Sunday, December 17, 2023

ڊي اين اي رپورٽ - منظور ڪوھيار

ڊي اين اي رپورٽ

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



ڪکو خان ڏھ ڏينهن کن اڳ مون وٽ آيو هيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”يار! مان آمريڪا ٿو وڃان!“

”اڪيلو؟“

”اڪيلو، ڪيئن؟ سردار لکو خان به ساڻ آهي!“

”خير ۾؟“

”ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ!!“

”ڇو؟“

”يار، مان ان ڪري ٿو وڃان، ته جيئن ثابتي ڏئي سگھان، ته اصلي دراوڙ آهيان.“

”۽ سردار لکو خان؟“


”اهو به نسلي تصديق لاءِ هلي ٿو، ته امير حمزي جي اولاد، ۽ اصلي عرب  آهي.“

”خرچ ڪير ٿو ڀري؟“

”بار سردار صاحب  تي آ...“ صلاحيندي چيائين؛ ”تون هلندين؟“

”منهنجو نسل پرستيءَ تي يقين ناهي. جنهن ڌرتيءَ تي رهان ٿو، بس ان جي شناخت ڪافي آهي.“

”پر بڻ بڻياد جي ڄاڻ ته ضروري آهي.“

”ڊي اين اي ٽيسٽ ته هتي به ٿي سگھي ٿي؟“ چيومانس.

”پر پنهنجي پياري ملڪ ۾ ٿيل ٽيسٽ تي ڪير اعتبار ڪندو....؟“

”اهو ته آهي!“ وراڻيم.

ڪکو خان موڪلائي هليو ويو....

ھفتي کان پوءِ موٽيو، ته منهن لٿل هجيس.

پڇيومانس؛ ”آمريڪا جو سفر ڪيئن رهيو؟“

”خراب به، سٺو به....!!“

”پهريان سٺو ٻڌاءِ!“

”ڪجھ ڏينهن اندر ئي ڊي اين اي ٽيسٽ جي مڪمل رپورٽ ملي وئي، پر سردار لکو خان سان ڏاڍي ٿي!“

”ڪيئن؟“

”ڏنل رپورٽ مطابق، نسلي طور سردار لکو خان جو تعلق يثرب جي يهودين سان نڪتو!!“

”۽ تنهنجو؟“

”عربن جي قبيلي بنو ثقيف سان!!“

”اهو وري ڪيئن؟“

”لڳي ٿو، محمد بن قاسم جي لشڪر مهڪارو مليو هوندو!!“ ڪکو خان ڪنڌ هيٺ ڪندي وراڻيو..

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment