Wednesday, December 20, 2023

توتا - انور علي - ننگر چنا

توتا

پنجابي ڪھاڻي

انور علي

ترجمو: ننگر چنا



جي اڄ فرائيڊ جيئرو هجي ها تہ خبر ناهي تہ انهيءَ بابت ڇا چوي ها، پر مون کي توتا زَهرُ لڳندا آهن. پھريون توتو سليم هو، خبر ناهي تہ ڪنهن هُنَ جو نالو توتو رکيو هو، پر هُنَ جو نَڪُ صفا توتي جي چُنھُنبَ جھڙو هو. هُو پڙهڻ لکڻ ۾ ڏاڍو هوشيار هو. ڇوڪرا ڇون ٿا تہ هُو اڌ اڌ رات تائين پڙهندو رهندو هو، پر جڏهن کيس ماستر مانيٽر بڻايو ۽ هُنَ جي باقي بچيل اڌ راتِ وچ ۾ ئي مارجي وئي ۽ هُو سڄي رات انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ جاڳندو رهندو هو تہ جنھن ڏينھن هُنَ پنجٽيھن کان گهٽ شڪايتون پھچايون، انهيءَ ڏينھن ماستر سندس مانيٽري کسي وٺندو ۽ اختيار هٿ ڪرڻ لاءِ ماڻهو ڇا ناهي ڪندو!؟ هُنَ منھنجيون ڪي ڏهن هزارن کان وڌيڪ شڪايتون ڪيون هونديون. منھنجو جيڪڏهن وَس هلي ها ته هُنَ کي پراڻي درياءَ جي سڀ کان پراڻي ڪُنَ ۾ ڌڪو ڏئي اچان ها. هُو اڄ ڪلهہ ولايت منجهہ آهي ۽ انگريزن جي ٻارن کي انگريزي پڙهائيندو آهي. هُو جڏهن بہ لاهور ايندو آهي تہ مون سان ملڻ ضرور ايندو آهي. ائين جيئن ڄڻ تہ ڪڏهن ڪجهہ ٿيو ئي نہ هو. سليم پاڻ تہ ولايت هليو ويو پر منھنجي پويان توتا ڇڏيون هليو ويو. توتن اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي تہ اُهي هُنَ جيون ۾ مون کي سُکَ سان جيئڻ ڏيندا ئي ڪو نہ ۽ مون کي لڳندو آهي تہ منھنجي مُئٖي کان پوءِ اِهي منھنجي قبر تي آکيرا ٺاهي ويھندا.


مون کان اڳ مون واري فليٽ ۾ هڪڙو پارسي رهندو هو، جڏهن اِهو فليٽ ڪرائي تي وٺڻ جي لاءِ ڏسڻ ويو هئس تہ هُنَن پنھنجو ٽيڪ وُڊ جو فرنيچر منھنجي مٿي ۾ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اِها اُنهن ڏينھن جي ڳالهہ آهي جڏهن پاڪستان اڃا نئون نئون ٺھيو هو ۽ مان پنھنجيون سڀ کٽون مَنجيون لُڌياڻٖي ڇڏي آيو هيس. مان هرمز صاحب جو فرنيچر ضرور وٺان ها پر هُنَ جڏهن مون کي اهو ٻڌايو تہ فرنيچر سان گڏ هڪ توتو بہ مفت ۾ ملندُوَ تہ مان توتي جي اَٽڪل سمجهي ويس. اهو توتو گهڻو ڪُراڙو ۽ اکين کان ويٺل هو. هُرمز جنھن مھل کيس چوندو هو تہ “اچ!” تہ هُو آواز جي سِڌَ تي اچِي پنھنجي چُنھُنبَ پڃري مان ٻاهر ڪڍي وٺندو هو. هُرمز هُنَ جي چُنھُنبَ سان پيار جو اظھار ڪندو هو ۽ هُو موٽِي پنھنجي جاءِ تي وڃي ويھندو هو. انڌن حافظن وانگر هُنَ کي بہ پنھنجي پڃري جي جاگرافي چڱيءَ ريت ياد هئي. هُنَ جون اِهي ڳالهيون ڏسي شايد ڪو معمولي سمجهہ وارو ماڻهو دوکو کائي وڃي ها پر مان توتن جي پِتٖي کان واقف هيس، جَهٽ سمجهي ويس تہ مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. حافظ صاحب جي اٽڪل نہ هلي.

اصل ۾ انهيءَ کان ٿورو مُدو اڳ هڪ توتي مونکي ڏاڍو خوارُ خرابُ ڪيو هو ۽ اهو ڦَٽُ اڃا تازو هو. مان گاڏيءَ جي ڇت تي ويھي، لُڌياڻي کان پاڪستان اچي رهيو هئس. گاڏي هنڌ هنڌ بيھندي پئي آئي ۽ مون هر هنڌ لھي پنھنجي ماءُ کان پنھنجو بيمارُ پُٽُ وٺي، کيس تازي هوا ٿٖي کارائي. انهيءَ گاڏيءَ جي هڪ ٻئي دَٻي ۾ هڪ ٻُڍي مائي وٽ هڪ توتو بہ هو، هڪ پڃري ۾ بند. جتي بہ گاڏي بيٺي پئي تہ مان پنھنجي بيمار پُٽَ کي سَڄَرَ هوا جَهٽائڻ جي لاءِ لھي ٿي آيس، تڏهن اُنَ مائيءَ پنھنجو توتو مون کي ڏئي پَئي ڇڏيو ۽ چوڻ ٿي لڳي، “پُٽَ! هِنَ بي زبان کي بہ هَوا کاراءِ.“ مان ٻُڍي مائيءَ جي عمر جو لحاظ ڪندي، هڪڙي ڪُلهي تي گُهگُهو ۽ هڪ هٿ ۾ توتي جو پڃرو کنيون، ريل جي پٽڙيءَ سان گڏوگڏ ڦرندو پَئٖي رهيس. توتو ائين پَرَ ڦڙڪائيندو ۽ ٽِيئُون ٽِيئُون ڪندو ٿي رهيو، جيئن ڪو پھلوان ملهہ ماري، “يا علي!” جا نعرا هڻي رهيو هجي، تڏهن بلوچ سپاهي پنھنجين رائفلن جا ڪنداڪَ مون کي ڏيکاري چوڻ لڳندا هئا، “او توتا صاحبَ! جي پنھنجي جِندُ جو خير گهرين تہ گاڏيءَ ۾ چڙهي پَئُہ.“ هاڻ توهان ئي ٻڌايو تہ ڪو توهان جو ۽ توهان جي سڀ کان وڏي ويٖريءَ جو نانءُ هڪ ئي ساهيءَ۾ وٺي تہ توهان تي ڇا گذرندي!؟

اولاد ڏاڍي پياري وٿ آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ ماڻهوءَ کي قسمين قسمين سمجهوتا ڪرڻا پوندا آهن. هڪ ڀيري گُهگُهو ڪٿان ٻہ توتا کڻي آيو. انهن توتن مون سان جيڪا ڪئي سا مان ئي ڄاڻان ٿو. انهن ٻنهين جي هڪ هڪ کنڀڙاٽي ڀڳل هئي. اُهي سڄو ڏينھن کليل گهمندا وتندا هئا ۽ رات جو گُهگُهو کين هڪ پڃري ۾ بند ڪري، کين مُندَ مطابق ڪمري جي اندر يا ٻاهر رکندو هُئُنِ. اُهي ٽِيئُون ٽِيئُون ڪندا ۽ هِتِ هُتِ وِٺيون لاهيندا وتندا هئا. اُهي اندر ٻاهر ائين ڦرندا وتندا هئا ڄڻ تہ گهر جا مالڪ هجن ۽ جڏهن مان مزوري تان موٽندو هئس، تڏهن اُهي منھنجن پيرن هيٺان اچڻ جا جتن ڪندا هئا. انهن ۾ شھادت جو جذبو چوٽان چوٽ ڀريل هو، سو بہ منھنجن پيرن هيٺ اچي شھيد ٿيڻ جو. منھنجو مَنُ چاهيندو هو تہ انهن کي پڪڙي آڳر منجهہ اُڇلايان پر وري مون کي پنھنجٖي گُهگُهوءَ جو خيال ايندو هو تہ اهو توتن کان سواءِ ڪيئن ڪندو؟ ٻئي توتا گهر جي ٻين ڀاتين سان ائين رَلي مِلي ويا هئا، ڄڻ تہ سَڀُ هڪ ئي ڪُٽنبَ جا ڀاتي هجن،بس رڳو راشن ڪارڊ ۾ انهن جا نالا وِڌل ڪونہ هئا. هاڻ ڪو ماڻهو گهر جي ڀاتين کي تہ گهران ڪڍي نہ ڇڏيندو نہ. ها، مان پاڻَ گهر جي هنن ڀاتين کان تنگ ٿي ڳچ مھل گهر کان ٻاهر گذاريندو هئس ۽ لڙِيءَ رات جو گهر موٽندو هئس.

هڪ رات مان دير سان گهر موٽيس ۽ گُهگُهو دَرُ کوليندي ئي ويچارو مُنھُن ڪندي چوڻ لڳو،”ڊيڊي! توتا گم ٿي ويا.“ منھنجيءَ دل چيو هِنَ مھل ئي وڃي دُڪانَ کولرايان ۽ پاڙي جي ڇوڪرن کي جاڳائي، مٺائي ورهايان، پر اولاد وري بہ اولاد آهي. مون ائين نہ ڪيو. ايترو سو آهي تہ منھنجي واتان نڪري ويو، “پُٽَ! ٻلي کائي وئي هُوندَنِ.“ تنھن تي گُهگُهوءَ ويتر کڻي ٻُوٿُ روئڻھارڪو ڪيو. ورندي ڏينھن گُهگُهو اَسُرَ ويلي آيو ۽ چوڻ لڳو، “ڊيڊي! هڪ توتو ملي ويو آهي، اُهو ڊرائنگ روم جي درَ جي پٺيان ويٺو هو.“ انهيءَ ڏينھن گُهگُهو بھانو بڻايون، گهر ئي ويٺو رهيو. هُو اسڪول نہ ويو ۽ منھنجي وڃڻ کان پوءِ ٻئي توتي کي ڳولڻ لڳو. هن ڌُڪو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ٻيو توتو سامهون واري بالڪنيءَ مان هيٺ ويندڙ پائيپ ۾ ڪري پيو هوندو.

هُنَ جو ڌُڪو صحيح نڪتو. هُنَ جڏهن هڪ ننڍڙو ڀتر پائيپ ۾ اڇلايو تہ اُتان توتي ٽِيئُون ٽِيئُون ڪري ورندي ڏنس. اهو لوھَ جو پائيپ ڀت سان گڏوگڏ ڪي ويھ فُٽَ هيٺ وڃي دُڪانَ جي ٿڙي لڳ کُلندو آهي ۽ اُتان L جي شڪل ۾ اڳتي وڌي ناليءَ ۾ وڃي ڪرندو آهي. توتو ان جي ايل واري ڪنڊ ۾ وڃي ڦاٿو ۽ اُتي ئي ويٺو هو. دِڪو ڀڃڻ لاءِ گُهگُهوءَ مزور گهرايا هئا. مَزورن کي ڏسي دُڪاندار گڏ ٿي ويا. پوءِ وري واٽ ويندڙ بہ مڙي مُٺِ ٿيا. توتي وڏو ڪَٺُ گهرائي ورتو ۽ انهيءَ ڪَٺَ جا ماڻهو ٻن ٽولن ۾ ورهائجي ويا. اڌ ماڻهو گُهگُهوءَ جي پاسي ٿي ويا ۽ اڌ دُڪاندارن جي پاسي. دُڪاندارن جي اَڙِي هِنَ ڳالهہ تي هئي تہ اهو دِڪو اسان جو دَڳُ آهي هڪٻئي ڏي اچڻ وڃڻ جو ۽ اُهي هڪ توتي جي ڪري اِهو دِڪو ڀڃڻ نہ ڏيندا. گُهگُهوءَ جي ڀَرِ وٺڻ وارن جو چوڻ هو تہ گهڙي ٻن گهڙين جي تڪليف سان ڪھڙو فرق ٿو پوي، ننڍڙو اهو بہ تہ چوي ٿو تہ هُو اهو دِڪو وري ٺھرائي ڏيندو. هاڻ جالا پھلوان جي ڌُرِ وارا بہ ميڙ سان اچي رَليا. هُنَن سوچيو تہ هِنَ جهيڙي مان شايد ڪا اُپت بہ ٿي وڃڻ جي صورت نڪري اچي. اهو تہ سٺو ٿيو جو ٿاڻو پري هو نہ تہ پوليس وارا امن امان ۾ خلل پوڻ جو قلم کڻي پھچي وڃن ها. مزورن وچ ۾ پئي ڇَڏِ ڇَڏاءُ ڪرائي ورتو. هُنَن گُهگُهوءَ کي سمجهايو تہ دِڪو ڀڃڻ سان توتو بہ مري ويندو. هاڻ گُهگُهو ٻيون اٽڪلون سوچڻ لڳو. هُنَ منھنجي مڇي پڪڙڻ واري ڪانٽي سان پٿر ٻڌي پائيپ ۾ لاٿو. پٿر جڏهن وڃي توتي کي لڳو تہ توتو ٽِيئُون ٽِيئُون ڪري ڏورِيءَ سان چنبڙي پيو. هُنَ هاڻ ڏوريءَ کي پائيپ جي سِڌَ ۾ رکي هوري هوري ڇڪڻ شروع ڪيو ۽ ڪلما پڙهندي پڙهندي نيٺ توتي کي ٻاهر ڪڍي ورتو. هُنَ جُون کنڀڙاٽيون رت ۾ ڳاڙهيون ٿي ويون هيون، هُو ٻاهر نڪرندي ئي ڪري پيو ۽ بي هوش ٿي ويو. هاڻ گُهگُهوءَ ماءُ کي تڪڙ ۾ چانھ ٺاهڻ جو چيو ۽ منھنجي الماريءَ مان برانڊي ڳولهڻ لڳي ويو. هُنَ پاڳل کي اها چڱيءَ ريت خبر آهي تہ مان ۽ منھنجو پاڙيوارو هڪٻئي جي المارين ۾ پيئڻ واري ڪابہ شئي تيسيتائين نہ ڇڏيندا آهيون، جيسيتائين ٻُوساٽِجي نہ وڃي. اُنَ رات مان وري دير سان گهر موٽيس، وري گُهگُهوءَ ئي دَرُ کوليو ۽ منھنجي پُڇڻ کان سواءِ ئي چوڻ لڳو، “ڊيڊي! ٻيو توتو بہ ملي ويو آ!” مون کي ڪاوڙ تہ ڏاڍي آئي پر ائين ئي هُنَ جي دل رکڻ خاطر چيومانسِ، “ڪٿان؟” ۽ هُنَ توتي، پائيپ ۽ دِڪي واري سموري ڳالهہ ڪري ٻڌائي. مون کي تَنھن ويلَ اها پَڪَ ٿي وئي تہ گُهگُهو وڏو ٿي هڪ ناميارو لکاري بڻجندو ۽ پنھنجين ڳوڙهن ڀَريُن اکين سان سڄي دنيا جي سڀني نالي وارن لکارين کان وڏو لکاري مڃيو ويندو ۽ پنھنجي پيءُ ماءُ جو نالو ڪڍندو. مان اهو انهيءَ ڪري ٿو چوان جو منھنجي ۽ توتن جي وچ ۾ ورهن پراڻي ويرَ هُوندي بہ منھنجيون اکيون ڀرجي آيون. گُهگُهوءَ توتي جي مٿان ڪمبل وجهي، هُنَ کي هيٽر جي ڀَرِ ۾ رکيو هو. مان ڪمبل لاهڻ لاءِ اڳتي وڌيس تہ هُنَ منھنجو هٿ پڪڙي ورتو ۽ چوڻ لڳو، “نہ، ڊيڊي! نہ. هاڻي چانھ پي سُتو آهي. فجر جو ڏِسجوسِ.“ منھنجيون اکيون وري سُڪي ويون. گُهگُهوءَ بابت منھنجي دُڙڪي هلندڙ سوچَ هڪدم بيھي وئي ۽ اهو اَٺَ فُٽو لکاري مون کي هڪ گراٺِ ڄامڙو ڀاسڻ لڳو. گُهگُهوءَ جھڙو ڪِريل ماڻهو ڪڏهن بہ لکاري يا فنڪار نہ ٿو بڻجي سگهي.

انهيءَ کان پوءِ توتا وري اندر ٻاهر وِٺيُون لاهيندا ۽ ٽِيئُون ٽِيئُون ڪندا رهيا ۽ وري منھنجن پيرن هيٺان اچي شھيد ٿيڻ جا جتن ڪندا رهيا. هڪ ڏينھن رَحمي جي هٿان کٽ ڪري پئي. ان جو هڪ پائو سِڌو وڃي هڪ توتي جي پُٺيءَ تي لڳو ۽ هُو اُتي ئي شھيد ٿي ويو. ٻئي ڏينھن ٻئي توتي سامهون بالڪنيءَ مان ٽپو ڏئي خودڪُشي ڪري ڇڏي يا وري اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ هُو پنھنجي ساٿيءَ جي ساھَ ڏيڻ کان پوءِ بَنواس وَٺڻ گهرندو هجي ۽ هُنَ بالڪنيءَ تان اُڏارَ تہ ڀَري پر هُو هڪ ڳالهہ صفا وساري ويٺو هو تہ سندس هڪڙي کنڀڙاٽي ڀَڳل آهي ۽ هُو وڃي سڙڪ جي وچ تي ڪِريو. هُوڏانهن لاهور اومني بس وارن هڪڙي ٽئين نمبر واري بس شروع ڪئي هئي، جنھن جي ٽائمنگ هُنَن ائين رکي هئي تہ اها سڀني اسٽاپن تي بيھندي، سواريون لاهيندي، سائيڪل سوارن، ريڙهي ۽ رڪشا وارن کان بچندي، عين اِنهيءَ گهڙيءَ نڪلسن روڊ جي انهيءَ جاءِ تي پھچي، جتي اڌ سيڪنڊ اڳ توتو ڪريو هجي. اُهو توتو اَڌُ تہ بس جي اڳئين ٽائر سان گڏ هليو ويو، باقي اَڌَ جي اَڌَ کي گُهگُهو سڙڪ تان کُرڙي لاهي آيو ۽ هُنَ جي قبر آڳر ۾ اڳئين توتي جي قبر سان گڏ کوٽيائين.

ٽاڻو لنگهندو رهيو ۽ مان توتن کي وساري ويٺو هئس. ڪڏهن ڪڏهن مان هي بہ سمجهڻ لڳس تہ توتن مون کي وساري ڇڏيو آهي، پر هڪ ڏينھن مان سنانَ جاءِ ۾ وهنجڻ کان اڳ اُوچي اُوچي آواز ۾ ڳائي، بيخبر سسئيءَ کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس جو وري اُهوئي ٽِيئُون ٽِيئُون جو آواز ڪَنن تي پيم. مون کي ڪنبڻي وٺي وئي. وهنجڻ بنان ئي ٻاهر نڪري آيم. نُوران کي ٽُوال سان گڏ هڪ توتو پڪڙيل هئو ۽ ننڍڙي مانُو کيس چئي رهي هئي، “ڇَڏِينسِ... ڇَڏِينسِ.“ پر نُوران وڏي ڌيان سان توتي جي چُنھُنبَ ۽ ڳانيءَ ڏي ڏسندي رهي. جڏهن مون توتي کان بہ وَڌِ آواز ۾ نوران کي “ٽِيئُون ٽِيئُون” ڪئي، تڏهن نُوران پنھنجي نوڪري کسجڻ کان ڊڄندي توتي کي ڇڏي ڏنو، پر هُنَ کي وڃڻو وري ڪاڏي هو! هُنَ وڏي ڏکيائيءَ سان منھنجو گهر ڳولي لڌو هو. هُو اُڏي گهوني جي ڪمري ۾ ويو ۽ وَڃي سندس کَٽَ جي سيرانديءَ ويٺو. مون سوچيو تہ هي توتو مون کي بيمار ٿو لڳي ۽ هِنَ جي مرڻ جي پِٽَ اسان کي ئي لڳندي. هِنَ کي پڪڙي ٻاهر اڏائي ڇڏجي. گهونو پنھنجا ڪرڪيٽ وارا دستانا پائي، سيٽيون وڄائيندو، هن کي پڪڙڻ لاءِ اڳتي وڌيو، پر توتو هُنَ کان وڌ پڙهيو لکيو هو. هُنَ سِيٽين جو جواب سِيٽين سان ڏنو ۽ ٽي سيڪنڊ ترسي ٻہ ڀيرا پنھنجو نالو بہ ڏسيائين، “ميان مٺو.“ هاڻ نُوران وٺي رينگٽ شروع ڪيو تہ هي توتو ڳالهائي بہ ٿو، هِنَ کي پاڻ وٽ رکڻ کپي. توتي کي پائڻ جي لاءِ مانُو پنھنجو مالٽو کڻي آئي ۽ مانُو جي ماءُ پنھنجي ديڳڙي ماني ڇڏي، توتي کي ڏسڻ هلي آئي. مون کي ائين لڳو تہ مان ڄڻ تہ پاڻِي پَٽَ واري ميدان جي وچ ۾ ڊَٿو پيو هجان ۽ بابر جا سپاهي منھنجي آسي پاسي بيٺا کِلي رهيا هجن. جڏهن مون کي ڪجهہ سُرت آئي تہ پِڃري بابت ٿيندڙ ڳالهيون منھنجن ڪَنَنِ ۾ پيون. گهونو غائب ٿي ويو ۽ ان سان گڏ منھنجي گِڊي بہ. ڪجهہ ويرم کان پوءِ هُو ڪٻاڙَ مان هڪ پڃرو وٺي آيو ۽ مھيني جي ڇَوِيھِين تاريخ منھنجي کيسي مان پنج رُپيا ڪڍائي ورتائين. منھنجو خيال آهي تہ هُنَ پنجن رُپين مان ٻہ رُپيا ضرور ٽُڪي ورتا هوندا. هاڻ هِنَ توتي کي منھنجي نيرن کان بہ اڳ چُورِي ملندي هئي ۽ هُو ننڍڙي ۽ مانُوءَ کي گڏ ويھاري “ميان مِٺُو.“، “چُورِي کائڻي آ.“ جھڙي بڪواس ڪندو آهي. مان ڀَرِ مان لنگهندو آهيانسِ تہ هُو کَنگهڻ ۽ سِيٽيون وڄائڻ لڳندو آهي. ڪو سليم کان پڇي تہ ڪنھن جي اولاد کي پاڻ سان ٻَڌي، هُنَ کي ائين تنگ ڪرڻُ ڪٿان جي شرافت آهي. ڪميڻائپ جي بہ ڪا حَدَ هُوندي آهي!!

 

(ماهوار پنجابي رسالي،”پنچم”جي ڪھاڻي نمبر مان ترجمو ڪئي.)

(ماھوار امرتا حيدرآباد جي ڊسمبر ۲۰۲۳ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment