Wednesday, December 20, 2023

گورک - اڪرم قمبراڻي جو ناول - اڀياس

گورک

اڪرم قمبراڻي جو ناول

ننگر چنا



ان ڏينھن ۲۷ نومبر تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چُونڊَ هئي، جنھن ۾ ووٽ وجهڻ جي لاءِ مان به وڃي حيدرآباد نڪتو هئس. اتي ئي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي لان ۾ احمد تيوڻي سان گڏ اڪرم قبمراڻي سان مکاميلو ٿيو. ماڻهو جھڙو مکڻ جو چاڻو. ڏاڍي سَرهائي ٿي اڪرم جي سٿ سان ملي. اها اسان جي زندگيءَ ۾ مھڙين ملاقات هئي. ڪي گهڙيون ڪچھري رهي ۽ پوءِ جوڳي نه ڪنھن جا مِٽَ. سڄي سنڌ جي اديبن، شاعرن، ادبي ورڪرن ۽ ونگارين جا هشام هئا. مان به ميڙ ۾ گن ٿي ويس.


ڪجهه سَتوڪن/هفتن کان پوءِ اڪرم قمبراڻي جا موڪليل ٻه ڪتاب اچي مليا. هڪ ته سندس سفرنامو هو “ڪشمير ڪينواس” جڏهن ته ٻيو ناول هو “گورک”. ناول ۽ ڪھاڻيءَ سان هُونءَ به منھنجو نينھُن. سندس هيءُ ناول ته وري هئو به ننڍڙو. وڏي فونٽ ۾ ۷۱ صفحن جو ناول. مون هڪ ئي ويھڪ ۾ پڙهي ورتو. گورک ناول ۾ هڪ ڪھاڻي آهي جيڪا گورک تي رهندڙ نوران شيھ ذات جي نينگري ۽ سانوڻ آلکاڻي ذات جي نينگر جي پريم جي چوڌاري ڦري ٿي. ڪھاڻي کي ٻئي ڀرتو مواد کان ڪڍي بيان ڪجي ته چئن پنجن صفحن جي ٿيندي.

ناول ۾ اها ڪھاڻي جيڪا سانوڻ جي ڳوٺ نيڪالي ۽ نوران جي ڳوٺ ۾ مال چاريندي، هجر ۾ بيمار ٿي پوئي، ڀوپن، نيم حڪيمن کي ڏيکاريندي چُڙي چُڙي مري وئي ته سانوڻ به ڪشمور ۾ اها نوران جي مرک جو ٻڌي واهي پانڌيءَ پھچي ٿو جتي شيھَ ذات جا شاهينگ رات جو اچي ڪھاڙين مان ڪڍنس ٿا. تمت بالخير.

باقي سڄي ناول ۾ سفرنامو بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو ناول سان ٺھڪي ڪونه ٿو. جڏهن ته ناول ۾ ٻوليءَ جو زمانُ به هڪ ناهي رکيو ويو. مثال جي لاءِ ڪٿي اها ڪٿا زمان حال مطلق ۾ بيان ڪئي وڃي ٿي ته ڪٿي زمان حال جاري ۾ تہ ڪٿي وري زمان ماضي مطلق.

ناول جيڏهن جيڪڏهن ڇپجڻ کان اڳ ڪنھن سينيئر کي ڏيکاري ان ۾ تبديليون ڪيون وڃن ها ته بھتر ٿئي ها.

ڪنھن به فڪشن جي ليک ۾ ٻه وٿون اهم هونديون آهن. هڪ: Unity of time and space ۽ ٻي Unity of Impression. ڪامياب لکاري ڪڏهن به قاريءَ/پاٺڪ کي منڍ کان پڇاڙيءَ تائين پنھنجي لکت جي پَڪَڙَ مان آجو ٿيڻ ناهي ڏيندو. اهائي تاثر جي وحدت هوندي آهي، جنھن جي کوٽ “گورک” کي ڪمزور ناول بڻائي ڇڏيو آهي.

گورک جي نالي بابت به آلکاڻين ۽ ٻين ذاتين جي ماڻهن جون ڏند ڪٿائي/لوڪ روايتون بيان ڪيون ويون آهن. آلکاڻين جو چوڻ آهي ته گورک اصل ۾ ٻروچيءَ جو لفظ گرک آهي جيڪو بگهڙ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جيڪو ڦري گورک ٿي ويو آهي. ۽ گرک جي معني ڏکيو ڪئي اٿس، جنھن لاءِ مثال ڏنو اٿائين گورک ڌنڌو.

فارسيءَ ۾ بگهيڙ کي گُرگُ چئبو آهي جيڪو بلوچيءَ ۾ گورغ/گرک ٿي ويو. پر هن گورک جو لاڳاپو بلوچي سان ناهي. ڇو ته هزارين سالن کان انهيءَ جبل جي آس پاس سنڌي سماٽ قبيلا رهندا آيا آهن. مستونگ، قلات، خضدار کان وٺي دريجيءَ تائين اهو سمورو علائقو ڇُٽن جو هو. جڏهن سنڌي سناتن ڌرم کان پوءِ ٻوڌي ۽ جيني ڌرم ڏي ويا تڏهن ٻوڌين جي مشھور ناٿن جا پوئلڳ به بڻيا. سنڌ ۾ گرو گورک ناٿ، پارس ناٿ، مڇيندر ناٿ جي مڃتا تمام گهڻي رهي آهي. ننگر پارڪر ڏي گوڙي جا ڏھرا اصل ۾ پارس ناٿ جي پوڄا جو مرڪز رهيا آهن. گورک جي چوٽي به گورک ناٿ جي ڪري سڏي وئي آهي. سُڄاڻ ليکڪ جو ڪم آهي ته هُو روايتن سان گڏ تاريخي سچاين کي به نظر ۾ رکي.

بھرحال آس اها آهي ته اڪرم قمبراڻي همت نه هاريندو ۽ لکندو رهندو.

 

(ننگر چنا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment