Saturday, December 30, 2023

تن طبيب نه گڏيا - حسين ڪپري

تن طبيب نه گڏيا

(ڪهاڻي)

حسين ڪپري



اوطاق جي اڱڻ ۾ نمن جي ڇانو لڙي وئي هئي. پوياڙيءَ جو پهر هو. اوڙي پاڙي جون ڳالهيون، مهانگائيءَ جون شڪايتون ۽ ٻيون اوڀاريون لهواريون هليون پئي. ساڳيون پراڻيون ڳالهيون هيون، مزو نٿي آيو. ڪچهري مچائڻ لاءِ خانو ماڇي موضوع بدلايو. ”ٻڌو آهي، ڪاڪي رمضان کي کنگهه ٿي پئي آهي ۽ بلغم ۾ رت اچيس ٿو.“


”جنهن سڄي زندگي بيمار گذاريو آهي، تنهن لاءِ کنگهه کڙڪو ڪا شيءِ ناهي!“ ڪمدار لاپرواهيءَ سان جواب ڏنو.

ٻين به ان ڳالهه کي اهميت ڪو نه ڏني. ڪاڪي رمضان جي ناچاقي ڪا نئين ڳالهه نه هئي.

دنيا جي اها ڪهڙي بيماري آهي جيڪا هن کي نه ٿي هجي! سياري ۾ نڪ وهي، اونهاري ۾ ڪن وهي، اکين ۾ پچيون ته ٻارهن ئي مهينا اٿس! هر قسم جون الرجيون، سڀ خارشون کاڄيون به موسمن جي حساب سان ٿينديون رهن ٿيون. اهي هلڪيون ڦلڪيون بيماريون پنهنجي جاءِ تي، اصل مسئلو ته وڏيون بيماريون آهن جيڪي کيس جهوريو ڇڏين. ڪڏهن بخار بدن کي اهڙا ٽانڊا ڏي جو همراهه تي برفن جون ٿڌيون پٽيون پيون رکجن ته ڪڏهن وري اهڙو سِيئو تپ اچيو وڪوڙي جو چار چار سوڙن ۾ به پيو ڏڪي! ٻيئڙ، ٽيئڙ تپ، مڇرن وارو ڪڻس، گردن ٽوڙ بخار، وچڙندڙ بيماريون، ڏاٺ جو سور، پيٽ جو سور ۽ اڌ مٿي جو سور ان کان علاوهه آهن!

بيماري ننڍي هجي يا وڏي، هو ٻنهي سان انصاف ڪري ٿو ۽ ٻنهي جو احوال هڪ جهڙي شدت ۽ تفصيل سان بيان ڪري ٿو!

سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ وقت کپي، صبر کپي، حوصلو کپي مگر ڪا نويڪلي جاءِ نه کپي. هو ڪوچ ۾ سفر ڪندي، ٻاکڙا هوٽل تي چانهه پيئندي، بجلي جو بل پيارڻ لاءِ لائن ۾ بيٺي، ماڻهن کي پنهنجي بيمارين جا قصا سڻائي سگهي ٿو! ان عادت جي ڪري ڳوٺ جي ٻچي ٻچي کي سندس سڀني مرضن جي خبر آهي.

اهي ته خير هن جا پنهنجا آهن پر هن ڌارين کي به ڇڏيو ڪونهي. ڊگهي سفر تي ويندڙ ريل گاڏي جي مسافرن، محبوبائن جي انتظار ۾ بيٺل عاشقن، ڪورٽ ۾ شنوائي تي ويندڙ ملزمن ۽ لاش دفنائي واپس ايندڙ ڪانڌين مطلب ته هر ماڻهو جي رستا روڪ ڪري، بيمارين جون خبرون ٻڌايون آهن.

پنهنجي اگهاين جو احوال ڪرڻ مهل سندس انداز ڪپڙي جي دڪاندارن وارو هوندو آهي جيڪي گراڪ کي پهرين جهڙو تهڙو معمولي ڪپڙو ڏيکاري پوءِ اُچا ۽ مهانگا ٿان ڪڍندا آهن. هي به شروعات ننڍين بيمارين کان ڪري پوءِ آهستي آهستي وڏين جان ليوا ۽ قاتل بيمارين ڏي ويندو آهي.

جيئن فقير ڀڳل ٽنگ، ٽٽل ٻانهه، انڌيون اکيون ڏيکاري خيرات گهرندا آهن تيئن هي بيمارين جو ذڪر ڪرڻ مهل سورن جي شدت، پيسي جي قلت، دوائن جا سائيڊ افيڪٽ، جنهن ۾ هانو ڪچو ٿيڻ، اٻڙڪا ۽ الٽيون اچڻ، مٿو چڪرائڻ، ڦيري کائي غش ٿي ڪري پوڻ جو بيان انتهائي اهتمام سان ڪري ٻڌندڙن جون همدرديون حاصل ڪرڻ جون ڪوشش ڪندو آهي! لفظن ۾ نماڻائي، لهجي ۾ رقت ۽ انداز ۾ اهڙي مظلوميت هوندي آهي جو ٻڌندڙن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن.

”هونئن ته ڏکن، تڪليفن ۽ دردن جو ڏاڍو آهيان پر جڏهن زيب النسا (عرق النسا) جو سور پوي ٿو ته بدن کي پرزا پرزا ڪريو ڇڏي!“ هن جهيڻي آواز ۾ منير کي پنهنجو احوال ٻڌائيندي چيو.

ٻيو ڪو اڻڄاڻ ماڻهو هجي ها ته لڙڪ لاڙي ويهي ها پر هو سندس ارڪانن جو واقف هو. سو چيائينس؛ ”انسان جيسين جيئرو آهي تيسين اگهائي سگهائي ته ٿيندي رهي ٿي.“

”برابر ائين به آهي مگر آئون ته تندرستي ڏسڻ لاءِ سڪي ويو آهيان.“

منير وري به کيس آٿت ڏني ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري روانو ڪري ڇڏيو.

عيد نماز تي ڳوٺ وارا گڏ ٿيا ته خانو ماڇي چيو؛ ”ڪاڪي رمضان جي حالت خراب ٿي وئي آهي. الله سان ڳالهيون آهنس. کائڻ پيئڻ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنائين. ساهه لُڪي ۾ اٽڪيل آهيس. رات مولوي کي وٺي آيا جنهن سيراندي کان ويهي ٽي دفعا ياسين سڳوري پڙهي!“

خانو جو گهر ڪاڪي جي در جي سامهون آهي. هن جي باري ۾ ڪا نئين ڳالهه هوندي آهي ته سڀني کان پهرين هو ئي ٻڌائيندو آهي.

ڳوٺ وارا ڪنهن خراب خبر اچڻ لاءِ تيار ٿي ويا. سڄو ڏينهن لنگهي ويو، رات به مٽي وئي مگر ڪا ڄاڻ نه آئي. عيد گذري وئي، موڪلون ختم ٿي ويون. منير واپس اسلام آباد وڃي نوڪري کي لڳو.

اڄڪلهه ته منير کي جاب جون مصروفيتون آهن ۽ سال ۾ هڪ اڌ دفعا ئي ڳوٺ اچي ٿو پر جڏهن بي روزگار هو ۽ واندڪايون هيون تڏهن ڪاڪو رمضان اڪثر ساڻس ملڻ ايندو هو.

سڀ چوندا هئا؛ ”شابس هجي هن ڇوڪري کي جيڪو ڪاڪي جون ڊگهيون ۽ بور ڪندڙ ڳالهيون ايڏي صبر سان ٻڌي ٿو.“ منير بچڻ لاءِ به جام ڪوششون ڪندو هو. ڪاڪي جي اچڻ جو ٽائم ساري، گهر ڇڏي، ٻني تي، راند جي ميدان ڏانهن يا ڪنهن ٻي پاسي نڪري ويندو هو. پر هو جتي به لڪندو هو ڪاڪو کيس ڳولي وٺندو هو.

ڪاڪي جي به مجبوري هئي، ڳوٺ ۾ ڪير هن جون ڳالهيون نه ٻڌندو هو، سواءِ منير جي. هو هڪ فضيلت وارو نوجوان هو، ادب، اخلاق ۽ شائستگي جو خيال رکندو هو تنهنڪري منهن تي چئي نه سگهندو هو ته ڪڪ ٿي پيو آهيان مهرباني ڪري جان ڇڏ!

سندس انهي حضور شرمي جو فائدو وٺندي ڪاڪو پنهنجا داستان کولي ويهي رهندو هو. پهرين رائونڊ ۾ هو کانئس ڊاڪٽرن جا ڏس پڇندو، ٻي رائونڊ ۾ بيمارين جون ڳالهيون ڪندو ۽ آخر ۾ دوائن جي بي اثري جون شڪايتون ڪندو هو. پر اهي شڪايتون مڙئي قصي کي ڊيگهه وٺرائڻ لاءِ هونديون هيون.

جي دوائن ۾ اثر نه هجي ته هو انهن کي ڇو سانڍي گهر ۾ رکي. حقيقت اها آهي ته گهر سڄو ميڊيڪل اسٽور ٿي ويو آهي جنهن ۾ مختلف وقتن تي ٿيندڙ پراڻين بيمارين مان بچي ويل گوريون، ڪيپسول، ملم، ڪريمون، ڦڪيون، ڪک، معجون، مختلف سيرپن جون اڌ ڀريل شيشيون ڪٻٽن، المارين، ٽيبلن ۽ ڀتين ۾ لوهه جي ڪِلين سان ٺوڪيل تختن تي پکڙيون پيون آهن. انهي ۾ ديسي دوائون، يوناني دوائون، ايلو پيٿڪ، هوميو پيٿڪ ۽ آئر ويدڪ دوائون شامل آهن. هلندڙ بيمارين جون تازيون دوائون ڪاري شاپر ۾ سيراندي واري پاسي کان کٽ جي پاڳي ۾ ٽنگيون پيون آهن!

دوائن سان گڏ هو سڀني قسمن جون انجيڪشنون به آزمائي چڪو آهي. مثال: ناڙ واري انجيڪشن، ڪلهي واري سئي، ڌُڏ واري سئي ۽ پيٽ ۾ لڳندڙ ڇتي ڪتي واريون انجيڪشنون. هن کي ايتريون ته سيون لڳيون آهن جو جسم جو انچ انچ ساريو پيو آهي ته ڪٿي سئي لڳي سگهندي، ڪٿي ڪا نه لڳندي!

ان کان سواءِ، ڊاڪٽرن جون پرچيون، ايڪس ري، الٽرا سائونڊ، کانگهاري، رت ۽ پيشاب جي ٽيسٽن جون رزلٽون ائين سنڀالي رکيون اٿائين جيئن پراڻي زماني ۾ ماڻهو دفينه خزاني جو نقشو سانڍي رکندا هئا! ايترا ته ڪاغذ پٽ جمع ٿي ويا آهن جو گهر ۾ ٻي ڪا شيءِ رکڻ جي جاءِ ڪو نه بچي آهي. هونئن به سڄو پگهار، ڏکئي وقت لاءِ ڪيل بچتون ۽ ٻيو پيسو بيمارين تي خرچ ٿي وڃڻ کان پوءِ، پويان ڪي ڏوڪڙ به ڪو نه بچيا آهن جو گهر لاءِ ڪا نئين شي وٺي سگهجي.

ڪاڪي رمضان جي عادت آهي ته هڪڙي ڊاڪٽر جو علاج اڃا پورو نه ٿيندو ته ڀڄندو ٻي ڊاڪٽر ڏي، پوءِ ٽين کان چوٿين ڊاڪٽر ڏي!

”اهڙي طريقي سان ته توهان جو جسم ڊاڪٽرن جي تجربيگاهه بنجي ويندو!“ هڪ ڏينهن منير کيس سمجهائيندي چيو.

”ابا، مون کي ڪو شوق ڪونهي، روز نون ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ، انهن کان ڀالا (انجيڪشنون) هڻائڻ ۽ کاريون دوائون کائڻ جو. اصل ۾ اڃا تائين تن طبيب نه گڏيا آهن!“ ڪاڪي جواب ڏنو.

تن طبيب جي تلاش ۾ هن آسپاس جو ڪو به ڊاڪٽر، حڪيم، ڪمپائونڊر، جراح نه ڇڏيو آهي جنهن کي طبيعت نه ڏيکاري هجي! ائين به ڪونهي ته سڀ ڊاڪٽر، ويڄ، طبيب وائڙا آهن پر مسئلو اهو آهي ته هڪڙي بيماري مان اٿي ٿو ته ٻي ۾ ڪريو پوي ۽ انهي وچ ۾ ٽين بيماري جو وارو اچيو وڃي!

ڊاڪٽرن کان علاوهه، هو سياڻن جا ڏس ۽ ڳوٺاڻا ٽوٽڪا به آزمائي چڪو آهي پر فائدو نه ٿيو آهي. چوندا آهن ته ڦڪيون به تڏهن فرق ڪن ٿيون جڏهن امر ٿئي ٿو انهن کي! جتي دوا نٿي هلي اتي دعائون ڪارگر ٿينديون آهن.

مگر هن سڀ در ڀيٽي ڇڏيا آهن. مولوي صاحب جو سڳو، مرشد جو ڦيڻو، پير صاحب جو تعويذ، وڏين وڏين درگاهن جي خاڪ، مدرسي جي يتيم ٻارڙن جون قران خوانيون، معصوم نياڻين جون دعائون مطلب ته هر حيلو هلائي چڪو آهي پر قسمت ۾ الائي ڇا لکيل آهي جو ڪڏهن به پوري طرح تندرست نه ٿيو آهي.

”ڪئين ناظرو پيا هلن متان ڪنهنجي نظر لڳي وئي هجي، تنهنڪري توهان پنهنجي نظر لاهيو!“ هڪ ڏينهن ڪمدار مشورو ڏنو.

حالانڪ هن وٽ شڪل صورت، پيسو دولت، گهر تڙ، اهڙي ڪا به موچاري شيءِ ڪونهي بچي جنهن کي ماڻهو نظر هڻي سگهن پر تڏهن به ان صلاح تي عمل ڪندي صدقي ۾ ڪارو ٻڪر، ڀورو پاڏو ۽ اصيل ڪڪڙ وقفي وقفي سان، سر تان گهوري چڪو آهي. نه رڳو ايترو پر هر ڇهين مهيني خيرات جون ديڳون لهرائي، مستحق غريب مسڪينن کي به کارائيندو آهي.

ايڏي ڊگهي تجربي کان پوءِ کيس هر بيماريءَ جي نشانين ۽ علامتن جي خبر پئجي وئي آهي. اڪثر ڪري پنهنجي بيماري پاڻ تشخيص به ڪري وڃي ٿو. انهي ڳالهه جو احساس ڊاڪٽرن کي به آهي جيڪي کيس چهري مان سڃاڻي وٺن ٿا. سو هي جڏهن ڪنهن ڪلينڪ تي پهچي ٿو ته ڊاڪٽر بنا پڇڻ جي سندس نالو پرچي تي لکي، پوءِ چوندا آهن؛ ”ڪاڪا رمضان ڪر خبر، هاڻي وري ڪهڙي بيماري ٿي اٿئي؟“

کيس مختلف ڊاڪٽرن جون فيون، ليبارٽرين جي ٽيسٽن جا ريٽ ۽ دوائن جون قيمتون به برزبان ياد ٿي ويون آهن.

جيئن چوندا آهن ته ڪي فرد پنهنجي ذات ۾ انجمن هوندا آهن تيئن هي ڪاڪو به پاڻ پنهجي ذات ۾ هڪ گهمندڙ ڦرندڙ مريض، اسپتال ۽ ڊاڪٽر بنجي چڪو آهي!

هن جي باري ۾ پنهون واڍو چوي ٿو، ”هيڏو عرصو بيمارين ۾ هلي هلي پاڻ به اڌ ڊاڪٽر ٿي ويو آهي.“

اهو ئي سبب آهي جو هاري ناري، ڌراڙ پنهوار ۽ ڳوٺ جا ٻيا غريب ماڻهو جهڙين تهڙين بيمارين جي علاج جا ٽوٽڪا پڇڻ لاءِ پاڻ ئي هن وٽ پهچيو وڃن! اهڙا عام، ڪمزور ۽ سادي قسم جا ماڻهو هر آئي وئي کي پنهنجون بيماريون ٻڌائيندا آهن مگر سياڻا، مضبوط ۽ وڏا ماڻهو پنهنجون بيماريون لڪائيندا آهن. ڇو ته هو سمجهن ٿا، بيماريون ظاهر ٿيڻ سان ماڻهوءَ جون ڪمزوريون ظاهر ٿيو پون. جنهن ڪري نوڪر چاڪر، زيردست ۽ ٻيا لاڳاپيل ماڻهو سرڪشي تي لهي ايندا آهن. بادشاهه وزير بيمار ٿي اسپتال داخل ٿيندا آهن ته صبح شام انهن جا هيلٿ بليٽن جاري ٿيندا آهن، جنهن ۾ عوام کي ڄاڻ ڏبي آهي ته گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، ڪا سيريس بيمار ناهي، رڳو معولي ٿڪاوٽ ۽ ڪم جو دٻاءُ آهي. چند ڏينهن جي آرام کان پوءِ صاحب وري اچي امور سلطنت سنڀاليندو. پوءِ هڪ ڏينهن خبر ايندي آهي ته صاحب پيالا ڪري ويو!

بادشاهه لڪائين ته ڀلي لڪائين پر هي ڪنهن کان به ڪو نه لڪائي. پنهنجو بيماري نامو سدائين پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو.

ڪالهه منير آفيس ويو ته پٽيوالي سلام ڪري چيو؛ ”سائين توهان جو مهمان ويٺو آهي.“

خيال آيس، هوندو ڪو واندو سنگتي. ڪمري ۾ گهڙِي ته ڇا ڏسي، ڪاڪو رمضان ڪرسي تي ويٺو اخبار پڙهي!

”ابا شابس هجي توکي، بيمار هئس ته پڇڻ به ڪو نه آئين!“ ڇوٽ ۾ ميار ڏيندين چيائين.

”مگر تون هتي ڪيئن ڪاڪا؟“ هن پنهنجي حيرت تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪندي پڇيو.

 ”هتي شفا اسپتال ۾ ڏيکارڻ آيو هئس، دل چيو تنهنجي چانهه پيو وڃان.“

هو ته کيس سڪرات ۾ ڇڏي آيو هو ۽ سوچيو هئائين ته ويچاري جو چاليهو به ٿي ويو هوندو. مگر ڪاڪو بچي ويو هو ۽ وري به ڊاڪٽرن جي پويان آهي! منير جيسين چانهه گهرائي، تيسين هن ٿيلهي مان ڊاڪٽرن جون پرچيون ڪڍيون ۽ گذشته اٺن مهينن ۾ جيڪي بيماريون ٿيون هيون تن جا تفصيل ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا!

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۱۰ جون ۲۰۲۳ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment