Wednesday, December 20, 2023

ڪتا ڀونڪندا ناهن - حوان رلفو - ننگر چنا

ڪتا ڀونڪندا ناهن

(مختصر ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: حوان رلفو

سنڌيڪار: ننگر چنا



“او اَگناسيو! تون جو مٿي ويٺو آهي، تو ڪجهہ ٻُڌو؟ ڪو سوجهرو ڏٺئي؟”

“مون کي تہ ڪجهه بہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. ”

“هِنَ مھل تائين تہ اسان کي ويجهو پھچي وڃڻ کپي ها. ”

“ها، پر مون کي تہ ڪجهہ بہ ٻُڌڻ ۾ نہ ٿو اچي. ”

“ڌيانَ سان ڏِسُ، منھنجا اَگناسيو!”


ماڻهن جو گڏيل پاڇو وڌندو رهيو، هيٺ مٿي ٿيندو، ڇِپون لَنگهندو، ننڍو وڏو ٿيندو جيئن جو تيئن، اُهو آريو جي ڪَپَ سان گڏوگڏ هلندو رهيو. پاڇو پنھنجي ايڪتا ۾ اڳتي وڌي رهيو هو.

چنڊ، ڄڻ باھ جو گولو، ڌرتيءَ مان اُڀري آيو هو.

“اسان کي شھر پھچي وڃڻ گهربو هو هِنَ مھل تائين، اَگناسيو! تنھنجا ڪَنَ تہ ڍڪيل ناهن، جَتَنُ ڪر ٻُڌڻ جو. ڪتن جي ڀَونڪڻ جو آواز اچي پيو جان نہ؟ ياد اٿئي هُنَ چيو هو تہ تونايا بلڪل ٽَڪرين جي پويان آهي، ۽ ٽَڪريون تہ ڪڏهوڪو پوئتي رهجي ويون. ياد اٿئي، اَگناسيو!؟”

“هون، پر مون کي تہ ڪا وَٿَ نظر نہ ٿي اچي. ”

“مون کي تہ اُڀَ ساهي ٿيڻ لڳي آهي. ”

“هيٺ لاھِ!”

ڪُراڙي ماڻهو ڀت سان ٽيڪ ڏئي پنھنجي ڪلهن تي پيل ٻوجهہ کي لاهڻ کان سواءِ هڪ ڪَرو ڪيو. هُنَ جون ڄنگهون هيڻيون پوڻ لڳيون هيون. پوءِ بہ هُو ساهي پَٽڻ نہ پيو گهري، ڇو تہ هُو ٻيھر پنھنجي پُٽَ کي کڻي نہ سگهندو، جنھن کي هُنَ اڳ ۾ ٻين جي سھائتا سان ڪلهن تي کنيو هو. هُو انهيءَ کي اُتان کان هيستائين کڻي آيو هو.

“ڪيئن پيو محسوس ڪرين تون؟”

“بُرو. ”

اَگناسيو گهڻو نہ ڳالهايو، اڃا بہ ٽاڻو گذرڻ سان گڏوگڏ گهٽ کان گهٽ. ڪڏهن ڪڏهن تہ لڳو پئي تہ هُو ننڊ پئجي ويو آهي. ڪڏهن هُنَ جو بدن ٿَڌو ٿيڻ پئي لڳو. هُو ڏَڪي ٿي ويو. جڏهن کيس ڏڪڻي وٺي ٿي وئي تہ سندس پير پيءُ جي چيلهہ کي اِٽَ هڻڻ ٿي لڳا. پوءِ هُنَ جا هَٿَ جن ڪَنڌَ کي پڪڙي رکيو هو، سي مَٿو پڪڙي پيا وٺن ۽ انهيءَ کي ڊگدگيءَ وانگر لوڏا ڏيڻ ٿي لڳا.

ڪُراڙي ڏندَن کي ڏندَن مٿان ڀِڪُوڙي ٿي ورتو، تہ جيئن ڄِڀَ ڪَپجي نہ پوي ۽ ڏَڪڻي بيھي وڃڻ کان پوءِ پُڇَڻ ٿي لڳس، “سُور گهڻو پيو ٿيئي؟”

“ها، ڪجهہ، ”اَگناسيو ورندي ٿي ڏني.

اڳ اَگناسيو چئي رهيو هئو، “لاھِ هتي. . . ڇڏي وڃ مون کي. . . اڪيلو ئي هليو وڃ. مان توسان سڀاڻي ملندس جان وري جيئن ئي حالت سڌريم تہ. ” اِهو هُنَ ڪو پنجاھ ڀيرا چيو هوندو. پر هاڻ نہ چئي رهيو هو.

چنڊ ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو. بلڪل هُنَن جي سامهون. وڏو ڳاڙهو چنڊ، هنن جي اکين کي کيرو ڪندڙُ، پکڙجندڙُ، ڌرتيءَ تي پنھنجو پاڇو اڃا ڳُوڙهو ڪَندڙُ.

“مون کي تہ ڪا سُڌَ نہ ٿي پوي تہ ڪھڙي پاسي پيو وڃان، ”پڻس چيو.

ڪا وَرندي نہ.

پُٽُ مٿي چانڊوڪيءَ ۾ ٻُڏي ويو هو. ڦِڪو سوجهرو هُنَ جي بي رنگ، اَرتي مُنھَن تي پَرٽِجي رهيو هو. ۽ هتي هيٺ هُو هئو.

“منھنجو آواز اچي پيو توکي، اَگناسيو!؟ مان چوانءِ ٿو تہ مان توکي هتان چڱيءَ ريت ڏسي نہ ٿو سگهان. ”

وري بہ ڪا وَرَندِي نہ.

پيءُ وِچِڙَندو هلندو رهيو. هُنَ جي ڪُٻِ اڃا ڪجهہ وڌي وئي، پوءِ هُو جَتَنَ ڪري پاڻ کي سِڌو ڪري، لُڏَندو اڳتي وڌڻ لڳو.

“هيءَ ڪا سڙڪ تہ نہ ٿي لڳي. هُنَن تہ چيو هو تہ تونايا بَس ٽڪرين جي پويان آهي. ٽَڪريون تہ ڪا مھل پوئتي رهجي ويون ۽ توکي تہ تونايا ڏسڻ ۾ نہ آيو، نہ ئي ڪو آوازُ ڪَنَ ۾ پيئي، جنھن مان سُڌَ پَوي تہ اِهو آس پاس ئي آهي. اَگناسيو! تون مون کي ٻُڌائين ڇو نه ٿو، توکي ڪجهه ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي جان نہ؟”

“مون کي لاھ ِ، بابا!”

“سُور گهڻو اٿئي؟”

“ها. ”

“ مان توکي تونايا پھچائيندس. اُتي ڪنھن کي تنھنجي سارَ سنڀالَ جي لاءِ ڳوليندس. چون ٿا اُتي ڪو ڊاڪٽر آهي. اُنَ وٽ وٺي ويندوسانءِ. ڪيترن ڪلاڪن کان کنيو پيو هلان توکي. هاڻي هتي ڇڏي ڏيانءِ تہ جيئن ڪو اچي تنھنجو انت آڻي، هلندو ٿئي. ”

هُو ٿورو لُڏيو لَميو. هڪ ٻہ وکون. هڪ پاسي جُهڪي ويو، وري پاڻ سنڀالي ويو.

“توکي تہ تونايا پھچائي ئي ساھُ پٽيندس. ”

هيڻو آوازُ، سَرڙاٽَنِ وانگر، “مان ٿورو سمهڻ ٿو گهران. ”

“مٿي ئي سمهي پَئُہ، نيٺ تہ مان توکي سُڪَ جهليو پيو هلان. ”

چنڊ، گهڻو ڪري نيرو، صاف آسمان ۾ مٿي چڙهندو پئي ويو. ڪراڙي جو پگهر ۾ ٻُڏل مُنھُن چانڊوڪيءَ ۾ ٻڏي ويو هو. هُو ڪَنڌُ جهڪائي نہ پيو سگهي، هُنَ اکيون جهڪائي ڇڏيون ۽ پُٽَ جي هٿن کي اڃان وڌيڪ سُڪَ پڪڙي ڇڏيائين.

“مان هي سڀ تنھنجي ڪري نہ پيو ڪريان. تنھنجي ماءُ جي ڪري پيو ڪريان. ڇو تہ تون انهيءَ جو پُٽُ آهين نہ، تڏهن پيو ڪريان. هُنَ جو روح منھنجو پيڇو ڪڏهن نہ ڇڏي ها جيڪڏهن مان توکي اُتي پيو رهڻ ڏيان ها مرڻ جي لاءِ، جتي تون مون کي مليو هئين. . . . علاج ڪرائڻ لاءِ نہ کڻي اچانءِ ها، جيئن هاڻ ڪري رهيو آهيان. اُهائي تہ مون کي همت ڏياري رهي آهي، نہ ڪو تون. پھرئين ڏينھن کان ئي تو تہ مون کي رڳو مصيبت ڪنڌ ۾ وڌي آهي. . . . شرمندگي، ذلت. ”

جيئن جيئن هُو ڳالهائيندو ويو، سندس پگهر وهندو رهيو. رات جي هوا سندس پگهر سُڪائيندي رهي. سُڪَل پگهر مٿان کيس وري پگهر ايندو رهيو.

“مان پنھنجي چيلهہ ڀَڃائي ڇڏيندس پر توکي تونايا پھچائي ئي ساهي پٽيندس تہ جيئن تنھنجا ڦَٽَ ڇُٽي سَگهن. مان ڄاڻان ٿو تہ جيئن ئي تنھنجا گهاءَ ڀربا، تون پراڻن ڪرتوتن ڏي موٽي ويندين. پر منھنجو اِنهيءَ سان ڇا! بس ڪاڏي پري گم ٿي وڃجانءِ، جتان کان مون کي تنھنجي ڪا خبر نہ پھچي. بس ايتري مھرباني ضرور ڪري ڇڏجانءِ، ڇو تہ جيستائين منھنجو لاڳاپو آهي تون منھنجو پُٽ تہ رهيو ناهين. مان اُنَ رَتَ تي لعنت ٿو وجهان جيڪو منھنجي ڀاڱي جو آهي. منھنجي ڀاڱي تي لعنت! مون چيو هو، خدا ڪري تنھنجين بُڪِين ۾ سَڙي منھنجي ڀاڱي جو رَتُ. مون تڏهن ئي چئي ڇڏيو هو جڏهن مون ٻُڌو هو تہ تو سَڙڪن کي ٺِڪاڻو بڻائي ورتو آهي. ڌاڙا ۽ قتل. . . اُهي بہ چڱن ماڻهن جا. مثال جي لاءِ، منھنجو دوست ترانڪيلينو. هُنَ توکي بِپتسمو ڏنو هو! تنھنجو نانءُ رکيو هو! هُنَ جو اَڀاڳُ جو هُو تنھنجي وَرِ چڙهي ويو. اُنَ مھل ئي مون چئي ڇڏيو هو: هُو منھنجو پُٽُ نہ ٿو ٿي سگهي. . ”

“ڪجهہ ڏسڻ ۾ آيئي هاڻي، ڏس تہ سَھي. ڪَنَ ۾ پيئہ ڪجهہ؟ توکي ئي مٿي ويٺي ويٺي ڪرڻو پوندو، ڇو تہ مان تہ لڳي ٿو تہ ٻوڙو ٿي ويو آهيان. ”

“مون کي تہ ذرو بہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. ”

“تنھنجي بدبختي، اَگناسيو!”

“اُڃَ لڳي اٿم. ”

“ سَھڻو پوندئي. اسان ويجها ئي آهيون. ڇو تہ هاڻ گهڻي رات ٿي چڪي آهي، هُنَن بتيون وِسائي ڇڏيون هونديون. پر توکي گهٽ ۾ گهٽ ڪُتَن جو ڀَونڪڻ تہ ٻُڌڻ ۾ اچي ها. ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪر. ”

“پاڻي!”

“هتي ڪاڏَهئون آيو پاڻي، بس پٿر ئي پٿر آهن. ٿورو صبر ڪر. جي هجي بہ ها تہ توکي پيئڻ نہ ڏيانءِ ها. هتي توکي منھنجن ڪلهن مٿان ويھارڻ ۾ ڪير مدد ڪندو! مان اڪيلو تہ نہ ٿو ڪري سگهان. ”

“مون کي ياد آهي جڏهن تون پيدا ٿيو هئين تڏهن بہ ائين ئي هئو. بُکَ ۾ جاڳِئين، کاڌُئِي ۽ وري سمهي پئين. تنھنجي ماءُ کي نيٺ توکي پاڻي ئي ڏيڻو پوندو هو ڇو تہ تون هُنَ جي سَڄي ٿڃ پوري ڪري ڇڏيندو هئين. تنھنجو پيٽ تہ ڪڏهن ڀريو ئي نہ. مٿان وري اَزل کان ڪاُوِڙِيلُ، رڙيون ڪُوڪون ڪندڙُ. پر منھنجي تہ وهم گمان ۾ ئي نہ هو تہ اِها چَريائپ تنھنجي دماغ تي چڙهي ويندي. ٿيو اُهوئي. تنھنجي ماءُ، ڌڻي هُنَ کي پنھنجي رحمت ۾ رکي، چاهيندي هئي تہ تون ڪُوپو ڪَنڌارُ ٿئين. هُنَ جي آسَ هئي تہ تون وڏو ٿي هُنَ جو خيال رکين. هُنَ جو تہ رڳو تون ئي هئين. ٻي اولاد تہ پيدا ٿيندي ئي هُنَ جا ساھَ پَئي ورتا. پر تون تہ هُنَ کي اُڦَٽ ماري رکين ها جي هُوءَ جيئري بہ هجي ها تہ. ”

هُنَ جي ڪلهن تي پيلَ ماڻهوءَ سندس چيلهہ ۾ گوڏا هڻڻ بند ڪري ڇڏيا. سندس پير ڍرا ٿي هيڏي هوڏي لُڏَڻ لڳا. پيءَ کي ائين لڳس تہ مٿي اَگناسيو جو ڪنڌ لُڏي رهيو آهي، ڄڻ تہ هُو روئي رهيو هجي.

هُنَ کي پنھنجن وارن تي وڏا ڳوڙها ڪرندي محسوس ٿيا.

“تون روئين پيو؟ اَگناسيو! ماءُ جي ياد اچڻ سان روئڻ ٿو اچئي؟ تو تہ هُنَ جي لاءِ ڪجهه بہ نہ ڪيو. هر ڀيري هُنَ کي بُري موٽَ ڏِنَئي. تنھنجو جسم ۾ نہ ڄاڻُ ڇو ٻاجهہ جي بدران ڪميڻائپ ڀرجي وئي. هاڻ ڏٺئي؟ توکي زخمي ڪري وڌائون. تنھنجن يارن سان ڇا ٿيو؟ سڀئي ماريا ويا. اُنهن جو تہ ڪير به نہ هئو. هَلُ، اُهي تہ چئي سگهن پيا تہ اسان لاءِ ڪنھن کي ڳڻتي ناهي ڪرڻي. پر تون؟ اَگناسيو!”

نيٺ، شھر. هُنَ کي چنڊ جي سوجهري ۾ ڇتيون جَرڪندي ڏسڻ ۾ اچڻ لڳيون. پُٽَ جي نہ سَھَڻَ جوڳي ٻوجهہ هيٺان هُنَ جون ڄنگهون هاڻ ڏوڙيون ٿيڻ لڳيون. جيئن ئي هُو پھرئين گهر جي ويجهو پھتو، هُنَ سڙڪ جي پاسي وارِي ڀت جي ٽيڪ ورتي. پُٽ جي بدن کي هيٺ تِرڪڻ ڏنائين، هَوا ۾ لڙڪيل ڇڏيائينس، ڪجهه اِئين ڄڻ تہ هُنَ کي سندس بدن کان ڇڪي ڌار ڪري ڇڏيو ويو هجي.

گهڻي ڇِڪ ڇِڪان کان پوءِ هُنَ ڦُٽَ جي آڱرين جي پَڪَڙَ مان پنھنجي ڳِچي ڇڏائي. مٿو آزاد ٿيس تڏهن هُنَ کي هر پاسي کان ڪتن جي ڀَونڪڻ جا آوازَ ٻُڌڻ ۾ اچڻ لڳا.

“تون تہ چوين پيو تہ توکي ڪجهه بہ ٻُڌڻ ۾ نہ ٿو اچي؟ اَگناسيو!” پيءُ چيس، “تو تہ ٻُڌڻ ۾ بہ منھنجي مدد نہ ڪئي!”

**

(ماهوار "ريکائون" ۾ ڇپيل حوان رلفو جي ٻي ڪھاڻي – ننگر چنا)

 

(ننگر چنا جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۲۹ جنوري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment