جي ڪابه اھميت ناھي. ھي سماج وڌيڪ طاقتور، وڌيڪ پئسي واري، وڏيري، مير پير ۽ سردار جي ڳالھ کي وڌيڪ اھميت ڏئي ٿو. جئين ھن ڪھاڻي جي صفعي ست تي ليکڪ لکي ٿو ته “پر ھن جي ڳالھ ڪنھن ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي ۽ واقعي سچو ھو پر غريب ماڻھو جي ڳالھ تي ڪير اعتبار ڪري ؟ وڏيري جو پٽ ڪوڙبه ھڻي ته سڀ ڪو اعتبار ڪري وٺي.” لونگ سڌون ڪندي ماڻھن کي پنھنجي يار جون خبرون ٻڌائندي يار سان ملڻ جون حسرتون ڪندو رھي ٿو ته ھڪ ڏينھن ھن جي پنھنجي يار سان ملاقات ٿي وڃي ٿو جيڪو ھن کي سڃاڻي وٺي ٿو تنھن تي ھن جو قد وڌي وڃي ٿو “کيس لڳو ته قبرستان جي جيڪي ماڻھو موجود آھن اُنھن ۾ ھن جو قد وڏو ٿي ويو آھي.” پر اھُا مختصر دعا سلام ھجي ٿي ھن جو يار تڪڙو واپس ھليو وڃي ٿو.لونگ وري به پنھنجي دوست جون ڳالھيون ڳوٺ وارن، پنھنجي مٽن مائٽن کي فخر سان ٻڌائندو ۽ وري ملڻ جي آس رکندو رھيو ته ھڪ ڏينھن ھن کي اطلاع ملي ٿو ته ھن جو يار جانب ڳوٺ اچي رھيو آھي پر اھو ٻن ٽنگن تي نه پر چئن ٽنگن ڏولي تي جنازي جي صورت ۾ اچي رھيو آھي ائين لونگ پنھنجي يار جي قبر پنھنجي ھٿن سان کوٽي ٿو ۽ ڪھاڻي جي پڃاڻي ھنن جملن تي ٿئي ٿي “ ھُو چُپ چاپ قبر کوٽيندو رھيو. آخري مرحلي ۾ ڳجھ تيار ڪري ان جي سڄي مٽي پنھنجي ھٿن سان صاف ڪري ٻاھر نڪتو ته قبر جي ڪنڌي تي بيٺل ڳوٺاڻي چيو ته “ڳجھ ننڍو آھي” لونگ ھن ڏانھن تڪي ڏٺو ۽ پوءِ ڄڻ ڦاٽي پيو “ اڙي ! ھي منھنجي جانب يار جي قبر آھي سان آئون خراب ٺاھيندس ڇا ؟ مون ھن جي قبر لاءِ ڪوڏر به نئين آندي آھي، اوھان کي ڪھڙي خبر ؟ ھن کان اڄ پھريون ڀيرو مقام ۾ اوڇنگار نڪتي ۽ ھُو قبر ۾ ويھي رھيو.”.

چاچي سماني جاگيردارنه سماج ۾ عورت تي ٿيندڙ احتصال جي ڪھاڻي آھي جاگيرادرانه نظام جنھن ۾ سماج مرد جي ھڪ ھٺي رھي ٿي.اُتي عورت جي زندگي تمام ڏکي گذري ٿي پر ان صورتحال ۾ گھڻو رھڻ جي ڪري عورت ان نظام خلاف بغاوت گھٽ ٿي ڪري ھُو پنھنجي لکئي جو ليک ۽ پنھنجي زندگي جو حصو سمجھي سڀ ڪجھ برداشت ڪندي رھي ٿي. پر ان سماج ۾ چاچي سماني جھڙا ڪيترائي آئيڊيل ڪردار ملن ٿا جيڪي جيڪڏھن بغاوت ڪن ته ھي سماج بدلجي وڃي. چاچي سماني ڪھاڻي پڙھندي ھر ھڪ پڙھندڙ کي محسوس ٿيندو ته اھڙا ڪردار سنڌ جي ھر ڳوٺ ۾ ٿي سگھن ٿا ۽ ھوندا. سنڌ جي ڳوٺن جو عورتون بھادر آھن محنتي آھن، جفاڪش ۽ صبر ۽ سھپ واريون آھن جيڪي جيڪڏھن ھن دور ۾ لٺ کڻي ھن مدي خارج سماج خلاف نڪري پون ته ھن مدي خارج سماج جون پاڙون پٽي اڇلائي ڇڏينديون ۽ پنھنجي محنت سان جفاڪشي سان ھن سماج کي جنت بڻائي ڇڏينديون. پر ھي پدرانه سماج انھن عورتن کي اُڀرڻ نٿو ڏي اھڙيون بھادر عورتون گھر جي ڪم ڪارين، ۽ بيمارين جي ور چڙھي پنھنجي زندگي پوري ٿيون ڪري ڇڏين.اچوته ڏسون حفيظ ڪنڀر سماني ڪئين آھي.“ چُنجھن اکين، چھٽل پڏرن، سانوري مضبوط بت واري چاچي سماني الاھي ڪھڙي مِک ھئي جو ڪمن ڪارين ۾ جنبيل ھجڻ ڪري مائيءَ ھوندي به پيو مٿس مڙس ٿين جو گُمان ٿيندو ھو. ڪم ڪھڙو به ھجيم جل ڦٽاڪي ٿي جنبي پوندي ھئي جيسين ڪم نه کُٽي تيسين چاچي سماني ھٿ نه ڪڍندي ھئي. اڪيلي سر، مٽي مٿي تي کڻي پنھنجن ھٿن سان وڏي چوئنڪي، صفو، دلان، رڌڻو، پوئي، کان وٺي ڀتئي ۽ اوٽي تائين سڄو گھر جوڙيو ھئائين.” سنڌي سماج جي عورت جيڪا صدين کان غلامي ھيٺ رھڻ ۽ پدرانه سماج جي روين، ۽ حالتن سبب ذھني تُوڙي جسماني طور مضبوط ٿي وئي آھي تنھن ڪري ھُو ننڍڙين بيمارين، تڪليفن، ڏکن، مجبورين، اذيتن کي ليکي ئي نٿي انھن کي مڙس ٿي منھن ڏيندي ۽ زندگي جو گاڏو ھلائندي رھي ٿي چاچي سماني به ائين مڙس جي ڪجھ چوي ته به ماٺ.. بيماري، سيماري ٿئي ته به ماٺ خير آھي ڪجھ ڪونھي مڙئي سائي، ٽي بي آھي لھي ويندي سوڙ وجھي سمھي نه رھبو، پنھنجي روزاني جا ڪم ڪار ڪبا رھبا، روزاني ڪم ۾ پاڻ کي گھلبو رھبو.ليکڪ اُن صورتحال کي ھن طرح پيش ڪيو آھي.“اھڙي بيماري ھوندي به ھن لاءِ منجو جھلڻ ميھڻو ھو سندس علاج ٿيو نه ٿيو ھن جي حصي ۾ اھو ئي پاڻي ڀرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، راڳا روپا ڪرڻ، گاھ ڪرڻ، ٻار ۽ گھر سنڀالڻ. اکين مان باھ جا آلا پيا نڪرندا ھئا ڳري ڪنڊا ٿي وئي پر گھر جو گھانگھو گچي مان نه نڪتو”.

ٽيھ سال پوءِ؛ سنڌ ترقي پسند ۽ اين جي اوز ڪلچر تي ھڪ اھم ڪھاڻي ھئي جڏھن سنڌ ۾ ترقي پسند سياست جو عروج ھو سياسي پارٽين ۾ ھڪ فولادي نظم ضبط ھو تڏھن پارٽي جي ھر فيصلي تي ڪارڪن عمل ڪندا ھئا۽ ڪارڪن ڳوٺن جي جھوپڙين ۾ گڏجاڻيون ڪندا ھئا ڪارڪنن جي ترتبيت ھئي ڪارڪن فولادي ضابطي ھيٺ ڪم ڪندا ھئا تڏھن لڳندو ھو ته سنڌ تمام جلد تبديل ٿيندي پر جڏھن سنڌ ۾ اين جي اوز جي ڄار پکڙيو چڱا ڀلا ترقي پسند ڪارڪن اين جي اوز جي سڻڀين نوڪرين جي ور چڙھي وسڪي ۽ ٻيڙي جي پويان پنھنجي نظرين تان ھٿ کڻي ويا “ ٽيھ سال کانپوءِ” به ھڪ اھڙن ترقي پسند سياسي ڪارڪنن جي ڪھاڻي آھي جيڪي سياست تان ھٿ کڻي اين جي اوز جي دنيا جي رنگينين ۾ گُم ٿي وڃن ٿا، ھن ڪھاڻي جو ھڪ ئي جملو ان دور جي پوري صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو “اسان جا ڪيترائي دوست ٻيڙيءَ وگھي سڀ ڪجھ ڇڏي ويا، سياست، سياست آھي، ٻيڙيءَ، ٻيڙيءَ آھي، سو اسان ٻيڙيءَ پُٺيان وياسون. استاد باقي شراب قسمت ۾ لکيل ھو.”

ڪھاڻي فوٽو. ھي ڪھاڻي جديديت پڄاڻان دور جي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿي. ھن دور ۾ رھندڙ فرد حقيقي جذبن ۽ ڪيفيتن کان عاري آھي ھُن ھر جذبو ھر، ھر ڪيفيت مصنوعي آھي، ھو پنھنجي ڏکن، پنھنجن تڪليفن، پنھنجن محبتن جو اظھار صرف سوشل ميڊيا تي ڪري ٿو پر ھُن وٽ حقيقي طور تي ڪي به ڪيفيتون ۽ جذبا ناھن، ھن دور جي ھر فرد ھر لمحي ۾ پنھنجي ڪيفيت تبديل ڪري ٿو ھڪ لمحي ھُو سوشل ميڊيا تي خوشي جو اظھار ڪري ٿو ته ٻئي لمحي، ھُو ڏک جو اظھار ڪري ٿو.۽ ھُو ان پوري عمل ذھني تسڪين ڪري ٿو ۽ ان عمل جي رڪاوٽ سان اُن ۾ بيچيني پيدا ٿئي ٿي.تنھن ڪري ھُو ھر ممڪن ڪوشش ڪري انھن ڪيفيتن جو بار بار اظھار ڪرڻ چاھي ٿو. ڪھاڻي فوٽو به ھڪ اھڙي ئي صورتحال جي عڪاسي آھي جنھن جو مرڪزي ماڻھن جي رش ۽ پيھ پيھان مان پنھنجي وڏي ڪوشش ڪري پنھنجا ڪپڙا به ڦاڙائي ھڪ منسٽر جي جنازي جي اڳيان پھچي ٿو ۽ اُتي پھچڻ کانپوءِ جنازي جي اڳيان مختلف انداز۾ فوٽو ڪڊائڻ لڳي ٿو. ائين ھن مجموعي جي ٽائٽل ڪھاڻي جعفر جي نئين ڪھاڻي، ابليس، اوٺي، لاعلاج، سسيفس، دڪانداري، پيار ۽ پاڇل پڻ اھم ڪھاڻيون آھن. جيڪي پڙھڻ کانپوءِ پڙھندڙ جي ذھن کي پنھنجي سحر ۾ گرفتار ڪري ڇڏين ٿيون. حفيظ ڪنڀر جي ٻولي انتھائي وڻندڙ ۽ عام فھم آھي. تنھن ڪري پڙھندڙ ڪھاڻين کي ھڪ ئي ويھڪ ۾ پڙھڻ تي مجبور ڪري ٿي۽ پڙھندڙ جي سوچ ۽ ذھني جو سبب بڻجن ٿيون.

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۸ جنوري ۲۰۲۴ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment