Thursday, December 28, 2023

آئون سان ملاقات - حسين ڪپري

آئون سان ملاقات!

(ڪهاڻي)

حسين ڪپري



ڪالهه، ”آئون“ سان ملاقات ٿي. ڪپڙا ميرا، منهن لٿل، نراڻ ۾ گهنج، حال کان بيحال ٿي لڳو! ڪنهن پراڻي قرضي وانگر نظر بچائي گذري وڃڻ ٿي چاهيائين پر ڊوڙي وڃي پڪڙيومانس.

سج لهڻ جو وقت هو، روڊ تي بيشمار گاڏيون، ريڙها، ٺيلا ۽ پيادل ماڻهو پي هليا. گرمي جام هئي، سڀني جا پگهر پي وهيا.  

”گتي تي ٿو وڃين ڇا؟“ پنهنجي ڪار ڏي ڇڪيندي پڇيومانس.


”توکي ته خبر آهي اتي آئون پاڻ ڪونه ويندو هئس پر سنگت ورغلائي وٺي ويندي هئي ۽ سنگت اڄڪلهه اريسٽ آهي،“ ٻانهن ڇڏائيندي هن چيو.

”ڪهڙي سنگت؟“حيراني مان مون پڇيو.

”اڙي يار رمضان جو مهينو پيو هلي، شيطان قيد ۾ آهي، توکي اها به خبر ناهي ڇا؟“

جملي بازي ته ڪو هن کان سکي. هن جي گفتگو ۾ جيترو لطف هوندو آهي اوترو ان جي پويان دليل به هوندو آهي، جنهنڪري عام ڳالهه به خاص بنجي ويندي آهي.

هڪ دفعي ڪنهن چيس ته سٺن ماڻهن جي صحبت ۾ هلندو ڪر. وراڻيائين، ”تنهجو مطلب آهي ته اڪيلو ٿي وڃان. مطلب ته آرسي رکي انهي جي سامهون ويهي رهان. مونکان وڌيڪ سٺو ماڻهو ٻيو ڪير آهي؟“

ڳالهين ۾ ڪير کانئس کٽي نه سگهندو هو ۽ نه ئي کٽڻ چاهيندو هو. هو جيترو پڙهيو اوترو ڪڙهيو هو ۽ تجربي مان به جام پرايو هيائين. ڪتابن جو علم، عام زندگيءَ جا احوال، اشرافتن، لچائين، حرامپائين جون ڳالهيون، حسن، عشق، رومانس، هن کي هر شئي جي خبر هئي.

”سچي ٻڌاءِ، ايتريون مزيدار شيون تو ڪٿان سکيون؟“ هڪ دفعي، ويجهن دوستن جي محفل ۾، ڪنهن هجت ڪري پڇيس.

”هونئن ته زمانو وڏو استاد آهي پر گهڻيون شيون مون عورتن کان سکيون. ننڍي هوندي اڳٺ ٻڌڻ ماءُ کان سکيو، اٺين درجي ۾ اک ڀڃڻ دلمراد ٽانگي واري جي ننهن کان سکي، جنهن جو مڙس دبئي ڪمائڻ لاءِ ويل هو ۽ وقت جو قدر فاطمه ماسترياڻي کان سکيس. هو جوان بيواهه هئي، عام طور تي مڪمل لباس ۾ ڍڪيل هوندي هئي. جڏهن ملڻ ايندي هئي ته انڊر ويئر ۽ برا نه پائيندي هئي. چوندي هئي وقت ٿورو آهي، انهن کي لاهڻ ۽ پائڻ ۾ ٽائم ضايع ٿو ٿئي،“ اک ڀڃندي هن چيو.

ٽائم اسان وٽ جام هو ۽ ڳالهيون هن وٽ اڻکٽ هيون. رڳو ڪچهريون پيون هلنديون هيون، جيڪو سوال ڪندو هو تنهن کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو.

سندس گهڻ پاسائين ٽيلينٽ کي هتي ٿورن لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آهي مگر هاڻي هو بقول شاعر، صحرا ۾ گلاب وانگر وکري وڃڻ جي تصوير بنجي چڪو هو. هڪ لحاظ کان اهو ٺيڪ به ٿيو جو دنيا ۾ ڪجهه شيطان گيري گهٽ ٿي.

خير هو ڀلي سڄي جهان کي لاجواب ڪري ڇڏي پر مون کي نٿو ڪري سگهي. ڇو ته اسان کي جيتري هڪ ٻئي جي خبر آهي اوتري ته دائي کي دُن جي به ناهي. ننڍي هوندي کان وٺي بي روزگاري واري زماني تائين هميشهه گڏ رهياسين. رسيس مهل اسڪول مان ڀڄندي، مسيت مان جتيون چورائيندي، جوا جي ٽڪري تي داءَ کيڏندي، سڀ ڪم گڏجي ڪياسين.

جوا راند، شهر ۾ ڪافي جاين تي ٿيندي هئي پر هن کي قاسو مڪرانيءَ جي جڳهه وڻندي هئي. وڻڻ جو سبب، اهو ھيو جو اتي لکيل هو؛ ”کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ!“ شايد هو دنيا کي به هڪ وڏو جوا خانو سمجهندو هو!

هو آرٽسٽ مزاج ماڻهو هو. هميشهه دل جي چوڻ تي هلندو هو، پوءِ نفعو ٿئي يا نقصان. سٺا شعر، سهڻيون مايون ۽ موچارا ڪتاب ڏسي، لڙڪي پوندو هو. انهن مان جيڪا شئي هٿ اچي ويندي هئي ته ٻيا ضروري ڪم ڇٽا. يونيورسٽي ۾ امتحان پيا هلندا هئا، صبح جو ”ادبي تنقيد“ جهڙو ڏکيو پيپر هوندو هو ۽ هو رات جو جان ڪيٽس جي شاعري پيو پڙهندو هو. ڪيٽس اداسين جو شاعر آهي، اسان کان ته ڏينهن جو به نه پڙهبو هو!

هو جهڙو پڙهائي ۾ من موجي هو تهڙو وري ڪلاس ۾ حاضر جواب. وجوديت جو فلسفو پڙهائيندي پروفيسر ڪلاس ۾ سوال پڇيو، ”انسان ڪٿان اچي ٿو ۽ ڪيڏانهن وڃي ٿو؟“

”سر، اهو هڪڙو نه پر ٻه سوال آهن،“ هن هٿ مٿي ڪندي جواب ڏنو. ”انسان ڪٿان اچي ٿو سو دائي کان پڇجي. ڪيڏانهن وڃي ٿو اهو سوال گورڪن کان ڪجي.“

شاگردن جا ٽهڪ ڇت سان ٽڪرائڻ لڳا!

پروفيسر کلي ته نه سگهيو پر هن ايترو ضرور چيو، ”هن جو ايمان ڪمزور آهي.“

فائنل رزلٽ آئي ته چڱين مارڪن سان پاس ٿي نه سگهيو. انهي ڪري سرڪاري نوڪري جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويو. ماڻهو سماجي رتبي جي ڊوڙ ۾ هارائڻ کان پوءِ ڪنا ڪم ڪندا ۽ گندا جڳاڙ لڳائيندا آهن پر هي گهر جهلي ويهي رهيو.

ان ڳالهه تي اسان جو اختلاف ٿيو. مون چيو؛ ”ماٺ ڪري ويهڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ سان ڪجهه حاصل نٿو ٿئي. اصول پرستي سان پيٽ نٿو ڀرجي.“

”ماڻهو بکيو هجي ته زهر کائي ڇا؟“ هن تلخي سان جواب ڏنو.

”مون کي ڏس، جاب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏيون ڪوششون پيو ڪريان!“ کيس سمجهائيندي چيم.

هن چيو؛ ”تنهنجي ڳالهه ٻي آهي. تون ڏٽا اهڙا ٿو هڻين جو ولايت ۾ هجين ته ڪوڙ پڪڙڻ واري مشين کي دوکو ڏئي سگهين ٿو! وڪيل ٿئين ته ڏوهاريءَ کي پوتي پاڪ ثابت ڪري سگهين ٿو ۽ جي پاليٽڪس ۾ گهڙين ته ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو وزير اطلاعات ٿي ڪوڙ کي سچ ثابت ڪري سگهين ٿو. پاڻ کان اهو نه پڄندو.“

ان نموني ڳالهين ۾ تلخي اچڻ لڳي ته هڪ ٻئي کان ٿورو پري ٿياسين. پوءِ اختلاف اڃا به وڌڻ لڳا ته ملڻ ڇڏي ڏنوسين. هيستائين اسان جا خيال ساڳيا ۽ زندگي هڪ جهڙي هئي مگر هاڻي ٻڌڻ ۾ ٻه ٿي وياسين.

اڳي هن جي ڳالهه تي هلندو هئس، هاڻي پنهنجو عقل استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ميڙون منتون ڪري ڪلارڪي ورتي. ان کان پوءِ به ٽين چوٿين مهيني هڪ اڌ ملاقات ٿي ويندي هئي پر پوءِ هن جي لاپرواهين ۽ منهنجي مصروفيتن سبب، اهو سلسلو به ختم ٿي ويو. بينڪ جي نوڪري ڏکي آهي، ڪيش جو معاملو آهي. نوٽ ڳڻيندي اڇا اچڻ شروع ٿي ويا. نيٺ ترقي ڪري مينيجر ٿي ويس. انهي وچ ۾ شادي ٿي، ٻار ٿيا ۽ زندگي آرام سان گذرڻ لڳي. سڀني آرامن آسائشن جي باوجود به واندڪائي ۾، آئون ضرور ياد ايندو هو ۽ جڏهن به ياد ايندو هو پاڻ کي کٽل محسوس ڪندو هئس.

اڄ ڪيترن سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ، آئون مليو هو. جان ڇڏائڻ لاءِ ڪئين بهانا ڪيائين پر زور ڪري وٺي آيومانس ۽ بوتل به خريد ڪري آيس. هاڻي سندس داستانون پيو ٻڌان.

چوٿون گلاس پيئڻ کان پوءِ هو سياڻن جا قول پيو ٻڌائي، ”گهٽ کايو پر سٺو کايو!“

سمجهي ويس ته چڙهي وئي اٿس.

”اڳي ته توکي نشو ٿيندو ئي ڪو نه هو اڄ ڇا ٿيهءِ؟

چيائين؛ ”توکي ته خبر هوندي، شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي، سو جيڪڏهن اتفاق سان ڪڏهن پيئان ٿو ته چڙهيو وڃي.“

”پيئڻ ڇو ڇڏيئه؟“ مون پڇيو. 

”جنهن لاءِ پيئندو هئس سا وئي هلي ته پيئڻ جو ڪو سبب نه رهيو!“ هن چيو. 

هن جيڪو عشق ڪيو هو سو پهرين نظر وارو هو ۽ بنا سوچڻ سمجهڻ جي ٿي ويو. برابر، هوءَ اهڙي ڇوڪري ڪانه هئي جنهن کي ڏسي قافلا رستا ڀلجي وڃن، بادشاهن ۾ لڙايون لڳن، تاريخ ۾ انهن جو ذڪر ٿئي ۽ شاعر رسالا لکن. مگر هوءَ اهڙي ضرور هئي جو کيس ڏسي سندس اکين اڳيان پوپٽ اڏامڻ لڳا. هن مريم کي ڪنهن ڪاڄ ۾ جهمر هڻندي ڏٺو. ٻانهن جو وراڪو، چيلهه جي لچڪ ۽ پيرن جي ٿپڪ! کانئس مور جو نچڻ وسري ويو. اهو هڪ جادوگر لمحو هو. گهوٽيتن پيسا پي گهوريا، هن دل گهوري ڇڏي!

پوءِ ٽيليفون تي ڪچهريون شروع ٿي ويون. قصو ڊيگهه وٺندو ويو. ٻئي ڄڻا ملڻ لاءِ تڙپيا پي، مگر ملاقات جو گس نه هو. اسان وٽ عاشقن سان وڏو ويل هوندو آهي. ڇوڪري جا مائٽ روڪين ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي مگر سڄو اوڙو پاڙو چوڪيداري شروع ڪري ڇڏي ته ساهه کڻڻ به مشڪل ٿي ويندو آهي. اهو نه ملڻ جو غم هو، جنهن کي غلط ڪرڻ لاءِ هن شراب پيئڻ شروع ڪيو. هن جيڪا ڳالهه دلپشوري سمجهي شروع ڪئي سو معاملو وڌي دل جو روڳ بنجي ويو هو. هو سمجهي ويو ته هنن حالتن ۾ شادي کان سواءِ ملڻ ناممڪن آهي.

مريم جي اڳيان هن سڄي ڳالهه سڌي نموني رکڻ جو فيصلو ڪيو.

”توکان سواءِ رهي نٿو سگهان. نوڪري جو آسرو ڪونهي پر بابو زمين جو ٽڪرو ڇڏي ويو آهي. پاڻ ٻنهي جون ضرورتون پوريون ٿي وينديون، ها باقي عياشيون نه ٿي سگهنديون. ڪجهه مان شراب گهٽائي ڇڏيندس، ڪجهه تون ميڪپ ۾ صرفو ڪجان. بس جمعي جي رات سينگار ڪجانءِ!“ ڳالهه کي رومانٽڪ ٽچ ڏيندي هن چيو. ٽچ ڏيڻ ضروري هوندو آهي. سياستدان تقريرن کي مذهبي ٽچ ڏين ٿا، ماستر گفتگو کي تعليمي ٽچ ڏين ٿا ۽ زيردست ماڻهو ڳالهه کي چمچه گيري وارو ٽچ ڏين ٿا.

محبوبا سان مذاڪرات جو اهو دور ڪامياب ٿيو. هن چيو مائٽن کي راضي ڪريان ٿي.

ڌارين ۾ نياڻي ڏيڻ واري ڳالهه ٻڌي مائٽن جي غيرت جاڳي پئي. گهر ۾ جهيڙو ٿيو. هوءَ وڏي ڀاءُ جي هٿان ڦيهه کائي، بنا ماني کائڻ جي اچي ڪمري ۾ سمهي رهي. روئندي رئندي وهاڻو پسي ويو پر ڪير پرچائڻ نه آيو. بي عزتي برداشت کان ٻاهر هئي.

هن ڪاوڙ ۾ اٿي عاشق جو نمبر ڊائل ڪيو، ”اچ ته ڀڄي هلون.“

آڌي جي مهل هئي، هو بوتل ختم ڪري چڪو هو. نشي ۾ صفا ٽُن هئڻ جي ڪري فون تي صحيح نموني سان ٻڌڻ ۾ نٿي آيو ۽ ان کان به وڌيڪ اهو ته ٺيڪ طرح سان سمجهڻ ۾ نٿي آيو! ڀڄڻ کي هن ڊوڙڻ سمجهيو، سو ورندي ڏنائين؛ ”مسئلو اهو آهي ته هن مهل آئون ڀڄي ڪو نه سگهندس، جي ڀڄندس ته ٿڙي ڪري پوندس!“

انهي جواب کي ڇوڪري پنهنجي انسلٽ سمجهيو. ڪاوڙ ۾ اچي منهن ڪري، گهران نڪري وئي، فجر واري پهرين بس ۾ چڙهي ۽ پوءِ الائي ڪهڙن شاهينگن جي ور چڙهي وئي جن کيس اڳتي هيرا منڊي جي دلالن کي وڪڻي ڇڏيو. ساڻس ائين ئي ٿيو جيئن اهڙن معاملن ۾ ٻين ڇوڪرين سان ٿيندو آهي. گم شدگي جي ننڍڙي خبر اخبار ۾ ڇپي مگر ڪو ڏس پتو نه مليو. مائٽ ويچارا شرم سوران چپ ڪري ويهي رهيا پر هي ماٺ ڪري نه ويٺو. ان ڇوڪري جي تلاش ۾ڏس پتا پڇائيندو لاهور وڃي پهتو.

اتي مهينو کن رهي هن جانچ ورتي، ڌوتين سان مليو، مجرا ڏسڻ ويو. ڪڃرن، دلن، ٺيڪيدارن کان پڇائون ڪيون، منتون ڪيون، هر ڪنهن کي پنهنجي سچي عشق بابت ٻڌايو.

انهن وري کيس هيرا منڊي جي سچي عشق جي حقيقت ٻڌائي ته هن وقت جيڪي ڳائڻين سان پوڙها جهونا ميوزيشن طبلا، باجا ۽ ڍولڪون وڄائين پيا تن مان اڪثر اهڙا ماڻهو هئا جيڪي ڪنهن زماني ۾ انهن ماين جا عاشق هئا. انهن جوانڙين جي بلي بلي لڳي پئي هوندي هئي. پر هو مفت ۾ ڪنهن کي هٿ رکڻ به نه ڏينديون هيون.

سندن نگاهه ناز لاءِ پيسو پاڻي وانگر وهائڻو پوندو هو. ڪيترا ئي خانداني ماڻهو سڀ ملڪيتون وڪڻي، ڀينگيا ٿي اچي سندن در جهليندا هئا. مگر سڃن کي ڪير ٿو سهي. تنهنڪري گڏ رهڻ لاءِ مجبوري ۾ ڪو ساز سکي وري انهن ماين سان ڳائڻ جي محفلن ۾ سنگت ڪرڻ لڳا. جن کي ڪو هنر نٿي آيو سي ڀڙوا ٿي ويا، باقي جيڪي غيرتي هئا ۽ اهي ٻئي ڪم نٿي ڪري سگهيا، سي واپس پنهنجي گهر هليا ويا!

کيس سمجهه ۾ اچي ويو ته ڳولا لاحاصل آهي. جيڪي پيسا گڏ کڻي ويو هو سي به کٽي ويا هئا ۽ مريم به هٿ ڪو نه آئي هئي، سو واپس موٽي آيو.

ڪجهه مهينن کان پوءِ کيس خبر پئي ته جنهن مائي جي پويان هن دنيا ٿي ڇڏي، سا ڀر واري شهر ۾ جواني کي پنج سو جي نوٽ وانگر کلو ڪرائيندي وتي! انهي ڳالهه کيس صفا نهوڙي وڌو. ڇاڪاڻ ان جو ذميدار هو پاڻ هو. سندس غم ان چوڪيدار جي پڇتاءُ جهڙو هو جيڪو کير جي رکوالي ٻلي جي حوالي ڪري پاڻ وڃي سمهي رهيو هو!

هن جي عشق جو احوال ڏاڍو غمناڪ هو.

”زماني جي نظر لڳي وئي، شيطان ورغلايو يا قسمت خراب هئي؟“ سندس غم کي هلڪو ڪرڻ لاءِ ڳرن لفظن جو سهارو وٺندي مون پڇيو.

”انهن ٽنهي شين جو شادي سان ڪو به تعلق نه هو، صرف ڪنوار جي مائٽن جي منظوري کپي ٿي، جيڪا ملي نه سگهي!“ هن سڌو جواب ڏنو ۽ پوءِ خاموش ٿي ويو.

سٺن ماڻهن سان خراب واقعا ٿيو وڃن ۽ خراب ماڻهن سان سٺيون ڳالهيون ٿيو وڃن. سڀ چون ٿا، هر ڪامياب ماڻهو جي پويان هڪ عورت هوندي آهي مگر اهو ڪير نٿو ٻڌائي ته هر ناڪام ماڻهو جي پويان به عورت ئي هوندي آهي. هن مگر ڪنهن تي الزام لڳائڻ بدران پنهنجي ناڪامي جي ذميداري پاڻ کنئي.

ڪجهه دير ترسي مون موضوع بدلايو.

”اڄڪلهه ڇا ٿو ڪرين؟“ 

”ڪجهه نٿو ڪريان، بس رڳو سوچن ۾ رهان ٿو.“

”ڪهڙين سوچن ۾؟“

”اهو ته ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ ڪيترا ماسڪ پائڻ گهرجن!“ هن منهنجي چهري ڏانهن نهاريندي چيو.

هن جو طنز ڏکيو لڳو، سو جوابي وار ڪندي مون چيو؛ ”هو تو وارو يار جانو ڪوري به وڏو عاشقي جيوڙو هو، ان جي خبر ڏي، ملاقات ٿئي ٿي؟“

”سال ڇهين مهيني ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪملا ڊاڪٽرياڻي جي عشق ۾ انڌو ٿي ويو هو. خاتون محبت ۾ سچي هئي پر شادي لاءِ مذهب مٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. دل ٽٽو ته دماغ به کسڪي ويس. هاڻي واڻين جي پاڙي ۾ پورهيت فقير ٿي، ٽي وٽيون کنيو، پيو گوماندر جو واس ڌوپ ڏيندو آهي! مون گهڻو ئي سمجهايو ته ائين ڪيترو وقت گذارو ڪندين. مگر هو چوي ٿو، فقيري ۾ بادشاهي آهي،“ هن ڏکاري آواز ۾ چيو.

ڏک ڇو نه ٿيندس. ٻئي ڄڻا وقت، زماني ۽ پنهنجي افعالن هٿان سٽجي، هن حالت کي پهتا هئا.

اڳي ٻنهي جي دوستي جي هاڪ سڄي ڳوٺ ۾ هئي، مگر هاڻي اها ڳالهه ختم ٿي وئي هئي. جيڪي ماڻهو سندن ياريءَ جا گواهه هئا سي روزگار ۽ نوڪري جي تلاش ۾ ڳوٺ ڇڏي شهرن ڏانهن لڏي ويا هئا. جن ٻارن ننڍي هوندي مائٽن جي واتان هنن جي سنگت جا بي مثال قصا ٻڌا هئا سي هاڻي وڏا ٿي ويا هئا. جنهن وڻ هيٺان ويهي هو تاش راند کيڏندا هئا، سو ٻيلي کاتي وارا وڍائي کڻي ويا. ڪو نشان نه بچيو. سڀئي يادگيريون ميسارجي ويون هيون.

آئون چيو، ”توکي دل ٽٽڻ جا قصا ٻڌائي وڌيڪ غمگين نٿو ڪرڻ چاهيان پر اندر ۾ باهه هوندي ته ڪٿان ڪنڊ پاسي مان دونهون ضرور نڪرندو!“

آئون جون ڳالهيون نٿيون کٽن. هن صفا مياري ڪري وڌو آهي. جيتريون ٿو وضاحتون ڏيان اوترو کُٽيو پوان.

کيس وڌيڪ ٽائم نٿو ڏيئي سگهان. مون کي دنياداري کي منهن ڏيڻو آهي. صبح جو اٿي ٻارن کي اسڪول ڇڏڻو آهي، آفيس وڃڻو آهي. منجهند جو ٻار گاڏي ۾ ڍوئي واپس گهر پهچائڻا آهن. تڪڙ ۾ لنچ جي نالي ۾ ماني جا ٻه گراهه کائڻا آهن. شام جو بيزار ٿي گهر ورندس ته ڀاڳ ڀري شاپنگ لسٽ رکيو ويٺي هوندي. سڀ شيون ٿي وينديون ته آخر ۾ کيس وقت ڏيڻ جو ڊرامو به ڪرڻو آهي.

ڏينهن، هفتا، مهينا ۽ سال انهن مصروفيتن ۾ گذرندا وڃن پيا. ڪم کان نٿو ڊڄان پر يڪسانيت ماري وڌو آهي. آئون نشي ۾ ٽن ٿي، اتي ئي صوفا تي اهلي پيو آهي. اتان خاموشي سان اٿي، بي آواز قدمن سان ٻاهر اچان ٿو ۽ بيڊ روم ڏانهن وڃان ٿو. ننڊ ضروري آهي ڇو جو صبح جو اٿي وري به ساڳيا ڪم ڪرڻا آهن.

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۳ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment